English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ مان انتهاپسندي خلاف مضبوط آواز، صحافت جي آزادي ۽ پرامن سماج لاءِ تاريخي سيمينار
8 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
انتهاپسندي صرف هڪ سماجي مسئلو نه پر قومي سلامتي، اقتصادي ترقي، انساني حقن ۽ جمهوري قدرن لاءِ به وڏو خطرو آهي: رسول بخش رحيمداڻي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) 12 فيبروري عالمي ڏينهن براءِ روڪٿام انتهاپسندي جي مناسبت سان پريس ڪلب عمرڪوٽ جي هال ۾ هڪ اهم، باوقار ۽ فڪري طور انتهائي اثرائتو سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد دهشتگردي، مذهبي جنونيت، نفرت، شدت پسندي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ، پرامن، ترقي يافته ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل معاشري جي قيام بابت عوامي شعور پيدا ڪرڻ هو، سيمينار جي شروعات چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي جي جامع ۽ اثرائتي صدارتي خطاب سان ٿي، هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انتهاپسندي صرف هڪ سماجي مسئلو نه پر قومي سلامتي، اقتصادي ترقي، انساني حقن ۽ جمهوري قدرن لاءِ به وڏو خطرو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن سماج مان نفرت، تشدد ۽ شدت پسندي ختم ڪرڻي آهي ته تعليم، شعور، قانون جي بالادستي، رواداري ۽ گڏيل قومي سوچ کي هٿي ڏيڻي پوندي، رسول بخش رحيمداڻي وڌيڪَ چيو ته آئين پاڪستان تحت فيڪ نيوز، افواهن، ملڪ دشمن پروپيگنڊا ۽ بليڪ ميلنگ ڪندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي غلط، ڀڙڪائيندڙ ۽ گمراهه ڪندڙ مواد ڦهلائڻ قومي سلامتي سان کيڏڻ برابر آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هن واضح ڪيو ته پريس ڪلب عمرڪوٽ ملڪ دشمن عنصرن، فيڪ نيوز شيئر ڪندڙن ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙ ماڻهن خلاف قانوني رستو اختيار ڪندو، هن زور ڏيندي چيو ته صحافت معاشري جي اک ۽ آواز آهي، تنهنڪري صحافين تي دٻاءُ وجهڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا سندن آواز دٻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، پريس ڪلب عمرڪوٽ صحافين جي تحفظ، آزادي صحافت ۽ سچ جي اظهار لاءِ هميشه اڳئين صف ۾ بيٺل رهندو، اختلاف راءِ کي تشدد يا ڌمڪين سان نه پر دليل، قانون ۽ جمهوري طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي، صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر چيو ته انتهاپسندي، نفرت ۽ فيڪ نيوز سماج لاءِ وڏو خطرو آهن، جن کي گڏجي ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پريس ڪلب عمرڪوٽ سچ، حق ۽ آزاد صحافت جو مضبوط مورچو آهي، جتي ڪنهن به دٻاءَ کي قبول نه ڪيو ويندو، هن نوجوانن کي تعليم، مثبت سوچ ۽ برداشت اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي پرامن ۽ خوشحال سماج جو قيام ممڪن آهي، علامه ارشاد علي عرفاني پنهنجي خطاب ۾ مذهبي رواداري، اعتدال ۽ انساني ڀائيچاري تي زور ڏيندي چيو ته اسلام امن، محبت، برداشت ۽ ڀائيچاري جو دين آهي، هن چيو ته نوجوان نسل کي نفرت، شدت پسندي ۽ گمراهه سوچ کان بچائڻ لاءِ والدين، استادن، علمن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر جي ايم اسلم ڀٽي چيو ته انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ صرف تقريرون نه پر عملي قدم به ضروري آهن، هن چيو ته لاڳاپيل معاملن بابت رجسٽرڊ ليٽر، قانوني نوٽيس ۽ رپورٽون موڪليون ويون آهن ۽ قانون مطابق ڪارروائي جاري رهندي، هن چيو ته ضلعي سطح تي صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ، مئنيجمينٽ ڪميٽي ۽ انتظاميه گڏجي امن ۽ استحڪام لاءِ حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن، مولانا نظر محمد درس چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، اسلام هميشه امن، انسانيت، ڀائيچاري ۽ خدمت جو درس ڏنو آهي، هن نوجوانن کي تعليم، مثبت سوچ، محنت ۽ سماجي خدمت طرف راغب ڪرڻ تي زور ڏنو، سينيئر صحافي محمد امين ڏيپلائي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ميڊيا سماج جو اهم ستون آهي، جيڪو حق ۽ سچ کي عوام تائين پهچائڻ جو ذريعو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ميڊيا مضبوط، آزاد ۽ ذميوار هوندي ته سماج مان انتهاپسندي، بدامني ۽ غلط سوچ جو خاتمو ممڪن آهي، هن وڌيڪَ چيو ته صحافين کي به پنهنجي قلم ۽ ڪيمرا کي ذميواري سان استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪا به خبر نفرت، تشدد يا انتشار کي هٿي نه ڏئي، هن نوجوان صحافين کي تحقيقاتي صحافت ۽ مثبت صحافتي روايتن کي اپنائڻ جي تلقين ڪئي، سينيئر صحافي ممتاز آريسر چيو ته انتهاپسندي صرف بندوق سان نه پر سوچ سان به وڙهڻي پوندي، هن چيو ته جڏهن تائين سماج ۾ برداشت، رواداري ۽ احترام پيدا نه ٿيندو، تڏهن تائين امن ممڪن ناهي، هن چيو ته ميڊيا، علماءِ ڪرام، استاد، وڪيل، سياسي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي گڏجي ڪم ڪندا ته ئي هڪ پرامن ۽ ترقي يافته سماج ٺهي سگهي ٿو، هن چيو ته صحافت جو اصل ڪم سماج کي ورهائڻ نه پر گڏ ڪرڻ آهي، انسپيڪٽر الهڏنو خاصخيلي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن، پر عوام جي تعاون کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي، هن چيو ته پوليس ۽ شهرين جي گڏيل ڪوششن سان ئي سماج مان ڏوهه ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ٿي سگهي ٿو، آخر ۾ صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر آيل مهمانن، مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو خاص طور تي مئنيجمينٽ ڪميٽي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي جا ٿورائتا آهن، جن جي محنت ۽ قيادت سان هي اهم ۽ ڪامياب سيمينار منعقد ٿيو، هن چيو ته پريس ڪلب عمرڪوٽ مستقبل ۾ به اهڙا فڪري، سماجي ۽ تعميري پروگرام جاري رکندو، سيمينار ۾ رٽائرڊ آرمي آفيسرن، مختلف سرڪاري محڪمن جي آفيسرن، علماءِ ڪرام، سوشل ميڊيا ايڪٽيويسٽس، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ پائيدار امن لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Feb 2026
•
سندھ
ٹنڈو محمد خان:مولوی عبدالسلام سومرو کے ہاتھوں مبینہ طور پر اغوا کی گئی بچی زکیرا رند بازیاب
12th Feb 2026
•
تازہ ترین
نجی فیکٹری میں بوائلر پھٹنے سے دھماکہ، 2 نوجوان جاں بحق
12th Feb 2026
•
پاکستان
قومی سیمینار، پاکستان کی ماہی گیری اور آبی زراعت: موجودہ صورتحال، درپیش مسائل اور مستقبل کی راہیں
12th Feb 2026
•
تازہ ترین
*پاکستان کی تاریخ خواتین کے بغیر نامکمل ہے، خواتین اور جمہوریت سے متعلق ہر بات مجھے میری والدہ کی یاد دلاتی ہے، آصفہ بھٹو
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، نوجوان ناري سخت زخمي
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: صابو هيرو ڳوٺ واسي پورهيتن جو بااثرن جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ناپر برادري جو ناري جي اغوا خلاف احتجاج
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ٽائون انتظاميا طرفان موئيدان، پٺاڻ ڳوٺ ۾ سولر واٽر سپلائي اسڪيم جو افتتاح
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رسول بخش رحيمداڻي
عمرڪوٽ مان انتهاپسندي خلاف مضبوط
0 تبصرے