صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ 4 جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا: قلم ڌڻي
نوشهرو فيروز(ڊ ر) دادو ۾ 12 صحافين خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ داخل ڪيل ڪيس خلاف ء چئن صحافین کی گرفتار کرٹ خلاف نوشهروفيروز ۾ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو۔ ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راجپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، غلام شبیر اڄڻ ، وقار احمد راجپر، عادل عباسی، پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، مسرور چانڊيو، پٺاڻ ٻوهيو، ظمیر حسین لنڈ خادم حسین مری اقبال راجپر سميت ۽ ٻين صحافين چيو ته صحافين مٿان دهشتگردي جهڙا سنگين قانون لاڳو ڪرڻ صحافتي آزاديءَ تي کليل حملو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو۔ هنن مطالبو ڪيو ته دادو جي صحافين خلاف داخل ڪيل دهشتگردي ايڪٽ جا ڪيس فوري طور واپس ورتا وڃن ۽ اظهارِ راءِ جي آزاديءَ جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي۔ صحافين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دادو جي صحافين خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔
0 تبصرے