اسان جي بهادر اڳواڻ صدر آصف علي زرداري 14 سال جيل ڪاٽي
عمرڪوٽ: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن والد عوام جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ پنهنجي تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. هن چيو ته سندن کوٽ اڄ به شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ علائقي جي عوام اڄ به کين ياد ڪري ٿي. هن چيو ته جسم اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر سندن روح اڄ به اسان سان گڏ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف بناجواز واويلا ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان جي بهادر اڳواڻ آصف علي زرداري 14 سال جيل ڪاٽي ۽ هميشه مرڪندي رهيا. هن چيو ته عدالتن ۾ پيشين دوران به صدر زرداري مرڪندي ويندا هئا ۽ سندن مسڪراهٽ ختم ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو، پر هو هميشه ثابت قدم رهيا. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جون سڀئي رپورٽون مثبت آيون آهن ۽ پيپلز پارٽي به چاهي ٿي ته عمران خان کي جيل ۾ سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته جماعت اسلامي جو ملين مارچ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. جماعت اسلامي کي احتجاج جو آئيني حق ضرور آهي، پر روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن جماعت اسلامي ٻيهر ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن سانحي گل پلازا جو ذڪر ڪندي چيو ته ان واقعي سڄي پاڪستان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. فائر سيفٽي کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ لاڳاپيل کاتا به سنجيدگي نٿا وٺن. هن چيو ته اهڙو ممڪن ناهي ته صوبو وفاق حوالي ڪيو وڃي. جيڪڏهن سڀاڻي پنجاب يا راولپنڊي ۾ باهه لڳي ته ڇا انهن کي به وفاق حوالي ڪيو ويندو؟ هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به عوامي ووٽن سان اقتدار ۾ نه آئي آهي، پر هميشه شارٽ ڪٽ طريقن سان آئي آهي.
0 تبصرے