دادو ضلعي جي عوام لاءِ پير مظهر الحق ۽ بيريسٽر پير مجيب الحق جون خدمتون

نفيس احمد پنهور

دادو ضلعي جي عوام لاءِ پير مظهر الحق ۽ بيريسٽر پير مجيب الحق جون خدمتون

سنڌ جي سياست ۾ ڪجهه خاندان اهڙا آهن، جن جي سڃاڻپ رڳو اقتدار ناهي، پر سندن علم دوستي ۽ عوامي خدمت آهي. اهڙن ئي نالن مان هڪ نالو سائين پير مظهر الحق جو آهي، جنهن نه صرف دادو ضلعي پر سڄي سنڌ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اهي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيا ويندا. اڄ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سندس اهو ئي ويزنري سفر سندن لائق فرزند ۽ دادو جو موجوده ايم پي اي بيريسٽر پير مجيب الحق وڌيڪ تيزي ۽ جديد تقاضن سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. سائين پير مظهر الحق * جڏهن سنڌ جو تعليمي وزير يا سينئر وزير رهيو، هن تعليم کي پنهنجي پهرين ترجيح بنايو. سندس دور جا ڪجهه اهڙا ڪارناما آهن جن دادو جي تقدير بدلائي ڇڏي آهي جن ۾ *ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جو قيام هي ڪاليج 104 ايڪڙن تي مشتمل آهي هي عظيم الشان ادارو پير مظهر صاحب جي اڻٿڪ جدوجهد جو نتيجو آهي. اڄ جڏهن هي ڪاليج پاڪستان نيوي جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ انشاء جون ۾ هتي تعليمي سرگرميون شروع ٿي رهيون آهن، ته اها سندس خلوص جي سوڀ آهي. سائين پاران سکر آئي بي اي (IBA) دادو ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس پير الاهي بخش لا ڪاليج جهڙا ادارا پير مظهر الحق جي ئي ڪوششن سان قائم ٿيا، جن غريب شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا گهر ويٺي کولي ڇڏيا. پير مظهر الحق جو لڳايل تعليمي ٻوٽو هاڻي هڪ گهاٽو وڻ بڻجي چڪو آهي، جنهن جي سنڀال سندس فرزند *بيريسٽر پير مجيب الحق* ايم پي اي دادو صدر پ پ پ ضلع دادو نهايت مهارت سان ڪري رهيو آهي. ايم پي اي طور بيريسٽر مجيب الحق دادو ضلعي جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن مطابق ڍالڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي جن ۾ اسڪولن جي نئين سر تعمير گذريل ٻوڏن کان پوءِ متاثر ٿيل اسڪولن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ۽ نئين سر تعمير ڪرائڻ ۾ بيريسٽر مجيب الحق اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو آئي ٽي ۽ جديد تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو هو نوجوانن کي روايتي تعليم سان گڏوگڏ ڊجيٽل اسڪلز ۽ آئي ٽي جي تعليم ڏيارڻ جو حامي آهي، ته جيئن دادو جو نوجوان عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري سگهي.بيريسٽر پير مجيب الحق پاڻ وقت بوقت تعليمي ادارن جو دورو ڪري استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري ٿو. سندس اها ذاتي دلچسپي ثابت ڪري ٿي ته هو رڳو هڪ سياستدان نه پر هڪ سچو تعليمي اڳواڻ آهي. دادو جي عوام لاءِ اها وڏي خوش نصيبي آهي ته کين پير مظهر الحق جهڙو تجربيڪار رهنما ۽ بيريسٽر پير مجيب الحق جهڙو متحرڪ ۽ پڙهيل لکيل نوجوان اڳواڻ مليل آهي. هن پيءُ ۽ پٽ جي جوڙي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن نيت صاف هجي ته تعليم جي ذريعي قومن جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جو فعال ٿيڻ ۽ دادو ۾ يونيورسٽي ڪيمپسز جو ڪامياب هلڻ هن خاندان جي تعليم دوستي جو زنده جاويد ثبوت آهي. هي ڪيڊٽ ڪاليج جنھن جو افتتاح 2010 ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي خان زرداري ڪيو ھو جنھن جو ڪم 13 سال جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ ضلع دادو کي سائين پير مظھرالحق جي ڪوششن سان مليو پاڻ جڏهن تعليم تعليم جو وزير ھيو ته هن سنڌ ۾ بهترين تعليمي ادارا ڏنا جن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ دادو به شامل آھي جنهن جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ھاڻي ان ڪاليج جي شروعات ٿيڻ واري آھي جون ميھني ۾ داخلائون شروع ٿي وينديون جنھن اداري ۾ خوبصورت مسجد پڻ تعمير ڪئي ويئي آھي سنڌ حڪومت پاران ٺاھيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ پاڪستان نيوي حوالي ٿيڻ بعد رٽائيرڊ ڪرنل سمورا انتظام مڪمل ٿيڻ بعد ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي ۽ معلوم ٿيو آھي ته ھن سال پڙھايي ۽ داخلاين جو سلسلو شروع ٿي ويندو، هن تعليمي اداري جي قيام سان دادو جي غريب ۽ وچولي طبقي جي شاگردن کي پنهنجي گهر وٽ معياري تعليم ملندي ياد رهي ته تعليمي جوت نه صرف جهالت جو اوندهه ختم ڪندي، پر ضلعي ۾ معاشي خوشحالي پڻ آڻيندي. ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي شروعات سان ضلعي جي پسمانده علائقن ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين لهر پيدا ٿيندي. تعليمي ترقي ئي ڪنهن قوم جي اصل ترقي هوندي آهي. پير مظهر الحق پاران دادو ضلعي کي ڏنل اهي تحفا تاريخ ۾ سدائين ياد رکيا ويندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ادارن جي سار سنڀال ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ نسلون ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.