نوشهروفيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران شهر جو دورو، شين جا اگهه معلوم ڪيا

نوشهروفيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران شهر جو دورو، شين جا اگهه معلوم ڪيا

نوشهروفيروز (د ر)رمضان المبارڪ دوران خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه سرگرم ٿي وئي . اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد عثمان طارق ڀٽي شهر جي مختلف فروٽ، ڀاڄين ۽ ڪريانا اسٽورن جو دورو ڪري سرڪاري اگهن جي فهرست تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سرڪاري اگهن مطابق شيون وڪرو نه ڪندڙ ڪيترن دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪندي جرمانا لاڳو ڪيا ويا، جڏهن ته دڪاندارن کي سختي سان سرڪاري اگهن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان طارق ڀٽي چيو ته انتظاميه جو بنيادي مقصد روزيدارن کي سستي ۽ معياري خوراڪ جون شيون فراهم ڪرڻ يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن عوام رمضان المبارڪ سڪون سان گذاري سگهن. هن واضح ڪيو ته ناجائز منافع خوري ۽ مصنوعي مهانگائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جاري رهندي.ضلعي انتظاميه موجب رمضان المبارڪ دوران مارڪيٽن جي روزاني بنياد تي نگراني جاري رکي ويندي ته جيئن شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي.