رمضان ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ ٽيمون جوڙيون وينديون،: ڊي سي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ احترامِ رمضان المبارڪ ۽ ضروري شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ ضابطو آڻڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمنِ، واپارين، ضلعي انتظاميه، پرائس ڪنٽرول، مارڪيٽ ڪميٽي، فوڊ سيفٽي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عالمن تي زور ڀريو ته هو پاڪ مهيني دوران امن امان جي قيام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ عوام ۾ ڀائيچاري، برداشت ۽ قانون جي پاسداري جو شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيون وينديون، جيڪي بازارن ۽ مارڪيٽن جا باقاعده دورا ڪري شين جي وڪري ۽ سرڪاري اگهن تي عملدرآمد جو جائزو وٺنديون جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضروري شين جي اگهن تي ضابطو رکڻ وارو نظام مڪمل طور سرگرم رکيو ويندو. هن واپاري اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو غير معياري شين جي وڪري کان پاسو ڪن ۽ حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهن تي ضروري شيون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن پرائس ڪنٽرول ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضروري شين جي اگهن جون فهرستون نئين سر تيار ڪري جلد پيش ڪن جڏهن ته واپارين کي پابند بڻايو وڃي ته اهي اگهن جون فهرستون نمايان هنڌن تي لڳائين. هن وڌيڪ چيو ته اگهن تي ضابطو رکڻ لاءِ مئجسٽريٽن کي مخصوص علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو ته جيئن هو پنهنجي علائقن ۾ موثر نگراني ڪري سگهن. فوڊ سيفٽي عملدارن کي به هدايت ڪئي وئي ته ضلعي انتظاميه سان گڏيل ڪارروائين ذريعي غير معياري ۽ مضر صحت شيون وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان المبارڪ دوران هوٽلن وغيره کي کليل رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته هو تعلقه سطح تي بہ اهڙا اجلاس منعقد ڪري انتظامي قدمن کي يقيني بڻائين. ان موقعي تي عالمنِ پاران رمضان دوران سيڪيورٽي، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻين درپيش مسئلن بابت تجويزون پيش ڪيون، جن تي ڊپٽي ڪمشنر عملدرآمد جو يقين پڻ ڏياريو.
0 تبصرے