ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي نمائندن جو تعارفي اجلاس

اجلاس ۾ ضلعي اندر جاري فلاحي، تعليمي، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي نمائندن جو تعارفي اجلاس

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ۽ غير مقامي اين جي اوز جي نمائندن جو هڪ اهم تعارفي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي اندر جاري فلاحي، تعليمي، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي پڻ موجود ھو - اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت چيو ته هن اجلاس جو بنيادي مقصد ضلعي انتظاميا ۽ اين جي اوز وچ ۾ اثرائتو رابطو قائم ڪرڻ ۽ جاري منصوبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي، ته جيئن عوامي ڀلائي وارا قدم وڌيڪ موثر بڻائي سگهجن. هن نمائندن کان سندن جاري ۽ مڪمل ٿيل منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ ايندڙ لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي ۾ سماجي خدمتن جي شعبي ۾ وڌيڪ منظم ۽ هدف تي ٻڌل ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري انهن پٺتي پيل علائقن ۾ جتي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. هن منشيات خاص ڪري گٽڪي جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هن ناسور سبب نوجوان نسل تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي هنڌن تي آگاهي مهم هلائڻ انتهائي ضروري آهي. هن راندين جي واڌاري، سرڪاري اسڪولن جي مرمت، تعليمي معيار جي بهتري ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي به زور ڏنو. ڪوسٽل بيلٽ ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ مينگروز جي شجرڪاري کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته ان حوالي سان خاص قدم کنيا وڃن ته جيئن سائيڪلون ۽ ٻين آفتن جي نقصان کي گهٽائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته جن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت موجود ناهي، اتي آر او پلانٽ لڳايا وڃن، بي گهر مستحق ماڻهن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏني وڃي ۽ جتي پبلڪ واش رومز جي کوٽ آهي، اتي وڌيڪ توجهه ڏني وڃي. هن لائبريرين کي فعال بڻائڻ ۽ انهن کي ضروري ڪتابن ۽ سهولتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، خاص ڪري تاريخي هنڌ ڀنڀور ۽ مڪلي ۾ علمي سرگرمين جي واڌاري لاءِ لائبريريون قائم ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن پبلڪ پارڪن ۾ سهولتن جي بهتري، گرين بيلٽ ۾ شجرڪاري، تاريخي شاهجهان مسجد جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ عوامي فلاحي منصوبن ۾ عملي ۽ نمايان ڪم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي هن اين جي اوز جي نمائندن کي ڀنڀور سائيٽ تي مينگروز جي شجرڪاري مهم ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. اجلاس دوران اين جي اوز پاران اين او سيز جي جاري ٿيڻ ۾ دير بابت مسئلا سامهون آندا ويا، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر مڪمل يقين دهاني ڪرائي ته اين او سيز جاري ڪرڻ جو عمل شفاف ۽ تيز ڪيو ويندو ته جيئن فلاحي منصوبن ۾ ڪا به رڪاوٽ نه پوي. اين جي اوز جي نمائندن ضلعي انتظاميا جي سهڪار کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو عوامي خدمت جي جذبي تحت انتظاميا سان گڏجي ضلع ٺٺه جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.