قمبر ۾ قتل ٿيل زوھيب شاھ جي قاتلن جي گرفتاري لاء شڪارپور ۾ ۾ احتجاجي مظاهرو

آل سادات ويلفيئر ايسوسيئشن جي ضلعي صدر سيد غلام رسول عرف ڏاڏو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

قمبر ۾ قتل ٿيل زوھيب شاھ جي قاتلن جي گرفتاري لاء شڪارپور ۾ ۾ احتجاجي مظاهرو

شڪارپور(احسان ابڙو)قمبر ۾ قتل ٿي ويل زوھيب شاھ جي قاتلن جي گرفتاري لاء شڪارپور ۾ سيد برادري طرفان احتجاجي ريلي مظاھرو قاتلن جي گرفتاري لاء نعري بازي انصاف جي گھر خبر موجب:شڪارپور ۾ آل سادات ويلفيئر ايسوسيئشن جي ضلعي صدر سيد غلام رسول عرف ڏاڏو شاھ,جنرل سيڪريٽري سيد عباس شاھ,سيد حيدر شاھ,سيد جاويد شاھ,سيد عمران شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رستم موڙ کان شڪارپور پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو,ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو تہ سنڌ اندر سيد برادري غيرمحفوظ آھي,تازو 17 ڏينھن اڳ قمبر ضلعي جي ڳوٺ ڏيوڙا ۾ سيد زوھيب شاھ کي ناحق قتل ڪيو ويو,جنھن جا جوابدار ھن وقت تائين پوليس گرفتار نہ ڪيا آھن,جڏھن تہ ھڪ مھينو اڳ جيڪب آباد ۾ سيد پيرل شاھ کي بہ بيدردي سان ناحق قتل ڪيو ويو ھو,جنھن جا بہ ھن وقت تائين قاتل پوليس گرفتار نہ ڪري سگھي آھي,ٻہ ڏينھن اڳ شڪارپور سيد رجب شاھ کان ھمايون شريف ۾ موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي,ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان سمجھون ٿا تہ ھاڻي سنڌ ۾ سادات برادري کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي ٿو,وڏي افسوس جي ڳالھ آھي جو سنڌ جو وڏو وزير بہ سيد آھي پر ان باوجود سادات برادري سان اقليت وارو ورتاع ڪيو وڃي پيو,ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ,آء جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو,ڊي آء جي لاڙڪاڻو, ايس ايس پي شڪارپور وس وارن کان گھر ڪئي تہ مقتول سيد زوھيب شاھ ۽ سيد پيرل شاھ جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سادات برادري کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.