اڄ عمر ڪوٽ ۾ مارويون ..!

ساقي ارشاد لورڙ 

اڄ عمر ڪوٽ ۾ مارويون ..!

عمرڪوٽ جي مٽي تاريخي ورثي، صوفي روايتن ۽ گڏيل سماجي ساهه جي علامت رهي آهي، پر جڏهن ساڳئي ڌرتيءَ تان اهڙا ويڊيوز وائرل ٿين تصويرون سامهون اچن ٿيون جن ۾ غريب عورتن کي پوليس تذليل ڪري کنڀي وين ۾ زبردستي ويهاريو پيو وڃي، ھن جي گھرن ۾ نياڻن سان پڪي پوڙھي ويچاري مظلوم عورتن سان تہ حقيقتن افسوس ۽ دل خراش ٿئي وڃي ٿي نه چاھيندي به ھن پوليس جي واٺن تہ لکڻ ھن جي ڪرتوتن تي لکڻ عام ٿي وڃي ٿو ھڪ پاسي سڄي سنڌ قبضو ٿي وئي آ اتي پوليس انتظاميان ڪورٽ ۽ سڀ وڏيرا ۽ انھن جا واٺا خاموش ٻئي پاسي قبرستان ڊاھي گھر بڻائيندڙن پلاٽنگ ڪندڻن يا چوان تہ بھريا ٽائون ۽ رياض ملڪ جھڙن جي خلاف تہ حڪومت روبين جو ڪورٽ سڳوري يا پوليس سڳوري ڪو بہ قدم نه پئي کڻي اھڙا بلڊر مافيا جوڙ جن کي ھي پڻ سپورٽ ڪندڙ نظر ايندا رھن ٿا باقي جي ھي مظلوم جيڪي سوين سالن کان اتي آباد آھن انھن غريب سولنگي ويچارن سان ايڏي ناجائزي تي دل افسردا آھي حقيقت تہ ھنن جا اھي حال ڏسي ھاڻ ھنن لئي چڙ ڪاوڙ ھن غصو دل مان نڪتي آيو آھي مونکي تہ افسوس ٿو ٿئي تہ ھي سماج آخر وڃي ڪا ڏانھن پيو ھڪ طرف مظلوم ۽ ٻئي طرف طاقت جو نشو جنھن اڳيان ھر مظلوم به يارو مدد گار بڻيو پيو آ ڪنهن کي ماري خور ثابت ڪيو وڃي ڪنھن کي زخمي ڪري چور ثابت ڪري ڇڏين ڪير پڇڻ وارو ئي ناھي ھڪ افسوس جو عالم تہ اھو آ انسان حقوق جا ادارا خاموش جيئن اسرائيل جي جنگ ھجي ۽ فلسطين لئي ڳالھائڻ تي پابندي افسوس ادا افسوس الائي ڪڏھن اسان کي اظھار جي آزادي ملندي . ڪجھ ويڊيوز ۾ عورتن کي زمين تي گهليندي ڏٺو پيو وڃي، ڇا ھر پلاٽ جي قبضي کي ختم ڪرائڻ لئي پوليس اھو ڪردار ادا ڪندي آھي ڪٿي غريبن جي ٻنن ٻارن زمين کائڻ دڪانن تي طاقتور ماڻھن جي قبضي ھٽائڻ لئي تہ ادارن کي مون ايئن حرڪت ڪندي ناھي ڏٺو پوءِ اهو رڳو هڪ غريب مسڪين خاندان سان ھي ايڏو سخت رويو ڇو هڪ پلاٽ جو مسئلو جنھن ۾ نياڻن جي تذليل ٿئي ، ھي تذليل ڄڻ تہ سڄي سماج جي ضمير لاءِ سوال بڻجي وئي ،  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۽ تصويرن عمرڪوٽ جي هڪ پلاٽ واري تڪرار کي عام بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو آهي. ھڪ ايم پئي سنڌ جو منسٽر صاحب چئي پيو مان صبح کان وٺي ميٽنگن ۾ گابو ھيس مونکي ھاڻي خبر پئي آ مون ايس ايس پي کي فون ڪئي ھن ٻڌايو ته عدالت سڳوري جو حڪم ھيو زمين خالي ڪرائڻ جو باقي به مون تفصيل ۽ ھن کي چيو آھي تہ ھو معلومات ڪري جيڪي به ذميدار آھن انھن خلاف ڪارروائي ڪري افسوس اھڙا بيان . قانوني طور عدالت جو حڪم حتمي حيثيت رکي ٿو، پر جڏهن ان حڪم تي عملدرآمد جو منظر انساني تذليل سان جڙيل نظر اچي، تڏهن بحث جو مرڪز قانون کان هٽي انسانيت بڻجي وڃي ٿو. زمين جا تڪرار سنڌ ۾ نوان ناهن. وڏيرائپ، ڪمزور دستاويز، پراڻا سوداگرانه معاهدا، زباني