ڀلاري مهيني دوران به گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين، رستن ۽ گهرن جي اڳيان بيهجي ويو آهي: رهواسي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پپري جي قديم صابو گبول ڳوٺ ۾ رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران به گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين، رستن ۽ گهرن جي اڳيان بيهجي ويو آهي، جنهن سبب علائقي واسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان نيڪال جو نظام ناڪاره بڻيل آهي پر شڪايتن باوجود لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪو به مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي راھواسين وريل گبول، محمد جڙيل سومرو، حسين شاهه، احمد علي گبول، واحد گبول، روشن گبول، ناصر گبول، وقار نينو ۽ عثمان گبول ٻڌايو ته يونين ڪميٽي پپري جي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ گڏاپ ٽائون انتظاميا کي بار بار آگاهه ڪيو ويو، پر سندن ڪن تي جون به نه چري. گهٽين ۾ بيٺل پاڻي سبب اچ وڃ ڏکيو بڻجي ويو آهي ۽ ماڻهو روزمره جي ڪم ڪار لاءِ سخت پريشاني جو شڪار آهن.علائقي ۾ بيٺل گندي پاڻي ۽ بدبوءَ سبب مڇرن جي واڌ ويجهه وڌي وئي آهي، جنهن ڪري ڪيترائي ٻار، پوڙها ۽ عورتون پيٽ جي بيمارين، چمڙي جي تڪليفن ۽ بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ به هو بدبو ۽ گندي ماحول ۾ روزا رکڻ تي مجبور آهن.ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ رمضان جي احترام ۾ عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، پر هتي رهواسي گندي پاڻي ۽ مڇرن جي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيا آهن صورتحال کان تنگ اچي علائقي واسين گهرن کان ٻاهر نڪري احتجاج ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور گٽرن جي صفائي ڪرائي وڃي، بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ جراثيم ڪُش دوا جو ڇنڊاءُ ڪيو وڃي. رهواسين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0 تبصرے