مقبري کي مرمت ۽ سار سنڀال نه هئڻ سبب مختلف هنڌن تان خطرناڪ ڏار پئجي ويا، برساتي پاڻي جو نارو به ٽٽي پيو
ٺٽو ( شفيق ڀٽي) سنڌ جي سونهري تاريخ جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين سمون جي مڪلي ٽڪريءَ تي واقع عاليشان مقبري کي مرمت ۽ سار سنڀال نه هئڻ سبب مختلف هنڌن تان خطرناڪ ڏار ۽ ڦوٽون پئجي ويون آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌنديون پيون وڃن. مقبري جي ڇت ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳل نارو به ٽٽي پيو آهي، جنهن سبب برساتي پاڻي سڌو سنئون ديوارن ۾ جذب ٿي رهيو آهي ۽ تاريخي عمارت کي وڌيڪ نقصان پهچائي رهيو آهي. مزار ٽڪريءَ جي ڪناري سان واقع هئڻ سبب هيٺان لڳل لڳ ڀڳ ڏهه فوٽن جي پيچنگ کي به وڏيون ڦوٽون پئجي ويون آهن، جيڪي برساتي پاڻي جي ڪري ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. ياد رهي ته مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽن طرفن کان دروازا آهن، جن مان اترئين ۽ ڏاکڻي پاسي وارن دروازن جي مٿان به ڏار پوڻ ۽ امڪاني خطري سبب انهن ٻنهي دروازن کي پٿر هڻي بند ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان سان وقتي طور خطرو ٽري ويو آهي، پر مقبري ۾ پيل بنيادي ڏار ۽ ڦوٽون اڃا به برقرار آهن. ڄام نظام الدين سمون جو مقبرو مڪلي جي عظيم قبرستان جو حصو آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏن تاريخي قبرستانن مان هڪ آهي. مڪلي قبرستان کي 1981ع ۾ يونيسڪو (UNESCO) طرفان عالمي ورثي (World Heritage Site) جو درجو ڏنو ويو، جنهن بعد هن ماڳ جي عالمي سطح تي اهميت تسليم ٿيل آهي. ڄام نظام الدين جو مقبرو اسلامي فن تعمير، نفيس پٿر جي ڪاريگري ۽ سنڌي تاريخ جي سياسي، ثقافتي عظمت جي زنده علامت آهي، جنهن جي حفاظت رڳو صوبائي نه پر بين الاقوامي ذميواري پڻ آهي. مقبرو ڄام نظام الدين سمون، پاڪستان جي Antiquities Act 1975 ۽ سنڌ جي Cultural Heritage (Preservation) Act 1994 تحت قانوني طور محفوظ قومي ورثو قرار ڏنل آهي. قانون موجب اهڙن ماڳن جي مرمت، بحالي ۽ سنڀال لاڳاپيل کاتي جي بنيادي ذميواري آهي، جڏهن ته لاپرواهي يا نقصان جي صورت ۾ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب، ڄام نظام الدين سمون جي مقبري سميت مڪلي جي ٻين تاريخي ماڳن جي بحالي لاءِ فنڊ موجود آهن، پر واسطيدار آفيسرن جي نااهلي، سستي ۽ عدم دلچسپي سبب اهي فنڊ استعمال نه پيا ڪيا وڃن. نتيجي طور، انساني هٿن سان جوڙيل هي عظيم شاهڪار قومي ورثو ڏينهون ڏينهن ميسارجي رهيو آهي. ساڳئي وقت مڪلي ۾ موجود مائي مڪلي جي مزار جي فرش ۾ ناقص معيار جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ سم ۽ ڪلر جو شڪار ٿي رهيو آهي. اهڙي ئي خراب صورتحال ڄام نظام الدين سمون طرفان جوڙيل تاريخي مسجد جي تعميراتي ۽ مرمتي ڪم جي پڻ آهي، جتي ڪم جي معيار تي سوال اٿاري سگھجن ٿا. ٺٽي جي سياسي، سماجي ۽ علمي حلقن هن صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته مڪلي جي تاريخي ماڳن، خاص طور ڄام نظام الدين سمون جي مقبري، مائي مڪلي جي مزار ۽ ڄام نظام الدين سمون جي مسجد ۾ ٿيل تعميراتي ۽ مرمتي ڪمن جي فوري انڪوائري ڪرائي وڃي، فنڊن جي استعمال جي شفاف جانچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري طور جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته هي عالمي حيثيت رکندڙ قومي ورثو ناقابل تلافي نقصان جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هنن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، آثار قديمه کاتي ۽ يونيسڪو سان لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ايمرجنسي بنيادن تي مرمت، سائنسي بحالي ۽ مستقل سار سنڀال جو جامع منصوبو جوڙيو وڃي، جيئن سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي بچائي سگهجي.
0 تبصرے