English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رمضان دوران به يوسف عارفاڻي ڳوٺ مسئلن جي ور چڙهيل
88 views
|
19th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رمضان المبارڪ جي شروعات سان ئي يوسف عارفاني ڳوٺ جي يونين ڪائونسل چوڪنڊي ۾ واقع ربنواز محلو سخت مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي علائقي جي گهٽين ۽ گهرن اڳيان گٽر جو گندو پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته هنڌ هنڌ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب بدبو پکڙجي رهي آهي ۽ رهواسي سخت تڪليف ۾ آهن۔مقامي ماڻهن موجب گندي پاڻي جي نيڪالِ جو نظام مڪمل طور ناڪاره ٿي چڪو آهي۔ گٽر اٿلڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن تائين پهچي ويو آهي، جنهن ڪري نمازين، روزيدارن، ٻارن ۽ بزرگن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته رمضان جهڙي برڪت واري مهيني ۾ به صفائي سٿرائي جا انتظام ناڪافي هجڻ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ٿو۔علائقي واسين ٻڌايو ته هن مسئلي جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر اڃا تائين ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي۔ هنن خدشو ظاهر ڪيو ته مسلسل گندگي ۽ بدبو سبب وبائي بيماريون ڦهلجڻ جو انديشو وڌي رهيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: رمضان دوران به يوسف عارفاڻي ڳو
0 تبصرے