ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ جي صدارت هيٺ تعميراتي معاملن جو جائزو ورتو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري: سندھ گورنمنٹ ہسپتال جي نئين عمارت جي تعمير بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس جي صدارت ميمبر صوبائي اسيمبلي سنڌ محمود عالم ڄاموٹ ڪئي، اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي ايڪس اي اين عبداللہ مستوئي، ايم ايس سنڌ گورنمينٽ ڊاڪٽر سنيل ڪمار ۽ ڊاڪٽر گوتم شرڪت ڪئي، ملاقات دوران اسپتال جي نئين عمارت جي تعمير سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا، ميمبر صوبائي اسيمبلي محمود عالم ڄاموٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته نئين عمارت جي تعميراتي ڪم جو جلد کان جلد آغاز يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ابراهيم حيدري جي عوام کي صحت جي سهولتن ۾ بهتري جي صورت ۾ هڪ ٻيو تحفو ملي سگهي، اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا۔
0 تبصرے