English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۽ نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جا اجلاس ٿي گذريا
227 views
|
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري ۽ نصيرآباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي صدارت ڪئي
لاڙڪاڻو / نصيرآباد (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو اجلاس قومي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سڪندر لاشاري جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو ضلعي صدر علي اڪبر خاصخيلي جي صدارت هيٺ نصير آباد ۾ ٿيو ٻنهي اجلاسن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزاني شوڪت تنيو خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ نوان يونٽ کوليا ويندا، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ڪانفرنس ڪوٺايون وينديون اپريل ۾ محبت سنڌ جلسا ڪيا ويندا، جھنڊا ۽ ميبرشپ مھم فيبروري کان مارچ تائين جاري رهندي. اجلاسن کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو جي چيو تہ ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شھ رڳ، تخت گاھ آھي، جنھن کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي. ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين. سنڌ سان پيار ڪيو ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ سکو. ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو تہ پڙهيل سنڌ هوندي تہ سنڌ وڙهندي جي سنڌ اڳونٺي ڇاپ هوندي تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پويان پندي پئي. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزاني شوڪت تنيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي بچائڻ لاءِ شاگردن، نوجوانن، استادن، عورتن، ٻارن، مزدورن، ھارين سميت سنڌ جي باشعور عوام کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو ڌرتي، پاڻي، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس ٻيٽن، تاريخي ماڳن، جبلن، ٻيلن، زمينون، معدنيات، خودمختياري جي لاءِ متحد نہ ٿياسين تہ تيسين حڪمران سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين جي قسمت سان کيڏندا رهندا. قومي عوامي تحريڪ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي صدر اڪبر خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ وڏا، باڪمال ۽ بامقصد ڪم ڪيو، ٿڪجو نہ، ويھو نہ، جر جا ڦوٽا ۽ حباب نہ ٿيو. ڀلي مخالفتون ٿين، رڪاوٽون پون، ٺٺوليون ٿين، حملہ ٿين، الزام لڳن، پر پنھنجي مقصد جي پويان لڳا اچو. قومي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سڪندر لاشاري خطاب ڪندي چيو تہ موجود سنڌ ۾ شھباز شريف، ايم ڪيو ايم، آصف زرداري، مريم نواز ۽ ان جا ملڪ سڀئي ھڪڙي پيج تي آهن انهن سڀني سوچيو آهي اسان وٽ اقتدار بہ آهي جنگيون بہ کٽيون آھن زرداري، نواز شريف گڏ آهي سڀني کي گمائي ٿا وٺون اٽڪل اھا ذھن ۾ آھي تہ ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ڪيو پوءِ سنڌ وڏي ھوندي ڪون ننڍڙي ننڍڙي سنڌ ھوندي مزاحمت ٿيندي ڪون. جيڪڏهن توھين سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو ان سازش ۾ ڪنهن عالمي طاقتن تي عارضي جوڳھاڙ ڪري بہ وڃون ۽ پوءِ اڃين آهي ڇا ھڪڙن کي جرمني موڪلي ڇڏيو ٻئين برازيل موڪليو سنڌي توھان سان ھر جاءِ تي مزاحمت ڪندا تنھن ڪري اھو ذھن مان ڪڍي سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ آهي ھزارين سالن تائين دورن ۾ ھڪ رھندي تنھن ڪري توهان جي سمورن منصوبن کي سنڌ جو عوام ناڪام بڻائيندو توهان شڪست ايندي شڪست ائين ايندي جنهن ايوب خان، يحي خان کي آھي ضياء جي مارشلا کي آھي مشرف جنهن مڪون پئي ڏيکاريون ان کي آھي شڪست انهن سڀني جي ڀاڳ ۾ لکيل آهي جيڪو سنڌ جي عوام سان ٽڪرائيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاڙڪاڻي ۽ نصيرآباد ۾ قومي
0 تبصرے