آمريڪا جي سياست ۾ جڏهن به شدت، ضد ۽ اڪيلائي پسند پاليسين جو ذڪر ٿيندو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو اڳيان اچي بيهندو آهي. تازو سڄي دنيا جي ملڪن تي ڏهه سيڪڙو محصول لاڳو ڪرڻ جو سندس فيصلو عالمي واپار ۾ هڪ نئين طوفان کي جنم ڏئي چڪو آهي. هن اعلان سان نه رڳو عالمي منڊيون ڇرڪجي ويون آهن پر آمريڪا جي اندر به آئين، اختيارن ۽ ادارن جي حدن بابت بحث ٻيهر تيز ٿي ويو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ واقعي آمريڪا جي مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي يا هو دنيا سان هڪ نئون معاشي جهيڙو ڇيڙي رهيو آهي جنهن جا نتيجا ڊگهي مدي تائين خطرناڪ ٿي سگهن ٿا؟
آمريڪي صدارتي محل طرفان جاري ڪيل بيان موجب هڪ سؤ پنجاهه ڏينهن لاءِ ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ شين تي ڏهه سيڪڙو محصول لاڳو رهندو. ڪجهه شيون جيئن معدنيات، ڀاڻ، ڌاتون، توانائي جا اوزار، زرعي شيون، دوائون ۽ انهن جو خام مال هن عارضي محصول کان آزاد رکيا ويا آهن. ان سان گڏ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٿيل واپاري ٺاهه تي هن فيصلي جو اطلاق نه ٿيندو. ظاهر ۾ ڏٺو وڃي ته ڪجهه شعبن کي ڇوٽ ڏيڻ سان فيصلي کي متوازن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر حقيقت ۾ سڄي دنيا تي هڪ جهڙو محصول لڳائڻ بين الاقوامي واپاري نظام لاءِ سنجيده خطرو آهي.
هن فيصلي کان اڳ آمريڪا جي اعليٰ عدالت اضافي محصولن کي غير قانوني قرار ڏنو هو. عدالت جو چوڻ هو ته جنهن قانون تحت قومي هنگامي حالت جو حوالو ڏئي محصول وڌايا ويا، اهو قانون عام واپاري پابندين لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي. ڇهن ججن جي اڪثريت سان ڏنل اهو فيصلو واضح پيغام هو ته صدارتي اختيارن جون حدون آهن. پر ٽرمپ ان فيصلي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي سڄي دنيا تي ڏهه سيڪڙو محصول لڳائڻ جو اعلان ڪيو. هن جو اهو رويو ادارن سان ٽڪراءُ جو تاثر ڏئي ٿو، ڄڻ ته هو عدالتي رڪاوٽن کي به سياسي چيلينج سمجهي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته کيس قانون ساز اداري کان پڇڻ جي ضرورت ناهي ۽ قومي سلامتي جي نالي تي لاڳو ڪيل سمورا محصول برقرار رهندا. سوال اهو آهي ته ڇا هر معاشي مسئلي کي قومي سلامتي جو مسئلو بڻائي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن هر تجارتي اختلاف کي خطري جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو ته پوءِ عالمي واپار جو ڍانچو ڪيئن قائم رهندو؟ دنيا جي معيشت باهمي انحصار تي بيٺل آهي. آمريڪا وڏي طاقت ضرور آهي، پر اڪيلو ناهي. جيڪڏهن هو ٻين ملڪن تي محصول وڌائيندو ته يقينن جوابي قدم به کنيا ويندا.
ٽرمپ جو دعويٰ آهي ته محصولن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ واڌ ٿيندي ۽ ملڪ کي فائدو ٿيندو. پر معاشيات جو سادو اصول اهو آهي ته محصول اصل ۾ هڪ قسم جو ٽيڪس آهي جيڪو آخرڪار صارف کان وصول ٿيندو آهي. جڏهن درآمدي شيون مهانگيون ٿينديون ته ان جو اثر مارڪيٽ تي پوندو، مهانگائي وڌندي ۽ عام ماڻهو متاثر ٿيندو. ڇا اهو آمريڪي عوام جي ڀلائي آهي يا هڪ اهڙو سياسي نعرو جيڪو حقيقت کان پري آهي؟
دنيا اڳ ئي معاشي غير يقيني صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪيترائي ملڪ مهانگائي، بيروزگاري ۽ واپاري خساري سان وڙهي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ هڪ وڏي طاقت جو اوچتو ۽ وسيع پيماني تي محصول لڳائڻ واپاري جنگ جو آغاز ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن يورپ، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جا ملڪ گڏجي جوابي قدم کڻندا ته عالمي واپار جا رستا تنگ ٿي ويندا. ان جو نقصان صرف ٻين ملڪن کي نه پر آمريڪي برآمد ڪندڙن کي به ٿيندو.
