عمرڪوٽ(ڊ ر) ڪنري ويجھو اڌڙوٽ شخص جو شاخ مان لاش ھٿ، سڃاڻپ بعد وارثن حوالي، ڪھرام. خبر موجب ڪنري ويجھو راهمور شاخ جي 8 ميل موري مان اڌڙوٽ شخص جو لاش مليو، اطلاع تي نبي سر روڊ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مڙھ کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو جتي فوتي جي وارثن پھچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، فوتي جي سڃاڻپ ڪنري جي پراڻي ڪورٽ روڊ 75 سالن جي راڻو مل لوھاڻو طور ٿي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن گھران نڪتو جنهن بعد واپس نه آيو ڪافي ڳولها بعد به هٿ نه آيو اڄ صبح لاش هٿ اچڻ جو اطلاع مليو ڪنهن تي ڪوبه شڪ ناهي پوسٽمارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاهيون پوليس ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مڙھ گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
0 تبصرے