واعدا ۽ ڪاغذن جي کوٽ سبب ڪيترائي خاندان سالن تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. اهڙن ڪيسن ۾ گهڻو ڪري هڪ ڌر مالي ۽ سماجي طور مضبوط هوندي آهي، ٻي ڌر ڪمزور. جڏهن ڪمزور ڌر هارائي ٿي ته ان لاءِ فيصلو رڳو قانوني هار نه، پر سڄي زندگيءَ جو ڦيرو هوندو آهي. ھي سولنگي خاندان واقعي غريب آهي، سندن گذر سفر ۽ ڪچن گھرن مان اندازو لڳائي سگھجي پيو تہ ھنن جي زندگي ڏکيائين ۽ محرومين جو شڪار آھي ان اباڻن گھرن سان سندن روح رکيل آھي ھنن جا ھزارين احساس انهيءَ پلاٽ يا گهر سان جڙيل آھن، ھي به دخلي سندن لاءِ معاشي تباهيءَ احساساتي محرومي برابر آهي ڪو بہ گهر رڳو اينٽن جو ڍانچو ناهي اهو عزت، سڪون، يادگيرين ۽ سڃاڻپ جو مرڪز هوندو آهي. عدالت جو فيصلو قانوني دستاويزن، شاهدين ۽ دليلن جي بنياد تي ٿيندو آهي. پر جتي غربت عيوض نه وڪيل ھجي نه ڪو ادارن ۾ جان پھچان سڃاڻ ھجي ، جتي ھر ادارو بالادستي ۽ ڪرپشن جو مرڪز بڻيو پيو ھجي اتي جھڙا فيصلا ڪھڙي نيت تي ھوندا انھن جو حقيقي عڪس ڇا ھوندو سو تہ اندازو لڳائي سگھجي ٿو ، عدالتي حڪم کي تسليم ڪرڻ بنيادي اصول آهي. پر ساڳئي وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اهو به فرض آهي ته عملدرآمد دوران انساني وقار کي برقرار رکن. جيڪڏهن عورتن کي گهلڻ، وارن کان ڇڪڻ، يا گهرن ۾ گهڙي کين زبردستي کڻڻ جا ھي انسان ذات جو روح رنجائڻدڙ منظر جيڪڏھن اھڙا فيصلا يا انھن تي عملدرآمد وڏيرن ڀوتارن رئيس. جاگيردارن بااثرن خلاف به اھڙي ئي ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ٻئي پاسا انصاف جا اھڙا ھجن جيڪڏھن غريب جي فرياد تي به اھڙو ئي ردعمل اچي ته خوشي ٿئي ھر غريب قتل ٿئي تہ ايف آء آر ڪٽرائيڻ لئي روڊن تي الش رکي ڌرڻا ھڻڻ لئي مجبور تہ ٻئي پاسي ھڪ فون تي مظلوم ٻڪريون چارڻ واري تي دھشت گردي جي قلمن سان آيف آء آر داخل اھڙي انصاف جي نظام تي دل افسردا آھي اهو عمل اڄ پوليس جو ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي اخلاقي حدن تي سوال کڙو ڪري ٿو. پوليس کي طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار ضرور آهي، پر اهو اختيار بي لگام نه آهي. انساني حقن جا عالمي اصول ۽ ملڪي قانون ٻنهي اهو چون ٿا ته طاقت جو استعمال ضرورت جي حد تائين ۽ متناسب هجڻ گهرجي. عورتن سان لاڳاپيل معاملن ۾ خاص حساسيت جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي سماج ۾ عورت جي عزت خانداني ۽ برادريءَ جي عزت سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪارروائي دوران عورتن کي عوامي طور تي ذليل ڪيو وڃي، ته ان جا نفسياتي اثر گهڻا گهاٽا ٿين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ رياست جو ڪردار صرف حڪم تي عمل ڪرائڻ نه، پر تڪرار کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف سان حل ڪرڻ به آهي. ڇا انتظاميا ڳالهين ذريعي ڪو ٻيو متبادل رستو پڻ اختيار ڪري سگهي پئي؟ ڇا متبادل رهائش يا عارضي بندوبست بابت سوچيو ويو؟ اھي سوال دل مان نڪرن پيا . اڄ حقيقت تہ سوشل ميڊيا تي فخر ٿئي رھيو آھي ھي ڪانون ھي اداري جي بااثر نظام مظلوم جي لڄالٽ لئي ٿيندڙ فيصلا چور آزاد گلغريب بي ڏوھي سزايافتا مجرم اھڙي وقت ھي سوشل ميڊيا جيڪا ڀرپور ڪم ڪري رھي آھي جنھن تي انسانيت جو درد رکندڙ دوست عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري آلا اعوانن تائين پھچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرن ٿا نت مسئلا اڳ جيئان پراڻا ٿي ويندا ھيا ۽ ماڻھو پنھنجي موت ماريا ويندا ھيا مظلوم بنا چون چپات جي ، سو اڄ سوشل ميڊيا هن واقعي کي تيزي سان عام ڪيو. فيس بڪ تي هزارين شيئرز ۽ تبصرن ماڻهن جي اندر موجود بيچيني ظاهر ڪئي. ڪي ماڻهو پوليس کي قانون تي عمل ڪندڙ سمجهي رهيا آهن، ته ڪي ان کي طاقت جي بي جا استعمال طور ڏسي رهيا آهن. سچ شايد وچ ۾ ڪٿي هجي، پر شفاف جاچ کان سواءِ حقيقت سامهون نه ايندي. سوشل ميڊيا جو دور آهي هر تصوير ۽ وڊيو هڪ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، پر مڪمل تصوير ڏسڻ لاءِ غيرجانبدار تحقيق ضروري آهي. هتي هڪ اهم پهلو اهو به آهي ته زمين جا تڪرار گهڻو ڪري ڊگهي عرصي تائين هلن ٿا. جيڪڏهن ڪيس سالن کان هلندڙ هو ته ٻنهي ڌرين تي ذميواري هئي ته قانوني حڪمت عملي سان اڳتي وڌن. جيڪڏهن سولنگي خاندان وٽ دستاويز هئا ته اپيل جو حق به موجود هوندو. جيڪڏهن مدعي وٽ مضبوط ڪاغذ هئا ته عدالت کيس حق ڏنو. پر ڪنهن به صورت ۾ عملدرآمد جو انداز اهڙو نه هئڻ گهرجي جو سماج ۾ خوف ۽ نفرت وڌي وڃي. ادارن کي اهو به سوچڻو پوندو ته اهڙن واقعن جو ڊگهي مدي وارو اثر ڇا ٿيندو. جڏهن غريب ماڻهو ڏسندا ته سندن گهر ڪنهن به وقت خالي ڪرائي سگهجي ٿو، ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کين ذليل ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ رياست تي اعتماد گهٽجندو. رياست ۽ شهري جي وچ ۾ تعلق اعتماد تي بيٺل هوندو آهي. جيڪڏهن اهو اعتماد ٽٽي وڃي ته پوءِ قانون جي حڪمراني به ڪمزور ٿيندي.  ھا. اسان جي ادارن کي اھو پڻ سوچڻ کپي تہ اھڙن مسئلن ۾ ماڻھن جي گھرن ۾ گھري عورتن ۽ ٻارن جي تذليل نه ڪئي وڃي مستقبل ۾ اهڙن ڪيسن لاءِ واضح گائيڊ لائينز جاري ڪيون وڃن ته عورتن ۽ ٻارن جي موجودگي ۾ ڪارروائي ڪيئن ڪجي.  عمرڪوٽ جو هي واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته طاقت ۽ رحم، قانون ۽ اخلاق، حڪم ۽ همدردي—اهي سڀ گڏجي ئي هڪ صحتمند سماج جو بنياد بڻجن ٿا. سولنگي خاندان جي عورتن جون تصويرون واقعي سندن تڪليف جو عڪس آهن سماج کي سندن آواز ٻڌڻ گهرجي اسان اهڙو سماج چاهيون ٿا جتي غريب روبين اميد ھر ماڻھون پنھنجي عزت وقار خودمختيار ظاھر جي آزادي ماڻيندڙ ھجي ھينء عورتن جون دانهن سوشل ميڊيا تي وائرل نہ ٿين.