عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلع عمرڪوٽ ۾ روحاني شاگرد جماعت جي باڊي سال 2026 لاءِ شاندار چونڊ مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ نوجوان اڳواڻن ۽ مذهبي شخصيتن وڏي جوش سان شرڪت ڪئي، چونڊ جي تقريب ۾ روحاني شاگرد جماعت صوبي سنڌ جي نائب صدر عبدالغفار مستوئي، آفيس سيڪريٽري محمد عدنان جٽ، ۽ صدر جماعت اصلاح المسلمين فقير فريد احمد ڪنڀر طاهري پڻ موجود هئا، چونڊ جي نتيجي ۾ صدر محمد نعيم ڪنڀار، سينئر نائب صدر ممتاز علي سميجو، نائب صدر محمد شعيب راهمون، جنرل سيڪريٽري اسلام الدين راهمون، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان راهمون، فنانس سيڪريٽري محمد جواد جٽ، پريس سيڪريٽري فرهاد علي ڪنڀر، آڊيٽر محمد اويس جٽ، آفيس سيڪريٽري امير حمزه گرگيز، معاونين اسد علي ۽ نياز علي گرگيز عهديدار چونڊيا ويا، مقامي اڳواڻن چيو ته چونڊ جي عمل دوران نوجوانن ۾ شفافيت ۽ دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا جماعت جي مضبوط قيادت ۽ تنظيم جو ثبوت آهي، تقريب ۾ موجود اڳواڻن نوجوانن کي همٿايو ته اهي تعليم، روحانيت ۽ سماجي خدمت ۾ سرگرم رهن ۽ ضلع ۾ امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏين.
0 تبصرے