سنڌ ۾ ماڻهو مرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهيان، هتي ماڻهن گم پيا ٿين، ائين ته آفريڪا جي جهنگ ۾ به گم ناهن ٿيندا: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو باگو ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي

سنڌ ۾ ماڻهو مرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهيان، هتي ماڻهن گم پيا ٿين، ائين ته آفريڪا جي جهنگ ۾ به گم ناهن ٿيندا: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو باگو (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو باگو پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار،26 ۽ 27 آئيني ترميمن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن بدين پنگريو روڊ کان محبت سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندو بدر چوڪ ٽنڊو باگو وٽ جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو. پيادل مارچ جي شھرين وک وک تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو جڏهن تہ اياز لطيف پليجو کي شھرين، واپارين اجرڪن ۽ لنگھيون جا تعفا ڏنا. ان موقعي تي جلسي عام ۾ ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو پيپلزپارٽي جو ھڪڙو ايم پي اي ۽ ايم اين اي اچي چوي تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪريون پئسن تي ڪون ٿيون وڪامن مون ڏيو جيڪي ھڪ سوُ کان مٿي اميدوار ڪامياب ٿي آيا آهن انهن مون سان ويھاريو لائيو ٿا گفتگو شروع ڪريون انھن کان پڇون ٿا آئون ٿو ويھ سوال ٿو پڇان جيڪي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آيا آهن ۽ پوءِ اھي شاگرد ويھاريان ٿو جيڪي توهان فيل ڪري ڇڏيا آهن پوء ان کان بہ اھي ويھ سوال پڇان ٿو جن کي توھان فيل ڪيو آهي اھي انھن سوالن جا جواب ڏيندا جن کي توھان پاس ڪيو 50 لک کان ھڪ ڪروڙ رپين وٺي انهن کي سوالن جا جواب ڪون ايندا ڇا ڪاڻ پئسن تي نوڪريون پيا وڪڻو، بدليون پئسن تي پيا ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھنن ھڪڙو ڌندو بنائي ڇڏيو آ ، گاڏي تي رکيل پاڻ مال آهيون، پاڻ وڪجون پيا ھو گاڏي جا مال آهن پاڻ کي گاڏي تي رکي وڪڻڻ پيا انھن جي خلاف احتجاجن ۾ لھو، مقابلو ڪريو پيپلزپارٽي سڄي سنڌ کپائي ڇڏي آهي. وطن کپي ويو، وسيلا، روزگار کپي ويا اھو کپيل مال سنڌ جي اٺ ڪروڙ سنڌي ماڻهو کي واپس وٺڻو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي خلاف سنڌ جي ماڻهن کي نڪرڻو پوندو، سنڌ جي نوجوان کي رکو ويٺو پڙھندو، روزگار کي لڳو پيو هوندو ۽ سياست کان لاتعلق ٿي ويندو سياست ئي توهان وسيلا، روزگار ، ميرٽ ، وطن، درياھ، زمينون بچائيندي، تعليم توهان جي ذات کي بچائيندي عارضي طرح پر تعليم ۾ نوڪريون جو حصو تڏهن ملندو جڏهن توهان جي سياست طاقتور ھوندي سياست ھوندي ڪان ڊگريون کڻي پيا ھلندو سڄي سنڌ جا ھوشيار نوجوان ڊگريون کڻيو پيا ھلن. سياست طاقت ور ڪون اٿو تڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نوڪريون وڪڻي ٿي ڇڏي پر سياست طاقتور ھجي ۽ سنڌ جو نوجوان ،شاگرد سياست سان جڙيل ھجي اھو پبلڪ سروس ڪميشن اڳيان پندرهن ڏينهن ڌرڻو ھزارين نوجوان ويھي رھن مجال ٿي ڪنهن بہ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ وزيرن کي توھان جون نوڪريون وڪڻي سگهي ڪم توهان نوجوانن کي ڪرڻ گهرجي قومي عوامي تحريڪ سان گڏ ھلو مقابلو ڪريو فتح ھميشہ حق سچ وارن جي ٿيندي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ صوبن کي مليل محدود خودمختياري ۽ وسيلا واپس اسلام آباد حوالي ڪيا پيا وڃن.