عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر جي نئين چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب

سينيئر صحافي سھيل سانگي، تعليمدان ڪريم بخش شيخ، اويئر جو ايگزيڪيٽيو ڊائريڪٽر علي اڪبر راھمون ۽ ٻيا شريڪ

عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر جي نئين چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سماجي تنظيم اويئر جي نئين چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب، سياسي سماجي حلقن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب سماجي تنظيم اويئر جي نون چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنھن ۾ سينيئر صحافي سھيل سانگي، تعليمدان ڪريم بخش شيخ، سماجي تنظيم اويئر جي ايگزيڪيٽيو ڊائريڪٽر علي اڪبر راھمون، منظور حسن ڀٽي سميت سماجي حلقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران خطاب ڪندي سينئر صحافي سھيل سانگي، ڪريم بخش شيخ، منظور حسن ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلن جي اثرن وڌندڙ آبادي ۽ اڀرندڙ تقاضائن کي نظر ۾ رکي ڪم ڪرڻو پوندو، سرڪار ۽ سماجي تنظيمن جي وچ ۾ ڳڏيل ڪم لاء ماحول کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا منظور حسن ڀٽي چيو ته ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪچين آبادين توڙي ٻهراڙين ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور جو روزڳار تمام ڳهڻو پريشان رهي ٿو آبادي وڌي رهي آهي ۽ روزگار جا موقعا محدود ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن بدامني جا واقعا وڌڻ جو خدشو آهي حڪومت ۽ ٻين وس وارن کي گھرجي ته هو ان ڏس ۾ تڪڙا اپاءُ وٺن ٻي صورت ۾ حالتون خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ان موقعي تي اوئير جي نئين چونڊيل باڊي کي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راهمون طرفان بريفيگ پڻ ڏني ويئي سماجي تنظيم اوئير جي بورڊ جي چونڊن ۾ ايندڙ ٽن سالن لاء چونڊجي آيل باڊي جي عهديدارن شيوارام سوٽهڙ، علي محمد شيخ، جان محمد سمون ۽ ٻين چيو ته بدلنجدڙ معاشي ۽ معاشرتي ماحول ۾ اسان کي سماجي ڪمن جي طرز ، موقعن ۽ لائحه عمل کي پڻ بدلائڻو پوندو ۽ عوام ۾ سجاڳي آڻڻ لاء نوان طريقا اپنائڻا پوندا موسمياتي تبديلين جا اثر اڻٽر آهن جنهن سبب انساني آبادي توڙي ٻي جيوت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ان لا۽ ضروري آهي ته سماجي تنظيمون، سرڪاري ۽ وس وارا ڊگهي مدي واي منصوبا بندي ڪن.