سجاول جي صحافي علي نواز ڀرڳڙي جو ڀاءُ غلام حسين لاڏاڻو ڪري ويو

سجاول جي صحافي علي نواز ڀرڳڙي جو ڀاءُ غلام حسين لاڏاڻو ڪري ويو

سجاول (رپورٽر) سجاول جي صحافي علي نواز ڀرڳڙي جو نوجوان ڀاء دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ,سجاول جو مشهور زميندار ۽ سياسي شخصيت مرحوم حاجي گل حسن ڀرڳڙي جو فرزند ۽ سینئر صحافي علي نواز ڀرڳڙي جو نوجوان ڀاء غلام حسين ڀرڳڙي دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس اوچتي وڇوڙي سبب پوري علائقي ۾ ڏک ۽ صدمي وارو ماحول ڇائينجي ويو مرحوم جو مڙه آباڻي قبرستان ۾ مٽي حوالي ڪيو ويو مرحوم جي ڪلهي ڪانڌين سابق ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي صوبائي وزير محمد علي خان ملڪاڻي پ پ عوامي اڳواڻ ڀاء عبدالطيف ميمڻ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ رئيس اعظم خان ملڪاڻي رئيس عبدالله خان لغاري سيد نصير شاھ شيرازي رئيس غلام حسين لغاري ڊي ايس پي امير بخش کوسو حاجي پاشا شاه شيرازي ، دل جو ماهر ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ انجمن تاجران ضلع صدر حافظ رياض ميمڻ سمیت ۽ ٻين شرڪت ڪئي ء صحافي علي نواز ڀرڳڙي سمیت خاندان سان سندس ڀاء جي وفات گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۔