English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
274 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ مورو کان راڻيپور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير، مرمت ۽ جاري ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ويو
نوشهروفيروز(ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ مورو کان راڻيپور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير، مرمت ۽ جاري ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سمائر، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر خرم نواز ، ايس ايس پي موٽروي خالد مخدومي ، محمد عثمان عارف سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان جاري ڪمن جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ هدايت ڪئي ته تعميراتي سرگرمين ۾ معيار ۽ رفتار کي يقيني بڻايو وڃي۔ هنن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ٽريفڪ قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ضروري حفاظتي قدمن کي موثر بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي جاني ۽ مالي نقصان کان محفوظ ڪري سگھجي ۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي وارننگ لائٽس ۽ سائن بورڊ لڳايا وڃن. جڏهن ته هر ڪلوميٽر بعد اسٽريٽ لائيٽون احتياطي تدبيرون جا بورڊ لڳايا وڃن ته جيئن رات جي وقت سفري سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ۽ حادثن کي روڪي سگهجي۔هنن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي چالان ۽ ڏنڊ ھيا وڃن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ته جيئن قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجي۔ ھنن وڌيڪ چيو ته انساني جانيون سڀ کان وڌيڪ قيمتي آهن ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو خطاب ۾ چيو ته قومي شاهراه تي ٽريفڪ قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن چيو ته پوليس ۽ موٽروي پوليس گڏيل طور تي مورو ۽ ڪنڊيارو ٽولن تي نگراني ڪري گاڏين جي رفتار ۽ وزن کي مانيٽر ڪن تہ جيئن حادثن جي شرح کي گھٽائي سگهجي ۽ عوام محفوظ سفر ڪري سگهجي۔اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ست مهينن دوران ضلعي ۾ پيش آيل مختلف ٽريفڪ حادثن جي ۾ 41 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ، جنهن تي ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن پاران گهري تشويش ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۔ گڏجاڻي ۾ حادثن جا بنيادي سبب تيز رفتاري، ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ روڊن تي حفاظتي انتظامن جي کوٽ کي قرار ڏنو ويو ۔ ان موقعي تي ضلعي انتظاميا لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته روڊ سيفٽي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ، ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي بابت عوام ۾ آگاهي مھم تيز ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ حادثن جي شرح گهٽائي سگهجي ۽ انساني جاني نقصان کي روڪي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم
0 تبصرے