English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت جي ميزباني هيٺ ” ایشیا پیسفڪ شیلٽر اینڊ سیٽلمینٽس فورم 2026‘ منعقد ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل
123 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي؛ سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ ۾ 12 کان 14 فيبروري تائين’ایشیا پیسفڪ شیلٽر اینڊ سیٽلمینٽس فورم، 2026 (APSSF) منعقد ڪرائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان تاريخي فورم ۾ دنیا جي 41 ملڪن سان تعلق رکندڙ 600 وفد شرڪت ڪندا، جن ۾ عالمي تنظيمن جا نمائندا، پناهگاهه ۽ نئين سر آباديءَ وارا گروپس، انساني امداد لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا، ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيندڙ ماهر توڙي ٻيا پڻ شامل آهن. " جامع ۽ موسمیاتي تبدیلین سان ٺهڪندڙ گھر ۽ ڪمیونٽیز جي ترقيءَ لاءِ گڏيل عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ " جي عنوان هيٺ منعقد ٿيندڙ’ایشیا پیسفڪ شیلٽر اینڊ سیٽلمینٽس فورم 2026‘ میں 26 سیشنز جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جن ۾ اٽڪل 115 مقرر پالیسي، عملي اپائن، محفوظ پناهگاهه ۽ آبادڪاريءَ ۾ نواڻ کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندا. سنڌ حڪومت جو هن علائقائي پليٽ فارم جي ڪنوینر طور ڪردار موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ رهائشي بحاليءَ جي شعبي ۾ عالمي قيادت جو مظهر آهي، جيڪو سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف ) منصوبي وسيلي نمايان ٿئي ٿو. ایس پی ایڇ ایف دنیا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي پروگرام آهي، جنهن تحت سڄي سنڌ ۾ 2022 جي ٻوڏ متاثر ڪٽنبن کي قدرتي آفتن ۾ محفوظ رهندڙ 21 لک نوان گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ”اي پي ایس ایس ایف 2026“ جي ميزبانيءَ وسيلي سنڌ صوبو خطي ۾ جامع ۽ موسمياتي تبديلين ۾ محفوظ رهندڙرهائشي حل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪارجو مرڪز بڻجڻ ۾ اهم ڪردار حاصل ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسين ايس پي ايڇ ايف وسيلي اسان اهو ثابت ڪري چڪا آهيون ته وسيع پيماني تي جٽادار رهائشي بحالي ممڪن آهي، هن فورم ذريعي اسان پنهنجا تجربا ٻين سان شيئر ڪنداسين ۽ بين الاقوامي ماهرن پاران فراهم ٿيندڙ معلومات مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو موقعو پڻ ملندو،جنهن سان ايشيا پيسفڪ خطي ۾ انساني همدردي توڙي ترقياتي عمل جي مستقبل جي اثرائتي نموني جوڙجڪ ڪري سگهجي ٿي. ”APSSF“ خطي ۾ محفوظ گهرن ۽ رهائشي وسندين جي قيام بابت مڪالمي کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل اتفاق ۽ عملي حل کي ممڪن بڻائڻ وارو هڪ نمايان تہڑع اثرائتو پليٽ فارم آهي. هي فورم وڏي پيماني تي لڏپلاڻ، موسمياتي عدم تحفظ ۽ شديد هائيڊرولوجيڪل توڙي زميني واقعن جي وڌندڙ اثرن جهڙين پيچيده حقيقتن کي سامهون رکندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ ايس پي ايڇ ايف جي گڏيل ميزباني توڙي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ جي سهڪار سان ”APSSF 2026“ جو منعقد ٿيڻ خطي ۽ بين الاقوامي سطح تي هڪ اهم ايونٽ آهي، جنهن ذريعي جدت، گڏيل سهڪار ۽ جٽادار اثرن تي ٻڌل بيمثال موقعا ميسر ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
حساس یا رومانوی مناظر کرتے وقت اداکاروں کے درمیان اعتماد اور حدود کا احترام بہت اہم ہے۔اداکار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلموں میں رومانوی مناظر پر اداکارہ کا کھل کر اظہار خیال
02nd Apr 2026
•
شوبز
انٹرنیٹ دور میں فلمی صنعت کو نئے چیلنجز
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ برسات دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون چيئرمين پاران شهر جو دورو
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ۽ ڊي آر او ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ ضمني چونڊ بابت اجلاس
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي جو اجلاس، مختلف ترقياتي اسڪيمن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي غور
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
برساتن کانپوءِ ضلع ملير ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
APSSF
ایشیا پیسفڪ شیلٽر اینڊ سیٽلمینٽس
0 تبصرے