رمضان شريف جي آمد ۽ مهانگائي عروج تي

ساقي ارشاد لورڙ

رمضان شريف جي آمد ۽ مهانگائي عروج تي

رمضان شريف، جيڪو رحمتن، برڪتن، صبر، شڪر، قرباني ۽ همدرديءَ جو مهينو آهي، جڏهن به اچي ٿو ته مؤمنن جي دلين ۾ سڪون، روحانيت ۽ عبادت جو جذبو جاڳائي ٿو. مسجدون آباد ٿين ٿيون، قرآن جي تلاوت وڌي ٿي، دلين ۾ نرمي اچي ٿي، ۽ ماڻهو الله جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، ساڳئي وقت جڏهن رمضان رحمت بڻجي اچي ٿو، تڏهن اسان جي معاشري ۾ هڪ ٻيو طوفان به جنم وٺي ٿو — مهانگائي جو طوفان. اهو طوفان، جيڪو غريب جي روزي کسي ٿو، مزدور جي سحري ۽ افطاري کي محدود ڪري ٿو، ۽ عام ماڻهوءَ جي خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. رمضان جي اچڻ کان ڪجهه هفتا اڳ ئي بازارن ۾ عجيب تبديلي نظر اچڻ لڳي ٿي. کنڊ، اٽو، چانور، تيل، دالون، کجور، کير، ڀاڄيون، ميوا — سڀ شيون آهستي آهستي مهانگيون ٿيڻ لڳن ٿيون. ڪو سرڪاري اعلان نٿو ٿئي، ڪو سبب واضح نٿو ٻڌايو وڃي، پر اگهه وڌندا وڃن ٿا. اهو لڳي ٿو ڄڻ واپاري رمضان کي عبادت جو مهينو نه، پر منافعو ڪمائڻ جي موسم سمجهن ٿا.ڪالهه جيڪا کنڊ سستي هئي، اڄ ٻيڻي مهانگي آهي. ڪالهه جيڪو تيل عام هو، اڄ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي. اهي واڌارا ڪنهن قدرتي آفت سبب ناهن، نه فصل گهٽ ٿيو آهي، نه ملڪ بند ٿيو آهي، نه ڪا وڏي جنگ لڳي آهي. اهي واڌارا صرف لالچ جو نتيجو آهن. جون رمضان ۾ ته اصل ۾ اگهه گهٽجڻ گهرجن ها، ڇاڪاڻ تہ هي مهينو قرباني ۽ همدردي سيکاري ٿو. پر اسان وٽ الٽو ٿئي ٿو.اسان جا واپاري چون ٿا . “رمضان ۾ وڪرو وڌي ٿو، ان ڪري اگهه به وڌندا.” هي ڪهڙي منطق آهي؟ هي ڪهڙي مسلمانيت آهي؟ نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته: “بهترين ماڻهو اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ فائديمند هجي.” پر اسان وٽ بهترين واپاري اهو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائي، غريب مزدور، جيڪو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٿو، شام جو جڏهن بازار وڃي ٿو ته سندس کيسي ۾ موجود پئسا کيس شرمسار ڪن ٿا. هو سوچي ٿو: “ڇا اڄ ٻارن لاءِ مٺو کڻي وڃان يا سڀاڻي جي سحري بچايان؟” ڪيترن ئي گهرن ۾ افطاري سادي ٿي وئي آهي، ڪڏهن رڳو پاڻي ۽ ماني، ڪڏهن ٿوري چانهه. ٻارن جون خواهشون، ماءُ جا خواب، پيءُ جون اميدون — سڀ مهانگائي جي باهه ۾ سڙي وڃن ٿا. عورتون، جيڪي رمضان ۾ گهرن کي سنڀالين ٿيون، سڀ کان وڌيڪ پريشان ٿين ٿيون. اھي حساب ڪتاب ڪندي ٿڪجي وڃن ٿيون “اٽو گهٽجي ويو، تيل ختم ٿي ويو، کير مهانگو ٿي ويو، کجور