ڪراچي (رپورٽرز وٽان) دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، صحافين پاران ڄامشورو، نوشهروفيروز، ڀان سيد آباد، شاهپور جهانيان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، دادو ۾ 12 صحافين خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ داخل ڪيل ڪيس خلاف نوشهروفيروز ۾ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو۔ ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راجپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، مسرور چانڊيو، شاهد چنه، محبوب ڪلهوڙو، عطا حسين سمون، پٺاڻ ٻوهيو، عرفان ميمڻ، ذوالفقار تڳر، حميد سميع سميت ۽ ٻين صحافين چيو ته صحافين مٿان دهشتگردي جهڙا سنگين قانون لاڳو ڪرڻ صحافتي آزاديءَ تي کليل حملو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو۔ هنن مطالبو ڪيو ته دادو جي صحافين خلاف داخل ڪيل دهشتگردي ايڪٽ جا ڪيس فوري طور واپس ورتا وڃن ۽ اظهارِ راءِ جي آزاديءَ جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي۔ صحافين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دادو جي صحافين خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔ٻي طرف دادو ۾ ياسر شورو ۽ شعيب ٿهيم سميت ٻين صحافين مٿان ڪيس ۽ سنڌ جي ٻين شھيد صحافين جي خونن سان انصاف نه ٿيڻ خلاف خلاف شاهپورجهانيان ۾ صحافين عبدالوحيد ڏاهري،قاسم جاني،منٺار ڏاهري ۽ اختر آزاد ڏاهري جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ هٿن ۾ مطالبن وارا پمفليٽ کڻي نعريبازي سان شھر جي مصروف چوڪ باب جهانيان کان پريس ڪلب تائين ريلي سان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي خطاب ڪندي صحافين عبدالوحيد ڏاهري مشتاق ڏاهري، ظفر ٻگهيو، محمد ياسين آرائين، منٺار ڏاهري قاسم جاني اختر آزاد ڏاهري ۽ ٻين دادو پوليس پاران نادر جمالي قتل ڪيس کي ايمانداري سان ڪوريج ڪندڙ صحافين مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي سازش ڪندڙ دادو پوليس جي داداگيري جو سخت نوٽيس وٺي ڪوڙو ڪيس خارج ڪري ذميوار پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري تدارڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج هوندا۔هنن چيو ته صحافي ۽ پريس ڪلب مظلوم طبقي جي مدد جو سگهارو مورچو آھن۔ جن کي سازشن حربن ۽ ڪوڙن ڪيسن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي۔ جڏهن ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر سميت سمورن شھيد ڪيل صحافين جي خونن سان انصاف جو مطالبو پڻ ڪيو ويو۔، هوڏانهن دادو ۾ صحافين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڀان سيدآباد ۾ صحافي روڊن تي نڪري آيا، پريس ڪلب ڀان سيدآباد جي جوائنٽ سيڪريٽري ياسر شورو، شعيب ٿهيم سميت 14 صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صحافين جو سخت احتجاج، پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي، احتجاج ۾ آدم علي مينگل، آصف علي ميمڻ، ياسر شورو، خالد چنا، نظام الدين ڳنڀير، صفر خشڪ، راشد کوکر محمد علي ميمڻ ضمير چانڊيو سميت سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن مير ممتاز ٻگهيو، نصير کوکر ۽ ٻيا شريڪ هئا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته نادر جمالي قتل ڪيس جون حقيقتون منظرعام تي آڻڻ تي ايس ايس پي امير سعود مگسي قلم ڌڻين تي من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيو آهي سوال ڪرڻ صحافي جو حق آهي، ايس ايس پي دادو بوکلاهٽ جو مظاهرو ڪيو آهي، صحافين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس رد ڪريون ٿا، صحافي پوليس جي ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهن، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ شفاف جاچ ڪرائين، ڀان سيدآباد جي صحافين جو هنگامي اجلاس، جوائنٽ سيڪريٽري ياسر شورو تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف قلندر لعل شهباز جي ميلي جي ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ وڏي وزير آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ دادو پوليس طرفان صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تي دهشتگردي جي ايف آء آر ڪرڻ خلاف رحيم جمالي جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،جڏهن ته احتجاجي مظاهري ۾ صحافين احمد علي ابڙو ۽ سهيل جويو سميت ايس يو پي اڳواڻن باغي جي ايم ۽ شورو، سالار ڀلائي، سهيل ٻرڙو، دڪاندار اڳواڻ شهزور ڏاوچ، آزاد سنجراڻي، سليم شورو اعجاز جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته دادو پوليس دهشتگردي ڪري نادر جمالي جو عدالت کان مٿاهون قتل ڪيو ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي ۽ حق سچ لکڻ تي سياسي سماجي اڳواڻن سميت صحافين مٿان به دهشتگردي جي قلمن تحت ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي سخت لفظن مذمت ڪجي ٿي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته صحافين سميت دادو جي جمالي برادري ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪئي وڃي ۽ نادر جمالي جي قاتل پوليس عملدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.
0 تبصرے