ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، حنان عباسي ۽ ٻين جي پريس ڪلب باقراڻي جي صحافي بشير شيخ سان تعزيت
باقراڻي (رپورٽر) جسقم مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌين جي آهي ۽ رهندي، سنڌ خلاف هر ناپاڪ سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، ان سلسلي ۾ تمام قوم پرست ڌريون ۽ سنڌي قوم هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن، ان سلسلي ۾ جي ڊي اي پاران 5 مارچ تي حيدرآباد ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان سمجهو ٿا ته پاڪستان جا اقتداري ڌر ظاهري طور هڪهڙا آهن ته پس پردہ حڪومت هلائڻ وارا ٻيون ڌريون آهن، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو ڇڏيل شوشو سنڌ خلاف سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري هڪ محرو آهي جنهن جي ڪابه ذاتي حيثيت ناهي، اصل ۾ گورنر وفاق جو نمائندو آهي ۽ صدر کي هٽائڻ جا پڻ اختيار حاصل آهن ۽ صدر آصف علي زرداري آهي، ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اهو سڄو پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڳٽ جوڙ آهي، سنڌي قوم پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي سازش مان چڱي ريت واقف آهن هن کين سنڌ ۽ مهاجر ڪارڊ استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته گورنر سنڌ کي ڪوبه حق ناهي ته هو ڪنهن به سياسي پارٽي جو اجلاس گورنر هائوس ۾ سڏائي ۽ سنڌ خلاف سازش ڪري ،گورنر هائوس سنڌ جي ملڪيت آهي، اھڙي طرح هر عمل جي جسم مذمت ڪندي جيڪا سنڌ ۽ سنڌ جي وجود خلاف هجي، اسان سنڌ جو هڪ انچ به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، هر موڙ ۽ محاذ تي مذمت ڪبي پنهل ساريو چيو ته سنڌ جاگرافي طور تي هڪ وطن آهي ۽ وطن ٽڪرا نه ٿيندو آهي، هر اها سازش ناڪام بڻائي ويندي جيڪا سنڌ کي هوندي، گورنر سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن پاران ڪراچي کي صوبو بڻائڻ واري ڳالھ احمقانه آهي، اها سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي گهري سازش آهي
جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، جساف مرڪزي صدر حنان عباسي ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب باقراڻي جي صحافي بشير شيخ سان سندس امڙ جي وفات تي پريس ڪلب باقراڻي ۾ اظهار تعزيت ڪئي، ان کان علاوه باقراڻي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻ شاهد تنيو، يوسي مڏباهو جي چيئرمين رئيس مظفر حسين چانڊيو سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڪامريڊ محمد نواز چانڊيو سان چاچي جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي.
0 تبصرے