هتي اهم سوال اهو به آهي ته ٽرمپ جي سياست جو محور ڇا آهي؟ هو گهڻو ڪري قومپرستي جو نعرو استعمال ڪري ٿو ۽ اهو تاثر ڏئي ٿو ته آمريڪا ٻين ملڪن جي هٿان نقصان ۾ رهيو آهي. پر عالمي واپار هڪ ٻه طرفي عمل آهي. جيڪڏهن هڪ ملڪ کي فائدو ٿيندو آهي ته ٻئي کي به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ فائدو حاصل ٿيندو آهي. مڪمل بندش يا سخت محصول ڊگهي عرصي ۾ اقتصادي واڌ کي سست ڪري ڇڏيندا آهن.
ٽرمپ عدالت تي به تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه جج پرڏيهي مفادن کان متاثر آهن. اهڙو بيان آمريڪي جهموريت لاءِ سٺو اشارو ناهي. هڪ مضبوط نظام ۾ ادارن جو احترام ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن صدر پاڻ اعليٰ عدالت جي نيت تي سوال کڙا ڪري ته عوام ۾ به ادارن بابت بي اعتمادي وڌندي آهي. اهو عمل جهموري توازن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو.
ڀارت سان واپاري ٺاهن بابت ٽرمپ چيو ته ڪجهه به تبديل ناهي ٿيو، صرف طريقيڪار مختلف ٿيندو. جيڪڏهن معاهدا برقرار آهن ته پوءِ سڄي دنيا تي هڪ جهڙو محصول ڇو؟ ڇا اهو هڪ دٻاءُ وجهڻ جي حڪمت عملي آهي ته جيئن مستقبل جي ڳالهين ۾ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري سگهجن؟ يا وري اهو داخلي سياست کي گرم رکڻ جو حربو آهي ته جيئن ووٽرن کي ڏيکاريو وڃي ته هو سخت اڳواڻ آهي؟
سچ اهو آهي ته عالمي معيشت هڪ نازڪ توازن تي بيٺل آهي. جيڪڏهن وڏا ملڪ پنهنجي مفادن جي حفاظت جي نالي تي سخت قدم کڻندا رهندا ته ننڍا ۽ ترقي پذير ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. انهن ملڪن جي برآمدات گهٽجنديون، زر مبادله جا ذخيرا متاثر ٿيندا ۽ بيروزگاري وڌندي. نتيجي طور سياسي عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين ۾ هڪ تسلسل ضرور نظر اچي ٿو: هو روايتي سفارتڪاري جي ڀيٽ ۾ دٻاءُ ۽ ڌمڪي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. چين سان واپاري ڇڪتاڻ، يورپي ملڪن سان اختلاف ۽ هاڻي سڄي دنيا تي محصول، اهو سڀ هڪ اهڙي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو جنهن ۾ ڳالهين کان وڌيڪ طاقت جو استعمال اهم آهي. پر جديد دنيا ۾ معاشي طاقت صرف محصولن سان ثابت نٿي ڪري سگهجي، بلڪه استحڪام، اعتماد ۽ تعاون سان قائم رهندي آهي.
آخرڪار اهو سوال اڃا به بي جواب آهي ته ٽرمپ ڇا ٿو چاهي؟ جيڪڏهن مقصد واقعي آمريڪي صنعت جو تحفظ آهي ته ان لاءِ تدريجي سڌارا، ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ۽ منڊي جي مقابلي جي سگهه وڌائڻ وڌيڪ موثر رستو آهي. پر جيڪڏهن مقصد سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي ته پوءِ محصول هڪ اهڙو اوزار آهي جيڪو مختصر عرصي لاءِ نعرا ته ڏئي سگهي ٿو، پر ڊگهي عرصي ۾ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر واپاري ڇڪتاڻ جي دور ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته معاشي جنگون ڪڏهن به ڪنهن هڪ ڌر جي مڪمل فتح تي ختم ناهن ٿينديون، بلڪه ٻنهي پاسن کي نقصان پهچائينديون آهن. جيڪڏهن عقل، تدبر ۽ سفارتڪاري کي ترجيح نه ڏني وئي ته عالمي معيشت هڪ نئين بحران ڏانهن وڌي سگهي ٿي. ڊونلڊ ٽرمپ کي اهو سوچڻو پوندو ته قيادت ضد سان نه پر دور انديشي سان ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن هو واقعي آمريڪا کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ته دنيا سان جهيڙو ڪرڻ بدران تعاون جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، ڇو ته اڄ جي دنيا ۾ اڪيلائي طاقت نه پر ڪمزوري جي علامت بڻجي سگهي ٿي.
0 تبصرے