گل پلازہ سانحو: سڙندڙ انسان، بند دروازا ۽ بي حس نظام...؟

غلام مصطفىٰ جمالي

گل پلازہ سانحو: سڙندڙ انسان، بند دروازا ۽ بي حس نظام...؟

گل پلازہ ۾ لڳل باهه جو سانحو رڳو ڪراچي جو هڪ حادثو نه آهي، اهو پوري سماج، رياست ۽ نظام لاءِ هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان جي گڏيل بي حسي، غفلت ۽ انساني جان جي گهٽ اهميت صاف نظر اچي ٿي۔ جڏهن هڪ تجارتي عمارت باهه کان پوءِ قبرستان بڻجي وڃي، جڏهن دونهين ۾ ڦاٿل ماڻهو بند دروازن کي ڌڪا ڏين ۽ ٻاهران بيٺل ادارا رڳو منظر ڏسندا رهن، تڏهن اهو حادثو نه پر منظم ناڪامي بڻجي وڃي ٿو۔ هن سانحي ۾ هن وقت تائين 61 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 80 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن، جن بابت خدشو وڌندو پيو وڃي ته شايد اهي به باهه يا دونهين جي ور چڙهي ويا آهن۔ سڀ کان وڌيڪ دل ڏاريندڙ ۽ لرزايندڙ حقيقت اها آهي ته هڪ ئي دڪان مان لڳ ڀڳ ٽيهه لاش هٿ آيا آهن، جيڪي اهو ٻڌائين ٿا ته ماڻهو ڪنهن آخري اميد سان هڪ هنڌ گڏ ٿيا، شايد ڪنهن رستي جي کلڻ جي انتظار ۾، پر اهو انتظار سندن آخري ساھ بڻجي ويو۔ باهه لڳڻ جا لمحا، شاهدن جا بيان ۽ بچي ويل ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌائن ٿيون ته عمارت اندر حالتون انتهائي خطرناڪ هيون۔ دونهون ايتري تيزيءَ سان پکڙيو جو ڪيترن ماڻهن کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو ته ڇا ٿي رهيو آهي۔ جيڪي ماڻهو مٿي وارن فلورن تي هئا، انهن لاءِ هيٺ لهڻ جا رستا بند هئا يا دونهين سان ڀريل هئا۔ ايمرجنسي نڪرڻ لاءِ جيڪي دروازا هجڻ گهرجن ها، اهي يا ته بند هئا، تالن ۾ هئا يا دڪانن ۽ سامان سان روڪيل هئا۔ ماڻهو ڀڄڻ بدران دڪانن اندر لڪڻ تي مجبور ٿيا، پر دونهين سندن ساهه کسي ورتو۔ ڪيترن ماڻهن جون آخري فون ڪالون، وائس نوٽس ۽ پيغام اڄ به انهن خاندانن وٽ محفوظ آهن، جيڪي ٻڌائن ٿا ته اهي مدد لاءِ پڪاريندا رهيا، پر مدد وقت تي نه پهتي۔ لاپتا ماڻهن جا وارث سڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ حالت ۾ آهن۔ نه کين پڪ آهي ته سندن پيارو زنده آهي، نه اهو يقين ته هو فوت ٿي چڪو آهي۔ اسپتالن، مرده خانن ۽ سرڪاري آفيسن جا چڪر ڪاٽيا پيا وڃن۔ ڪنهن ماءُ کي چيو وڃي ٿو ته ڊي اين اي نمونو ڏيو، ڪنهن پيءُ کي چيو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو، ڪنهن زال کي چيو وڃي ٿو ته اڃا لسٽ مڪمل ناهي۔ اهو انتظار هر لمحي سان گڏ سندن دلين کي وڌيڪ زخمي ڪري رهيو آهي۔ سڙي ويل جسمن مان سڃاڻپ ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ ٻي سزا آهي، جتي وارث پنهنجن پيارن جي چهري کي نه پر باقيات کي ڏسي سڃاڻپ ڪن ٿا۔ اهي خاندان رڳو پنهنجن ماڻهن کي نه وڃائي رهيا آهن، پر هو اعتماد، تحفظ ۽ انصاف جو احساس به وڃائي رهيا آهن۔ اهڙا سانحا اوچتو ناهن ٿيندا، اهي سالن جي غفلت، ڪرپشن ۽ قانون جي کلي ڀڃڪڙي جو نتيجو هوندا آهن۔ غيرقانوني تعميرون، بغير منظوريءَ جي وڌايل فلور، ناقص ۽ پراڻي وائرنگ، فائر سيفٽي جي اصولن کان بي خبري، ۽ سرڪاري ادارن جي اک ٻوٽ، اهي سڀ گڏجي اهڙن واقعن کي جنم ڏين ٿا۔ ڪراچي جهڙي شهر ۾ هزارين عمارتون اهڙيون آهن، جتي نه فائر الارم سسٽم آهي، نه اسپرنڪلر، نه ايمرجنسي نڪرڻ جا واضح ۽ کليل رستا، نه عملي کي ڪنهن به قسم جي تربيت ڏنل آهي۔ هر عمارت جو مالڪ منافعي بابت سوچي ٿو، جڏهن ته سرڪاري ادارا ڪاغذن تي سڀ ڪجهه ٺيڪ هجڻ جي رپورٽ ڏئي ڇڏين ٿا، جيستائين ڪو وڏو سانحو سندن بي حسي کي ننگو نه ڪري ڇڏي۔ گل پلازہ سانحي کان پوءِ به روايتي بيانن جي ورجاءُ ڏسڻ ۾ آيو۔ چيو ويو ته جاچ ٿيندي، ذميوارن کي نه بخشبو، شفاف تحقيق ڪئي ويندي۔ پر قوم پڇي ٿي ته ڇا هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڪنهن وڏي سانحي کان پوءِ حقيقي احتساب ٿيو آهي؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسر کي سخت سزا ملي آهي؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن بااثر عمارت مالڪ کي مثال بڻايو ويو آهي؟ يا هر ڀيري وانگر ڪجهه مهينا گذرڻ بعد فائيل بند ٿي ويندو ۽ نئون سانحو نئين نالي سان تاريخ جو حصو بڻجي ويندو؟ ريسڪيو ادارن جو ڪردار به هن سانحي ۾ بحث هيٺ آيو آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريسڪيو عملي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر محدود وسيلن، پراڻين گاڏين، ناڪافي اوزارن ۽ تنگ رستن سبب سندن ڪم انتهائي ڏکيو بڻجي ويو۔ فائر برگيڊ کي ڪٿي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، ڪٿي دونهين سبب اندر داخل ٿيڻ ناممڪن ٿي ويو۔ اهو سوال اٿجي ٿو ته جڏهن شهر ۾ بلند عمارتون وڌنديون پيون وڃن، ته پوءِ ريسڪيو ادارن کي جديد سهولتون ڇو نٿيون ڏنيون وڃن؟ ڇا انساني جان ايتري سستي آهي جو ان جي حفاظت تي خرچ ڪرڻ غيرضروري سمجهيو وڃي؟ عوام جي راءِ سخت ۽ بي رحم آهي۔ ماڻهو چون ٿا ته هتي انساني جان جي ڪا قيمت ناهي، خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي جي۔ امير ماڻهو محفوظ عمارتن، خانگي سيڪيورٽي ۽ نجي اسپتالن ۾ پاڻ کي بچائي وٺن ٿا، جڏهن ته مزدور، دڪاندار ۽ عام شهري اهڙين عمارتن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي موت هر وقت سندن مٿان لٽڪيل هوندو آهي۔ عوام مطالبو ڪري ٿو ته رڳو جاچ نه، پر فوري ۽ سخت سزا ڏني وڃي، عمارتن جي مڪمل سيفٽي آڊٽ ڪئي وڃي، ۽ فائر سيفٽي قانونن تي بنا ڪنهن رعايت جي عمل ڪرايو وڃي۔ گل پلازہ جو سانحو اهو به سيکاري ٿو ته روڪٿام ئي واحد حل آهي۔ جيڪڏهن عمارتن ۾ فائر الارم، اسپرنڪلر سسٽم، ايمرجنسي نڪرڻ جا کليل رستا، ۽ باقاعده حفاظتي مشقون ٿين، ته ڪيترين جانين کي بچائي سگهجي ٿو۔ جيڪڏهن سرڪاري ادارا رشوت بدران ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪن، جيڪڏهن عمارت جا مالڪ منافعي بدران انسانيت کي ترجيح ڏين، ته اهڙا واقعا گهٽجي سگهن ٿا۔ پر افسوس، اسان وٽ هر شيءِ سانحي کان پوءِ ياد اچي ٿي، ۽ ڪجهه وقت بعد وسري وڃي ٿي۔ آخر ۾ سوال اهو آهي ته گل پلازہ جا مقتول رڳو انگ هئا يا انسان؟ ڇا انهن جا خواب، اميدون، خاندان ۽ مستقبل ڪنهن رپورٽ کان گهٽ قيمتي هئا؟ ڇا لاپتا ماڻهن جا وارث هميشه اهڙي اذيت ۾ رهندا؟ جيڪڏهن اڄ به اسان نه جاڳياسين، جيڪڏهن اڄ به نظام کي نه بدلاسين، ته سڀاڻي ڪنهن ٻي عمارت ۾، ڪنهن ٻي باهه ۾، اهڙو ئي ماتم ورجائبو، ۽ وري ڪا ماءُ، ڪو پيءُ، ڪو ٻار، پنهنجي پيارن کي سڙيل حالت ۾ سڃاڻڻ تي مجبور ٿيندو۔ گل پلازہ جو سانحو انصاف گهري ٿو، ۽ اهو انصاف رڳو لفظن سان نه، پر عمل سان ڏيڻو پوندو۔