سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک نوان گهر، دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي منصوبو آهي: آصفه ڀٽو زرداري

سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افیکٽيز منصوبو بلاول ڀٽو جو ويزن آهي: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک نوان گهر، دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي منصوبو آهي: آصفه ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ حڪومت ۽ ايس پي ايڇ ايف جي گڏيل ميزباني هيٺ تاريخي “ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026” جو شاندار افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب ۾ خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ، وزير تعليم سيد سردار شاهه، نثار احمد کهڙو، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، سي اي او ايس پي ايڇ ايف خالد محمود شيخ سميت دنيا جي 41 ملڪن مان 600 مندوبين، انساني امداد ادارن، ماحولياتي ماهرن، قدرتي آفتن سان لاڳاپيل ماهرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي. هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطو قدرتي آفتن کان گهڻو متاثر رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ايس پي ايڇ ايف جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هن چيو ته ايس پي ايڇ ايف بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي منصوبو آهي، جنهن تحت سنڌ جي 21 لک ٻوڏ متاثرن لاءِ نوان گهر تعمير ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته نون گهرن جي تعمير سان گڏ عورتن کي به معاشي خودمختياري حاصل ٿي رهي آهي ۽ سمورن متاثرن کي جلد گهر فراهم ڪيا ويندا. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم رهائشي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن جو اهم پليٽ فارم آهي. هن چيو ته امدادي ادارن، سرڪاري کاتن ۽ خانگي ڀائيوارن جون گڏيل ڪوششون قابلِ تحسين آهن. سندس چوڻ هو ته ايس پي ايڇ ايف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي، جنهن جي پٺيان انساني همدردي تي ٻڌل هڪ ڪهاڻي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جي اپيل تي 21 لک نوان گهر ٺاهڻ جو اٽل فيصلو ڪيو ۽ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر تعمير ڪرڻ لاءِ 5 کان 6 ارب ڊالرن جي وڏي رقم گهربل هئي، جيڪا ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ، اسلامي ترقياتي بينڪ ۽ ٻين مالي ادارن جي سهڪار سان ممڪن ٿي. هن چيو ته ايس پي ايڇ ايف تحت رڳو گهر نه، پر نيون اميدون به تعمير ٿي رهيون آهن، جنهن کي ورلڊ بينڪ جي صدر اجئي بنگا به تسليم ڪيو آهي. ايس پي ايڇ ايف جي سي اي او خالد محمود شيخ خطاب ڪندي چيو ته ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026 جو انعقاد اسان لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ايس پي ايڇ ايف دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي منصوبو آهي، جنهن تحت 7 لک 50 هزار گهر اڳ ئي تعمير ٿي چڪا آهن ۽ هر مهيني 50 هزار نوان گهر ٺهي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 21 لک گهرن جي تعمير جو عمل جاري آهي، جڏهن ته 8 لک عورتن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن ۽ کين مالڪاڻا اسناد به ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته منصوبو چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي رهنمائي جو عڪاس آهي. فورم کي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري مينيجر بولورما امگابزر، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، سي آر ايس جي سي اي او سين ڪلاهان، هيبيٽيٽ فار هيومنٽي ايشيا پيسفڪ پروگرام جي سينيئر ڊائريڪٽر ميا مرينا، آءِ او ايم مشن جي سربراهه ميو ساٽو ۽ يورپي يونين وفد جي سربراهه يورون وليمز پڻ خطاب ڪيو ۽ ايس پي ايڇ ايف جي رهائشي بحالي منصوبي کي ساراهيو. فورم دوران ايس پي ايڇ ايف جي عورت مستفيدين تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي، جنهن ۾ بااختيار بڻيل عورتن جون متاثر ڪندڙ ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون. تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ بعد ۾ قومي ترانو وڄايو ويو. “ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026” 12 کان 14 فيبروري تائين جاري رهندو.