نوشهرو فيروز ۾ فلاحي اداري پاران سوين مستحقن ۾ راشن ورهايو ويو

نور رليف فنڊ پاڪستان مختلف علائقن جي 600 مستحق خاندانن ۾ راشن ورهايو

نوشهرو فيروز ۾ فلاحي اداري پاران سوين مستحقن ۾ راشن ورهايو ويو

نوشهرو فيروز(ڊ ر)هر سال جيان هن سال به رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ فلاحي اداري نور رليف فنڊ پاڪستان جي طرفان مختلف علائقن کان آيل 600 کان وڌيڪ غريب خاندان ۾ ”افطار پيڪيج“ تحت راشن ورهائڻ جو پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ نهايت غريب مستحق بيواه عورتن ءٍ يتيم ٻار جي چونڊ ڪئي ويئي ان موقعي تي نور رليف فنڊ پاڪستان جي اڳواڻ سيد ثمر عباس نقوي ءٍ سندس ٽيم ھڪ مھيني جي مسلسل جدوجهد کان پوء هي پروگرام مرتب ڏيندي چيو ته ملڪ اندر غربت جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي اسان هن پروگرام لاء جيڪا مستحق ماڻهن جي سروي ڪئي آهي ان ۾ اڪثريت ڏهاڙيدار مزدورن بيوهه عورتن ۽ يتيم ٻارڙن جي آهي جن تائين زميواريء سان سندن حق پھچائي رهيا آهيون،اڳواڻن چيو ته هن ”افطار پيڪيج“ ۾ 40 ڪلو اٽو،10 ڪلو چانور،5 ڪلو کنڊ،10 ڪلو تيل،ھڪ ڪلو پتي،2 ڪلو دال،هڪ عدد شربت ۽ ٻيو روزمرھ جي ضرورت جو سامان شامل آهي۔ اڳواڻن چيو ته اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو۔