وٺڻ وس کان ٻاهر ٿي وئي.” ھو ڪوشش ڪرين ٿيون ته گهٽ ۾ گهٽ خرچ اندر گذارو ڪرين، پر مارڪيٽ سندن دشمن بڻجي وڃي ٿي. سرڪار هر سال رمضان پيڪيج جو اعلان ڪري ٿي. سستي بازارون لڳن ٿيون، سبسڊي جا نعرا لڳن ٿا، پر انهن جو فائدو هميشه محدود ماڻهن تائين رهجي وڃي ٿو. وري گھڻن شھرن ۾ شيون ختم ٿي وينديون آهن ڊگهيون قطارون لڳنديون آهن سفارش وارا اڳ ۾ وٺي ويندا آهن غريب خالي هٿ موٽندا آهن اهو سڀ اسان جي ملڪ اندر هڪ تماشو بڻجي ويو آهي. ذخيرا اندوزي ، ملاوٽ هن مهيني ۾ وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. کنڊ، اٽو ۽ تيل گودامن ۾ لڪايو وڃي ٿو ته جيئن اگهه وڌي وڃن. پوءِ اهي ئي شيون ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. هي رڳو معاشي ڏوهه ناهي، هي اخلاقي جرم آهي، هي ديني بي وفائي آهي. رمضان ۾ روزو صرف بک ۽ اڃ جو نالو ناهي. روزو صبر، ايمانداري، سچائي ۽ ٻين جو احساس سيکاري ٿو. پر جڏهن واپاري روزو رکي به ماڻهن کي لٽين ٿا، ته اهو روزو صرف رسم بڻجي وڃي ٿو. اسان جو سماج به هن ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسان مهانگائي تي رڙيون ته ڪيون ٿا، پر غلط ماڻهن کان خريداري به ڪندا آهيون. اسان ذخيره اندوزن کي بائيڪاٽ نٿا ڪريون، اسان احتجاج منظم نٿا ڪريون. اسان صرف شڪايت ڪرڻ تي مطمئن ٿي وڃون ٿا. ميڊيا ڪجهه ڏينهن لاءِ شور ڪري ٿي، ٽاڪ شوز ٿين ٿا، بيان اچن ٿا، پر پوءِ سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو. مسئلو اتي جو اتي رهي ٿو. اصل سوال اهو آهي تہ ڇا اسان واقعي رمضان جي روح کي سمجهون ٿا؟ جيڪڏهن سمجهون ها، ته اسان اگهه گهٽايون ها، نه ڪي وڌايون ها. جيڪڏهن سمجهون ها، ته غريب جي افطاري جو خيال رکون ها، نه ڪي ان کي مهانگو ڪريون ها. جيڪڏهن سمجهون ها، ته منافعو نه، ثواب ڳوليون ها. اڃا به وقت آهي. واپاري جيڪڏهن چاهين، ته منافعو گهٽائي سگهن ٿا. سرڪار جيڪڏهن چاهي، ته سخت نگراني ڪري سگهي ٿي. سماج جيڪڏهن چاهي، ته بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو. هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. امير ماڻهو جيڪڏهن هڪ غريب جي مدد ڪري، هڪ خاندان جو خرچ کڻي، هڪ روزيدار جو سهارو بڻجي، ته رمضان جو اصل مزو اچي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي سيکارڻو پوندو ته روزو صرف بک ناهي، روزو احساس آهي. اسان کي پنهنجي واپارين کي سمجهائڻو پوندو ته رمضان بازار ناهي، عبادت آهي. اسان کي پنهنجي حڪمرانن کي ٻڌائڻو پوندو ته مهانگائي جرم آهي، نه ته مجبوري. جيڪڏهن اسان اڄ نه جاڳياسين، ته سڀاڻي به غريب ائين ئي سسڪندو رهندو.