ملير سميت ڪراچي ۾ ڪيميڪل مليل کير جو سرعام وڪرو

شاهه لطيف پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪيميڪل واري کير سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري ورتي

ملير سميت ڪراچي ۾ ڪيميڪل مليل کير  جو  سرعام وڪرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شهر ۾ ڪيميڪل سان تيار ڪيل کير جو سرعام وڪري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شاهه لطيف ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيميڪل واري کير سان ڀريل هڪ گاڏي پڪڙي ورتي جڏهن ته ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب گرفتار ماڻهو گھگهر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪيميڪل ذريعي کير تيار ڪري سستي اگهه ۾ مختلف مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪندا هئا پوليس جو چوڻ آهي ته هي منظم مافيا عوامي صحت سان کيڏي رهي هئي. پوليس موجب، ڊيري فارمز ايسوسيئيشن گرفتار ماڻهن خلاف پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي ان موقعي تي ڊيري فارمز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شبیر ڊار چيو ته شهر ڀر ۾ ڪيميڪل واري کير جي وڪري کي روڪڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪراچي جي ڪمشنر سميت اعليٰ اختيارين کي درخواست ڪندا ته اهڙي مافيا خلاف سخت قدم کنيا وڃن.شبیر ڊار جو چوڻ هو ته عوام جي صحت سان کيڏندڙ عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي.