27ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏکوئيندڙ ڏينهن هو،جيڪو هر سال قوم جي دلين کي ٻيهر زخمي ڪري ڇڏي ٿو.اهو ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي جان قربان ڪري جمهوريت،آئين ۽ عوامي حقن جي حفاظت ڪئي.هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي،پر هڪ فڪر،هڪ تحريڪ ۽ هڪ جدوجهد جو نالو هئي.
محترمه بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو.هن ابتدائي تعليم پاڪستان ۾ حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين مان حاصل ڪئي.تعليم سان گڏوگڏ سياسي شعور،عوامي درد ۽ قومي سوچ کيس ورثي ۾ ملي. پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ،محترمه بينظير ڀٽو هڪ اهڙي دور ۾ سياست ۾ قدم رکيو، جڏهن ملڪ تي آمريت جو ڪارو دور ڇانيل هو.
آمريت خلاف جدوجهد دوران هن جيلون ڪاٽيون،نظر بنديون ڀوڳيون،پر ڪڏهن به اصولن تان پوئتي نه هٽي.هوءَ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي نه رڳو ملڪ، پر سڄي اسلامي دنيا ۾ عورت قيادت لاءِ نئون باب کوليو.سندس حڪومتن دوران صحت، تعليم،عورتن جي حقن، ميڊيا جي آزادي ۽ سماجي انصاف لاءِ اهم قدم کنيا ويا.
محترمه بينظير ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو ته هوءَ جمهوريت تي يقين رکندي هئي.هوءَ ووٽ جي طاقت تي ڀروسو ڪندي هئي ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. ان ڪري ئي هوءَ سازشن جو شڪار ٿي27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسي کانپوءِ کيس دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو. سندس شهادت سان نه رڳو پاڪستان،پر پوري دنيا ۾ جمهوريت پسند حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.
شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ به سندس فڪر زنده آهي.“جمهوريت بهترين انتقام آهي” وارو جملو اڄ به هر ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙن لاءِ مشعل راهه آهي.بينظير ڀٽو عورتن لاءِ اميد، نوجوانن لاءِ حوصلو ۽ مظلومن لاءِ آواز هئي.هن ثابت ڪيو ته قيادت جنس نه،پر سوچ، حوصلي ۽ قرباني سان ماپي ويندي آهي.
اڄ جڏهن ملڪ ڪيترن ئي سياسي، معاشي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.جمهوريت جي بقا، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي حفاظت ئي سندس حقيقي ورثو آهي.
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جسماني طور اسان کان جدا ٿي وئي، پر سندس جدوجهد، سوچ ۽ قرباني هميشه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ زنده رهندي.هوءَ هڪ شخص نه،پر هڪ عظيم داستان هئي، جيڪا هر دور ۾ ظلم خلاف آواز بڻجي رهندي.
شهيد راڻي کي سلام، جمهوريت کي سلام.
موجوده پاڪستان پيپلز پارٽي:
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو روشن باب آهي،جيڪو وقت گذرڻ باوجود به پنهنجو اثر،اهميت ۽ تازگي وڃائي نه سگهيو آهي.هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي،پر جمهوريت، آئين،عوامي حقن ۽ مزاحمت جي علامت هئي.اڄ جڏهن اسان موجوده پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) تي نظر وجهون ٿا ته سوال اڀري ٿو ته ڇا پارٽي اڄ به شهيد راڻي جي فڪر،فلسفي ۽ جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکي سگهي آهي؟
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سڄي سياسي زندگي عوام سان لاڳاپيل رهي.سندس سياست جو مرڪز غريب،هاري، مزدور، عورت ۽ نوجوان هو. “روٽي،ڪپڙو ۽ مڪان”جو نعرو رڳو لفظ نه،پر هڪ سماجي معاهدو هو.شهيد راڻي جمهوريت کي اقتدار جو ذريعو نه،پر عوامي امانت سمجهندي هئي.هن آمريت خلاف بي خوف جدوجهد ڪئي،جيلون ڪاٽيون ۽ آخرڪار پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي.
شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ وڏو خال درپيش ٿيو.ان ڏکئي دور ۾ پارٽيءَ جي قيادت آصف علي زرداري سنڀالي ۽ “پاڪستان کھپے” جهڙو تاريخي نعرو ڏئي ملڪ کي ٽٽڻ کان بچايو.اهو نعرو شهيد راڻي جي قومي سوچ ۽ وفاقي فلسفي جو عڪاس هو، جنهن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کي هڪ گڏيل پاڪستان جي صورت ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو.
اڄ موجوده پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۾ شهيد راڻي جي سياسي ورثي، جمهوريت پسندي ۽ وفاقي سوچ جا ڪيترائي رنگ نظر اچن ٿا.هو نوجوانن،عورتن،اقليتن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو،جيڪا سڌي طرح بينظير ڀٽو جي فڪر سان ڳنڍيل آهي.پارليامينٽ ۾ سندس تقريرون، پرڏيهي پاليسي تي موقف ۽ دهشتگرديءَ خلاف واضح بيانيه ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پيپلز پارٽي اڃا به جمهوري سياست جي محور تي بيٺل آهي.
تنهن هوندي به،موجوده پيپلز پارٽي کي ڪيترن ئي تنقيدن ۽ چئلينجن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ ۾ حڪمراني دوران گورننس،ڪرپشن جا الزام، مقامي حڪومتن جي ڪمزوري ۽ عوامي سهولتن جي کوٽ اهڙا مسئلا آهن،جن سبب شهيد راڻي جي فڪر ۽ عملي حڪمراني ۾ فرق محسوس ڪيو وڃي ٿو. عوام اڄ به پيپلز پارٽيءَ کان اهو سوال ڪري ٿو ته ڇا “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” جو نعرو عملي شڪل اختيار ڪري سگهيو آهي؟
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سياست قرباني،سچائي ۽ عوامي رابطو هئي،جڏهن ته موجوده پيپلز پارٽي کي انهيءَ فڪر کي جديد دور جي ضرورتن مطابق عملي پاليسين ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.صرف شهيد راڻي جي تصويرن،نعرن ۽ ورسيءَ جي تقريبن سان ورثو زنده نٿو رهي،پر عوامي خدمت،شفافيت ۽ انصاف سان ئي اهو ورثو محفوظ ٿي سگهي ٿو.
اڄ جڏهن ملڪ مهانگائي، بيروزگاري،سياسي انتشار ۽ ادارتي ٽڪراءَ جهڙن بحرانن مان گذري رهيو آهي،تڏهن پيپلز پارٽي لاءِ شهيد راڻي جو فڪر هڪ آزمائش پڻ آهي ۽ هڪ موقعو به.جيڪڏهن پارٽي واقعي بينظير ڀٽو جي راهه تي هلڻ ٿي چاهي ته ان کي عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سڌارو آڻڻو پوندو، نوجوانن کي اڳتي آڻڻو پوندو ۽ سياست کي خدمت بڻائڻو پوندو.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هڪ فڪر هئي،جڏهن ته موجوده پيپلز پارٽي ان فڪر جي وارث آهي.سوال اهو ناهي ته ورثو مليو يا نه، سوال اهو آهي ته ڇا ان ورثي سان انصاف ڪيو پيو وڃي يا نه.!!!!!
تاريخ هميشه نالن کي نه، پر ڪمن کي ياد رکندي آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي شهيد راڻي جي فڪر کي عملي جامو پارائي ٿي ته پوءِ بينظير ڀٽو رڳو ماضي نه،پر حال ۽ مستقبل بڻجي سگهي ٿي.
0 تبصرے