حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري ( غريب نواز) رحمت الله عليه

تحرير : عبدالفتاح عباسي

حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري ( غريب نواز) رحمت الله عليه

پاڪ و هند جي سرزمين الله جي نيڪ پرهيزگار، ڪامل ولي، درويشن، مجذوب، صاحبِ ولايت ۽ مرد قلندر هستين جو دنيا جي اندر فيضان عام آهي، انهن عظيم بزرگ هستين ۾ خواجه غريب نواز حضرت معين الدين چشتي اجميري رحمت الله تعاليٰ عليه جو 537 هه بمطابق 1142 ع ۾ سيستان جي علائقي سنجر ۾ جنم ٿيو، سندن جي عمر 15 سال هئي ته والد گرامي وصال ڪري ويو، پاڻ نجيب الطرفين حسني حسيني سيد آهن، جنهن ۾ سيد معين الدين حسن بن سيد غياث الدين حسن، بن نجم الدين طاهر بن سيد عبدالعزيز آهن. سندن والده گرامي توڙي والد صاحب عبادات رياضت جي حوالي سان زندگيءَ جي معمولات ۾ هميشه مشغول رهندا هيا، پاڻ سمرقند، بخارا، بغداد شريف، نيشاپور، تبريز، اوش، اصفهان، سبزوار، خراسان، خرقان، بلخ، غزنيءَ کان ٿيندا هندستان جي شهر اجمير ۾ پنهنجي نانا سائين حضور عليه الصلوات والسلام جي دين جي پرچار اشاعت ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ راهه خدا عزوجل جي سفر تي نڪتل هيا، رستي ۾ ڪجهه گهڙيون گذارڻ بعد ٿوري وقت جي لاءِ پنهنجين ساٿين سان قيام فرمايائون ته ٿوري ئي دير ۾ ڪجهه ماڻهو اچي سائين خواجه معين الدين چشتي رحمت الله عليه کي اتان اٿارڻ لاءِ زور ڀريندي شان ۾ گستاخي واري انداز ۾ گفتگو ڪرڻ شروع ڪئي جنهن تي بزرگ جلال ۾ اچي ويا ۽ فرمايائون ته اسان هتي مستقل نه پر عارضي طور تي قيام ڪيو اسان مسافر آهيون ۽ راهه خدا ۾ نڪتل آهيون اسان جي منزل اڃان اڳتي آهي تنهن ڪري اسان کي ڪجهه گهڙيون هتي ترسڻ ڏنو وڃي ته توهانجي مهرباني پر انهيءَ عقل جي انڌن بضد بڻجندي انهيءَ صاحبِ ولايت هستي حضرت خواجه غريب نواز معين الدين چشتي اجميري رحمت الله عليه جي ڳالهه نه سمجهي، بعد ۾ هيءُ بزرگ جڏهن اتان اٿي هلڻ لڳا ته چوڻ لڳا ته جيڪڏهن هاڻي هتي جيڪو به ويهندو اهو هتان اٿي نه سگهندو ۽ سائين جن جي وڃڻ کانپوءِ ائين ئي ٿيو ته انهي هندو پنڊت جي جانورن جا وڏا لشڪر ويهڻ بعد اهي ڍور ڍڳا مينهون، ٻڪريون، اٺ، رڍون ڏاند ۽ ڳئون وغيرهه اٿڻ کان لاچار بڻجي ويا ڄڻ ته انهن کي زمين ۾ ڪو چڪمڪ لڳي ويو هجي، تنهن کانپوءِ انهن ماڻهن پنهنجي دل ۾ پڇتاءُ ڪندي چيو ته وڃو ڙي انهيءَ بزرگ درويش جا پير پڪڙي معافي وٺي ڪجهه حيلو وسيلو ڪري وٺو ۽ سائينءَ کي راضي ڪري وٺو، جنهن کانپوءِ انهن پنهنجي اناءَ، تڪبر ۽ وڏائيءَ جي واٽ وٺندڙن نياز، نوڙت ۽ عاجزي واري انداز کي اپنائيندي جڏهن معافي ورتي ته مرد قلندر بزرگ هستي حضرت غريب نواز رحمت الله عليه انهن کي معافي ڏيئي ڇڏي ڇاڪاڻ ته الله وارا انتهائي مهربان ۽ شفيق هوندا آهن، هن ڪامل بزرگ هستيءَجي فيوض برڪت سبب انڊيا ۾ هڪ ٻه نه پر 90 لک غير مسلم ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ ڪلمي پاڪ جي سعادت حاصل ڪيائون.هن مرد ڪامل حضرت خواجه غريب نواز معين الدين چشتي اجميري رحمت الله تعاليٰ عليه پاڪستان جي ناليواري مشهور تصوف جي ڪامل اڪمل هستي صاحب ولايت حضرت گنج بخش داتا علي هجويري رحمت الله عليه لاهور واري بزرگ وٽ نه صرف حاضري ڏني پر انهن وٽ تقريبن چاليهه ڏينهن مراقبو به ڪيو ۽ فرمايائون ته ؛ “ گنج بخش فيضِ عالم مظهر نور خدا، ناقصان را پير ڪامل، ڪا ملا را رهنماءَ، انهيءَ مقام تصوف جي منزل تي فائز رهندڙ هستيءَ حضرت داتا علي هجويري سيد رحمت الله عليه جي قدمن ۾ اڄ به پوري دنيا جا مسلمان جڏهن لاهور پنجاب ۾ حاضر ٿين ٿا ته سندن سان گڏوگڏ ئي غريب نواز رح جي مراقبي واري جڳهه کان به مستفيض ٿيندا رهن ٿا. پاڻ حضور غوث اعظم پيران پير دستگير سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني رحمت الله عليه جي خدمت اقدس ۾ مسلسل 5 مهينا رهيا ۽ جڏهن حضور غوث اعظم رحمت الله عليه فرمايو ته ؛ “ قدمي هذه عليٰ رقبت ڪل ولي الله ” يعني منهنجو هيءُ قدم الله جي تمام ولين جي گردن تي آهي، ته انهن ڏينهن ۾ حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه خراسان جي پهاڙن ۾ عبادت ڪري رهيا هئا ۽ انهن اتي هيءُ فرمان حضور غوث اعظم جو ٻڌي موٽ ۾ عرض ڪيو ته “ بل قدماڪ عليٰ راسي و عيني” ، بلڪ اوهانجو قدم مبارڪ منهنجي سر ( مٿي ) ۽ اکين تي آهي. خواجه غريب نواز رحمت لله عليه نيڪيءَ جي دعوت ڏيندي پنهنجي قلم سان تحريري ڪم پڻ ڪندي ڪجهه ڪتاب لکيا جن ۾ انيس الارواح، ڪشف اسراس ( تصوف جو بيمثال ڪتاب)، گنج اسرار ، رساله آفاق و نفس ( تصوف جي اهم نقطن تي مشتمل) ، رساله تصوف، حديث المعارف سميت ٻيا ڪتاب لکيا آهن. حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جو معمول هوندو هيو ته سڄي سڄي رات عبادت الاهيءَ ۾ مصروف رهندا هئا ايتري تائين جو سومهڻيءَ جي وضوءَ سان نماز فجر ادا ڪندا ۽ تلاوت قرآن پاڪ جو ايتري قدر شوق ذوق هوندو هيو جو ڏينهن ۾ ٻه قرآن پاڪ جا ختما فرمائيندا هيا، دوران سفر به قرآن پاڪ جي تلاوت جاري رکندا هئا. الله وارن جو شان آهي ته ظاهري زيب و آرائش بجاءِ باطن جي صفائيءَ تي زور ڏيندا آهن، حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جي لباس مبارڪ ۾ به نتهائي درجي جي سادگي نظر ايندي هئي.سندن جو لباس صرف ٻن چادرن تي مشتمل هوندو هيو ۽ انهيءَ ۾ به ڪيتريون چتيون لڳل هونديون هيون ۽ لباس مان به سنت مصطفيٰ صلي لله عليه وسلم جي بي پناهه محبت جي جهلڪ نظر ايندي هئي. سائين حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جن پاڙيسرين سان حسن سلوڪ جو هيءُ عالم هيو جو پاڻ انهن جي خبر گيري لهڻ سميت هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا هيا، جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسريءَ جي ميت جي خبر ملندي هئي ته انهن جي تدفين جنازي ۾ تشريف فرما ٿيندا هيا، انهيءَ اخلاق حسنه کي ڏسي ۽ شاندار شخصيت کان متاثر ٿي ڪري هڪ وڏو تعداد 90 لک غير مسلم مسلمان ٿي ويا ۽ اهي اسلام پاڪيزه پيغام کي دل و جان سان مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ لڳا. سندن کي خوف خدا تمام گهڻو هوندو هيو ايتري تائين جو هميشه خشيت الاهيءَ خوف خدا عزوجل ۾ زارو و قطار روئيندا رهندا رهيا هئا ۽ ماڻهن کي تلقين ڪندا هيا ته ؛ جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته قبرن جي اندر ماڻهو ڪيئن ستل آهن ۽ انهن جو ڪهڙو حال آهي ته توهان خوف ۽ ڊپ مان بيٺي بيٺي ئي پگهر ۾ آلا ٿي وڃو. حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رحمت االله عليه پنهنجي پير و مرشد حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جي صفاتِ مومنانه بيان ڪندي فرمائن ٿا ته ؛ مان ڪيترن سالن تائين حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جي خدمت ۾ حضر رهيس پر ڪڏهن به سندن جي زبان پاڪ مان ڪنهن جو راز فاش ڪندي نه ڏٺو.هڪ دفعي حضرت خواجه معين الدين حسن چشتي رحمت الله عليه پنهنجي مريدن جي تربيت فرمائي رهيا هئا دوران بيان جڏهن جڏهن به سندن جي نظر سڄي پاسي پوندي هئي ته با آدب بيهي رهندا هئا، سمورا مريد هيءُ ڏسي ڪري حيران هيا ته پير و مرشد بار بار ڇاڪاڻ بيهن ٿا، پر ڪنهن کي پڇڻ جي جرئت نه ٿي سگهي، جڏهن سڀ ماڻهو اتان هليا ويا ته هڪ منظور نظر مريد عرض گذر ٿيو ؛ سائين اسان جي تربيت دوران توهان بار بار اٿي بيهندا رهيا انهيءَ ۾ ڪهڙي حڪمت آهي ؟، حضرت خواجه غريب نواز رحمت الله عليه جن فرمايو ته ؛ انهيءَ طرف منهنجي پير و مرشد شيخ عثمان هاروني رحمت الله عليه جي مزار مبارڪ آهي جڏهن به انهيءَ طرف رخ ٿئي پيو ته مان تعظيم جي لاءِ اٿي کڙو ٿيان پيو ، بس مان پنهنجي پير و مرشد جي روضه مبارڪ جي تعظيم ۾ بيهي رهان پيو، پاڻ پنهنجي پير و مرشد حضرت خواجه محمد عثمان هاروني رحمت الله عليه جي نظر عنايت سان ڪيتريون منزلون طئي ڪندي طريقت ۽ شريعت ۾ مايه ناز ڪمالات جا بحر بڻجي پوري دنيا جي مسلمانن لاءِ فيضان عام بڻجي ويا ۽ اهڙي طرح حضرت خواجه غريب نواز رحمت لله عليه 6 رجب المرجب 633 هه، بمطابق 16 مارچ 1236 ع بروز سومر ڏهاڙي تي هن فاني جهان مان 81 سال ۾ وصال ڪري هميشه واري زندگيءَ ڏانهن راهي ٿيا.سندن جي مزار اقدس نه صرف مسلمانن لاءِ پر هندستانن جي هرهڪ مذهب وارن لاءِ پڻ هڪ هدايت جو ذريعو بڻيل آهي ۽ هر سال 6 رجب المرجب تي پوري دنيا کان لکن جي تعداد ۾ مسلمان توڙي هندو ۽ سک اجمير شريف پهچي پنهنجي محسن هستي جي عقيدت ۾ گل نڇاور ڪري سعادت حاصل ڪندا آهن. پاڪ و هند سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندڙ سندن جا ڪروڙين چاهيندڙ هندو توڙي مسلمان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي پنهنجن گهرن،اوطاقن ۽ دڪانن جي مرڪزي دروازن گيٽن تي “ المدد ياغوث اعظم” ۽ “ المدد يا غريب نواز ” جهڙا لفظ تحرير ڪري محبت جو اظهار ڪن ٿا ۽ سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته انڊيا ۾ هيءَ واحد درگاهه مزار مبارڪ آهي جيڪا هندن ۽ مسلمانن لاءِ يڪسان محبت ۽ عقيدت جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اتي تيار ٿيندڙ نياز لنگر ديڳ ۾ مڻن جا مڻ هرهڪ ڀاڄي، گوشت، مڇي سميت هرهڪ سبزي انهي ديڳ ۾ وڌي وڃي ٿي جنهن جي ذائقي ۽ ٽيسٽ سميت شفاءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. ڪيترائي سائل، زائرين، پانڌيئيڙا انهيءَ ديڳ جو هڪ گرهه کائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪشالا ڪري پهچن ٿا ۽ پوءِ الله رب العالمين جي عنايت سان انهن کي هن ڪامل ولي الله جي صدقي طفيل شفايابي نصيب ٿئي ٿي. لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن ڪونهي سور، موليٰ ڪيو معمور انگ ازل ۾ انهن جو. هي رشد و هدايت جو استانو 814 سال يعني اٺين صدي کان به اڳ مزار پرانوار اجمير شريف ورهايل ناهي بلڪ هندو توڙي مسلمان، سک، ڪرسچين توڙي ٻين مذهبن جا ماڻهو يڪسان عقيدت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مزار تي حاضري ڀرين ٿا. هي دنيا اسلام جي يگاني حيثيت رکندڙ هستي اسلام جي پرچار ۽ آقا ڪريم خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم جي دين، سنت رسول ﷲ ﷺ جي پاسداري سان گڏوگڏ عشق رسول ﷲ صلي الله عليه وسلم پاڪستان ۽ هندستان ۾ برابر يڪسان شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ لاهور ۾ داتا علي هجويري رحمت الله عليه جي نگري ۾ سندن وٽ چاليهه ڏينهن چلو پڻ ڪٽيو ۽ صاحب ولايت ۾ رتبو وڌيڪ تر حاصل ڪرڻ جي جستجو ورتي. الله پاڪ اسان کي اولياء ﷲ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين ثم آمين يا رب العالمين.