ملير جي ڀٽائي آباد ۽ بختاور ڳوٺ گندگي جي ور چڙهيل، عوام سخت پريشان

ملير جي ڀٽائي آباد ۽ بختاور ڳوٺ گندگي جي ور چڙهيل، عوام سخت پريشان

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۽ يوسي 09 بختاور ڳوٺ ۾ يوسي انتظاميه جي نااهلي ۽ غفلت سبب علائقو عملي طور گندي پاڻي جو ڍير بڻجي ويو آهي. گذريل ڪيترن ئي هفتن کان گٽرن جو پاڻي گهٽين، رستن ۽ بازارن ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب روزاني زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ۽ انساني صحت کي گھڻو خطرو لاحق ٿي ويو آهي. ڀٽائي آباد جي بلاڪ بي، سي ۽ مين بازار جون گهٽيون مڪمل طور گٽرن جي پاڻي سان ڀرجي ويون آهن، جتي هلڻ ڦرڻ ته پري، پر ساھ کڻڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.علائقي واسي ٻڌائن ٿا ته گٽرن جي گندي پاڻي مان بدبوءِ، مڇرن جي واڌ ۽ گندگي سبب چمڙي جون بيماريون، مليريا، بخار، پيٽ جون تڪليفون ۽ ٻيون موذي بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن. خاص طور معصوم ٻار، عورتون ۽ بزرگ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ڪيترن گهرن ۾ ٻار چمڙي جي خطرناڪ الرجي ۽ زخم جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته مليريا ۽ بخار جا ڪيس به روز بروز وڌي رهيا آهن.علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته نماز پڙهڻ لاءِ مسجدن ڏانهن ويندڙ نمازي به ان ناپاڪ ۽ بدبودار پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن، جيڪو تمام تڪليف ڏيندڙ عمل آهي. گهٽين ۾ بيٺل پاڻي سبب اسڪول ويندڙ ٻار، ڪم تي ويندڙ مزدور ۽ روزگار لاءِ نڪرندڙ ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي ايترو ته بيٺو آهي جو موٽر سائيڪل ۽ سائيڪل به هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.عوام جو وڌيڪ چوڻ آهي ته يوسي انتظاميه کي بار بار شڪايتون، درخواستون ۽ زباني اطلاع ڏنا ويا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آھي ، انتظاميه جي هن لاتعلقي سبب عوام ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي، متاثر علائقي جي رهواسين سنڌ جي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه کان سخت مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور نوٽيس وٺي ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۽ يوسي 09 بختاور ڳوٺ جي انتظاميه کي واضح حڪم جاري ڪن.