English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد
202 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ضلعي ٺٽي ۾ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) فنڊن تحت هلندڙ ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو
ٺٽو( شفيق ڀٽي) چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ٺٽي ۾ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) فنڊن تحت هلندڙ ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽين جي سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ٺٽو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي سميت مختلف سرڪاري کاتن ۽ تيل ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايم اين اي صادق علي ميمڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ هلندڙ سمورن ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت جامع رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته جن اسڪولن، صحت مرڪزن ۽ آر او پلانٽن جي بحالي جي ضرورت آهي انهن جي سروي ڪري تصويرن سان گڏ رپورٽ پيش ڪرڻ سميت سي ايس آر فندن جي وصولي ۽ خرچ بابت پڻ تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت چيو ته ضلعي جي مجموعي بهتري ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي لاءِ سي ايس آر فنڊن جو شفاف ۽ موثر استعمال انتهائي ضروري آهي. هن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن ۾ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي ۽ سڀئي رٿائون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي جهڙن بنيادي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي جڏهن ته ڪوسٽل ايرياز ۾ ماحولياتي تحفظ کي اوليت ڏيندي مينگروز جي واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. ايم اين اي صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪوسٽل ايرياز ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ واضح ۽ جامع پروپوزل تيار ڪيا وڃن ته جيئن علائقي جي ماڻهن کي حقيقي فائدو پهچي سگهي. هن سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سي ايس آر فندن جي بهتر استعمال بابت پنهنجون تجويزون جلد پيش ڪن تہ جيئن ايندڙ اجلاس ۾ انهن جو جائزو وٺي ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اهم فيصلا ڪري سگهجن. اجلاس دوران ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ضلعي ٺٽي جي غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مالي سهائتا لاءِ اسڪالرشپ فنڊز مقرر ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مختيار احمد، چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل ٺٽو علي حيدر شاهه، ضلعي جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي امتياز احمد قريشي، سابق چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ممتاز علي ميمڻ، آفتاب جاويد ميمڻ، چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنھور، چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڳاڙھو حاجي محمد صديق خاصخيلي سميت ماڙي پيٽروليم، او جي ڊي سي ۽ ٻين تيل ڪمپنين جا نمائندا ۽ صحت، تعليم، روينيو، بلڊنگز، پبلڪ هيلٿ، ايجوڪيشن ورڪس، هاءِ ويز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مڪلي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ
0 تبصرے