ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊي ايس پي آفيس جي هلندڙ ڪم جو جائزو پڻ ورتو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) رمضان جي ڀلاري ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻي ڏوڪري جو دورو ڪري جائزو ورتو ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو فيصل احمد چوڌري رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڏوڪري شهر جو دورو ڪري جائزو ورتو ويو جڏهن ته تعمير ٿيندڙ ڊي ايس پي آفيس جي هلندڙ ڪم جو جائزو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو فيصل احمد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن. هن چيو ته ڏوڪري شهر ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اهم ذميواري آهي جيڪا نڀائي رهيا آهيون.
0 تبصرے