ڊي سي ٺٽو سان صدر بار ايسوسيئيشن سيد اعزاز حسين شاهه جي سربراهيءَ ۾ وڪيلن جي ملاقات

ضلعي ۾ درپيش قانوني ۽ انتظامي مسئلن، عدالتي معاملن ۽ عوام کي ترت انصاف جي فراهمي بابت خيالن جي ڏي وٺ

ڊي سي ٺٽو سان صدر بار ايسوسيئيشن سيد اعزاز حسين شاهه جي سربراهيءَ ۾ وڪيلن جي ملاقات

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت سان سندس آفيس ۾ صدر بار ايسوسيئيشن سيد اعزاز حسين شاهه جي سربراهيءَ ۾ وڪيلن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي۔ملاقات دوران وڪيلن ضلعي ۾ درپيش قانوني ۽ انتظامي مسئلن، عدالتي معاملن ۽ عوام کي ترت انصاف جي فراهمي بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ ڊپٽي ڪمشنر وفد طرفان پيش ڪيل مسئلن کي غور سان ٻڌو ۽ کين يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميه بار ايسوسيئيشن سان باهمي سهڪار وسيلي عوامي مسئلن جي حل ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي۔ هن چيو ته وڪيل برادري معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ۽ عوامي شعور کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ضلعي انتظاميه سندن جائز مطالبن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي۔ ملاقات جي پڄاڻيءَ تي صدر بار ايسوسيئيشن سيد اعزاز حسين شاهه ۽ وڪيلن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت جي سهڪار تي سندن شڪريو ادا ڪيو.