آئين ۾ غير جمهوري ۽ آمرانه ترميمون رد ڪريون ٿا شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي معاونت سان مهم جوئي ٿي رهي آهي وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران عارضي مفادن لاءِ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن حڪمران عوام ۾ فرق ۽ ٽڪراءَ ذريعي اهم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊگهي سامونڊي پٽي رکندڙ وارا ضلعا بدين، ٺٽو ۽ سجاول بک ۽ بيروزگاري سبب تڙپي رهيا آهن سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪنداسين مفادپرست حڪمرانن سنڌ کي ڏوهن ۽ قبائليت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ججن جو ٽڪراءُ عدالتي نظام ۽ ملڪ جي مفاد ۾ هرگز ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي عوام کي بي دردي سان لٽين پيا. هر روز نياڻين ۽ نوجوانن جو قتل ٿي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ جي عوام کان روزگار جا وسيلا کسيا ويا آهن، نوجوان بيروزگاري جي باھ ۾ سڙي رهيا آهن، سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ منشيات سرعام وڪرو ٿي رھي آھي ، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان نسل تباهي طرف ڌڪجي رهيو آهي ۽ حڪمرانن کي ڪا پرواھ ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مراد علي شاھ، بلاول صاحب ۽ آصف علي زرداري صاحب کان ۽ قومي اسيمبليءَ ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ويٺل نمائندن کان سوال ٿو پڇان تہ سڄي سنڌ ۾ گٽڪن جون فيڪٽريون گھڻيون آهن؟ سڄي سنڌ ۾ آئيس جو ڌنڌو، ان جي پسمنظر ۾ ھلائيندڙ ڪير آهن؟ سڄي سنڌ ۾ مين پورين جون فيڪٽريون ڪير ٿو ھلائي؟ انھن گٽڪن جا اسپانسر ڪير آهن؟ ڪنهن ايس پي جي ۽ ڊي ايس پي جي مجال ڇو نٿي ٿئي ته گٽڪي جي فيڪٽري بند ڪرائي ۽ آئيس جو ڌنڌو بند ڪرائي ۽ ٺرو ٺھرائڻ بند ڪرائي ۽ مين پوري ۽ ايڪيھ سئو، پنج سؤ پنجونجاھ ڇھ سئو ڇاھٺ، الائي ڪھڙا نالا آھن، اھي بند ڪرائين. ڪو ايم اين اي، ايم پي اي ۽ وزير آھن ئي انھن جون، ايس ايس پيز کي انھن کي ڀتو ٿو ملي ڏھ ڏھ ويھ ويھ لک ماھوار، ٺري جي فيڪٽري تي حصو ٿو ملي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪو اچي ايم پي اي، ايم اين اي اچي چئي، چيلنج ٿو ڪيان ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد کان وٺي سجاول ۽ ٺٽو تائين چيلنج ٿو ڪيان، ايم اين اي، ايم پي اي ھينئر رکي منهنجي آڊيو گفتگو اسٽيٽس رکي تہ سنڌ جي ڦلاڻي ضلعي ۾ گٽڪو ڪونہ ٿو ھلي، مين پوري ڪونہ ٿي ھلي، آئيس ڪانہ ٿي ھلي، ٺرو ڪونہ ٿو ھلي، اچي اعلان ڪري چئي اسان پاڪ ڪيو آهيون. سڄي سنڌ کي ھنن منشيات جو اڏو بنائي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿئين سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا رستا بند آهن سنڌ ۾ ميرٽ جي بحالي ۽ ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا ٻهراڙي جي علائقن ۾ عورتون ۽ نياڻيون غير محفوظ آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون ٻڌن ۽ تڪليفن جو ازالو ڪن سنڌ جي مستقل رهواسين جون خوشيون، تڪليفون ۽ درد گڏيل آهن مسئلن جو حل عدالتي ٽڪراءُ نہ ، پر منصفانه، روادار ۽ جمهوري فيڊريشن آهي سنڌ جا پٽ ۽ ڌيئرون پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ هزارين سالن کان تاريخي وطن آهي، جاگرافيائي سرحدن سان چھیڙڇاڙ بند ڪئي وڃي بدين ضلعي جي ماڻهن لاءِ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آهي. پاڪستان کي نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو سنڌ کي گورنرس جي بنياد تي سنڌ کي يونٽن ۽ ٽڪرن ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ان جو مقصد آهي تہ پاڪستان کي ٽوڙڻ آهي ۽ عالمي طاقتن جي منصوبي تحت ھلڻو آهي. سنڌ حڪومت ھنن تي آرٽيڪل 6 تحت بغاوت جو ڪيس داخل ڪري فوري طور خلاف ڪاروائي ڪري نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ سنڌ ٽوڙڻ جي مطالبي ۾ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت بہ شريڪ آھي. توھان دھشتگردن جا پٺا پيا ٺپيو ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسان کي ڪنهن پليٽ ۾ نہ ڏني آهي اسان جي ابن ڏاڏن ھزارين سالن کان سنڌ لاءِ جھنگيون وڙھيون آهن، ڳچين جا نذرانا پيش ڪيا آهن ان لاءِ ڪنڌ ڪپايا آهن زندگي جي آخري گھڙي تائين بھادري، سچائي سان وڙھيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڳين ساڳين دھشتگرد ٽولي سنڌ کي ورهائڻ ۽ جناح پور جي ٺاھڻ جي ڳالھ ڪيان ھو تہ سنڌ ۾ سمورن ماڻهن جي اڪثريت کي نانگ سونگي ويو هو تڏهن ھي توهان جو ڀاءُ اياز لطيف پليجو جيڪو ٻاويھ مئي تي ڪراچي ۾ ھزارين جي قافلي سان وڌيو ھو گوليون ھلنديون رھيون شھادتون ٿيون نيٺ ڪراچي پريس ڪلب پھتا ھئاسين جناح پور ھميشہ لاءِ دفن ڪري ڇڏيوسين. لنڊن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شھيد بينظير ڀٽو، نواز شريف، اسفند يار ولي، عمران خان، قاضي حسين احمد سميت پاڪستان جي وفاقي پارٽين، مذهبي جماعتن ۽ قومپرست پارٽين کان اسان اعلان ڪرايو ھو دھشتگرد پارٽي جنهن سنڌ کي ورھائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي ان دھشتگرد پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڪو بہ اتحاد نہ ٿيندو. اھا قرارداد اياز لطيف پليجي منظور ڪرائي ھئي اي پي سي ڪانفرنس لنڊن ۾. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت سنڌي ماڻھن کان ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪئنالن جو بدلو وٺڻ لاءِ ٻيهر دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم کي ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ همٿائي پئي، ڪراچي وفاق جي ڪرڻ جي ڳالھ معني سنڌين جي ڇاتين ۾ خنجر ھڻڻ، ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ معني سنڌين جي عزتن ۽ غيرت ۾ ھٿ وجھڻ،ڪراچي سنڌ کان ڌار جي ڳالھ ڪرڻ معني سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو ڪرڻ متان سمجھو سنڌي ماٺ ڪريو ويٺا آهن سنڌ جا اٺ ڪروڙ ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهن، پنهنجو رت وهائينداسين پر ڪراچي نہ ڏينداسين. ڪراچي سنڌ جو روح آهي ان جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو وڙھندا سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي. جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عبدالله چانڊيو، سانول گوپانگ، گل حسن چانڊيو ابراهيم بليدي حسين درس، ستار کوسو ، گيان چند مھيشوري، يوسف لاشاري، عرفان روستماڻي،آصف ٽالپر سنڌياڻي تحريڪ جي جي اڳوانڻ شازيه احمداڻي بختاور جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو