تقريب کي بينظير ڀٽي، انجنيئر طارق حسين ڊگري ڪاليج ھنڱورجا جي پرنسيپال پروفيسر نورالدين شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو
ھڱورجا(رپورٽر)سٽي ماڊل ايليمينٽري اسڪول ھنڱورجا پاران آرٽيفيشل انٽيليجنس جي موضوع تي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسڪول جي استادن شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب کي بينظير ڀٽي . انجنيئر طارق حسين ڊگري ڪاليج ھنڱورجا جي پرنسيپال پروفيسر نورالدين شيخ . ٽي اي او تعليم بختيار حسين چنو . ضمير حسين سامٽيو . پروفيسر امداد علي سومرو ايڊووڪيٽ حنيف گل سھتو . ساس اڳواڻ ڄام محبت سھتو . اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر رحيم بخش سيال ۽ بين تقريب خطاب ڪندي چيو آھي ھي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو آھي ان جي ڄاڻ اسان سڀني چڱي ريت ھجڻ گھرجي ڇوته دنيا ھن وقت تيزي ترقي طرف گامزن آھي اسان کي ب مصنوئي ذھانت طرف وڌڻو پوندو جيڪڏنھن مصنوئي ذھانت جي دور ۾ اسان ان جي ڄاڻ ن رکي ت پوء پوئتي رھجي وينداسون سائنس جي ترقي کان پوء جيڪو ڪم ڪلاڪن اندر ٿيندو ھيو اھو ھاڻي سيڪنڊن م ٿي وڃي ٿو
0 تبصرے