نوشهرو فيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف جي صدارت هيٺ اجلاس

اجلاس ۾ ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، روينيو آفيسرن، سرڪاري کاتن جي آفيسرن جي به شرڪت

نوشهرو فيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف جي صدارت هيٺ اجلاس

نوشهرو فيروز(ڊ ر)رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي دوران روزمرهه استعمال جي شين جا اگهن مقرر ڪرڻ منافعي خوري کي روڪڻ۽ شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ بابت هڪ اهم گڏجاڻي اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهرو فيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد عثمان عارف جي صدارت ۾ منعقد ٿي ۔گڏجاڻي ۾ ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، روينيو آفيسرن، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، مارڪيٽ ڪميٽي جي نمائندن، پرائس ڪنٽرول مجسٽريٽن، واپاري برادري، هول سيلرز ۽ دوڪاندارن شرڪت ڪئي۔ گڏجاڻي جو بنيادي مقصد رمضان المبارڪ دوران عوام کي اٽو، کنڊ، گيهه، دالون، چانور، ڀاڄيون، ميوا، گوشت سميت ٻين ضروري شين مقرر ۽ مناسب اگهن تي فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ هو۔ان موقعي تي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف چيو ته رمضان المبارڪ صبر، برداشت ۽ خدمتِ خلق جو مهينو آهي، تنهنڪري هڪ مسلمان ۽ ذميوار شهري جي حيثيت ۾ اسان سڀني تي فرض آهي ته هن بابرڪت مهيني جو مڪمل احترام ڪريون ۽ شهرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪريون۔ هن واضح ڪيو ته ضلعي انتظاميه طرفان سرڪاري ريٽ لسٽ جاري ڪئي ويندي ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو۔هن واپارين کي هدايت ڪئي ته مقرر ڪيل ريٽ لسٽ نمايان هنڌن تي لڳائي وڃي ۽ مقرر اگهن کان وڌيڪ وصولي هرگز نه ڪئي وڃي۔ هن خبردار ڪيو ته ذخيره اندوزي، مصنوعي مهانگائي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سميت ٻيون قانوني ڪارروائيون پڻ عمل ۾ آنديون وينديون۔گڏجاڻي ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته رمضان المبارڪ دوران گڏيل حڪمتِ عملي تحت مارڪيٽن جي باقاعده نگراني، اوچتا دورا ۽ اگهن جي چڪاس جو عمل جاري رکيو ويندو ته جيئن عوام کي حقيقي رليف فراهم ٿي سگهي۔واپاري نمائندن پڻ ضلعي انتظاميه سان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته هو مقرر ڪيل اگهن تي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائيندا۔گڏجاڻي جي پڄاڻي تي رمضان المبارڪ دوران عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي روزمرهه استعمال جي مختلف شين جا اگهه باهمي صلاح مشوري سان منتخب ڪري متفقه طور مقرر ڪيا ويا، جن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