نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

شهري اتحاد جي سڏ تي مين اسڪول کان ريلي ڪڍي ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو، نعريبازي

نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود واپس نه ٿيڻ خلاف شهرين، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. شهري اتحاد نصيرآباد جي سڏ تي مين اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا نصيرآباد ٿاڻي اندر ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي. ڌرڻي ۾ شهر جي سياسي، سماجي ڌرين، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ سينگار نوناري، خدا بخش سانگھرو، زاھد علي تنيو، ياسين علي ڦلپوٽو، ضمير حسين مغيري ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ ۽ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نه چوري واپس ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي چور گرفتار ٿيا آهن. هنن چيو ته اسڪول مان ٿيل چوري خلاف چوٿون ڀيرو ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو آهي، پر ان باوجود ايس ايڇ او موڪل تي روانو آهي ۽ ڪو به ضلعي آفيسر احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي. اڳواڻن الزام لڳايو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن پاران به واقعي جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو. احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيسين اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائي ۽ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا، تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو. هن سلسلي ۾ شهري اتحاد پاران هنگامي گڏجاڻي پڻ گهرائي وئي آهي، جنهن ۾ ايندڙ احتجاج لاءِ فيصلا ورتا ويندا .