نوجوان نسل نفرت انگيز مواد کان پاسو ڪندي مثبت سوچ ۽ تعميري طرزِ عمل کي هٿي ڏئي: عبداللطيف سولنگي

نوجوان نسل نفرت انگيز مواد کان پاسو ڪندي مثبت سوچ ۽ تعميري طرزِ عمل کي هٿي ڏئي: عبداللطيف سولنگي

نوشهروفيروز (ڊ ر)صحافت (ميڊيا اسٽڊيز ) جي ذيلي شعبن ڊاڪيومينٽري، فلم ميڪنگ ۽ ڊجيٽل براڊڪاسٽنگ جا شاگرد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو آواز بڻجي معاشري ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار ضلعي نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات عبداللطيف سولنگي ماڊرن انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊيولپمينٽ سينٽر نوشهروفيروز ۾ منعقد ٿيل خصوصي ليڪچر کي خطاب ڪندي ڪيو. هي ليڪچر حڪومتِ پاڪستان پاران نيوٽيڪ جي تحت جاري پرائم منسٽر يوٿ ٽريننگ اسڪيم ۾ چونڊيل ميڊيا اسٽڊيز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته جديد دور جي تقاضن موجب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت به تيزي سان وڌي رهي آهي. نوجوان نسل کي گهرجي ته هو نفرت انگيز مواد کان پاسو ڪندي مثبت سوچ ۽ تعميري طرزِ عمل کي هٿي ڏين ته جيئن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ابلاغِ عامه جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري نوجوان نه صرف معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا پر پنهنجي لاءِ عزت ڀريا روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ اطلاعات کاتي جي سينئر فوٽوگرافر محمد قاسم گوندل پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ تصويري عڪاسي جي موضوع تي پنهنجي پيشيوراڻي تجربن کان شاگردن کي آگاهه ڪيو. هن عملي مثالن ذريعي ٻڌايو ته هڪ اثرائتي تصوير خبر جي اهميت کي چٽو ڪري ٿي ۽ ابلاغ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿي. هن چيو ته خبر نه پر تصوير ڳالهائيندي آهي، ان ڪري شاگرد پنهنجي تصوير يا وڊيو ٺاهڻ وقت ڪوشش ڪن ته تصوير ذريعي اصل صورتحال جي نشاندهي ٿي سگهي. ان موقعي تي ايم آئي ٽي سينٽر نوشهروفيروز جي ڊائريڪٽر زاهد چنا مهمانِ خصوصي کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ پيش ڪيو ۽ اداري جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته سينٽر ۾ مختلف فني ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرام جاري آهن جن ذريعي نوجوانن کي هنرمند بڻايو پيو وڃي.ميڊيا اسٽڊيز جي انسٽرڪٽر ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز نوشهروفيروز جي نمائندي نعمان چنا ۽ صفدر علي عمراڻي اداري ۾ جاري علمي ۽ هنري ڪورسز بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي.