پاڪستان جي سياست ۾ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار شخصيتن ۾ جيڪڏهن غير جانبدارنه تجزيو ڪيو وڃي ته پوءِ صف اول جي قدآور سياسي عوامي ليڊرن ۾ سنڌ جي ڄائي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙين شخصيتن جو نالو اچي وڃي ٿو. جن پنهنجي سموري زندگي عوام جي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت معمولات بڻائيندي سگهاري قوتن ۽ غير جمهوري عناصرن خلاف ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿي بيٺا رهيا، جنهن ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيڻو پيو ۽ پاڻ ڦاسي جي ڦندي چڙهي آخري وقت تائين للڪاريندو رهيا ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ڪي ڌريون ۽ ٽولا مان بي گناهه کي ڦاسي ڏيئي خوش ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح توهان جي نسلن جا نسل انهيءَ ڳالهه تي پڇتاءُ ڪندا ته اسان هڪ بي گناھ کي صرف انهيءَ لاءِ ماريو ته جيئن آمريڪا نواز لابي توهان کان راضي رهي، هن ملڪ جي سياست عوام جي قوت سان هميشه سرخرو رهندي، غير جمهوري نظام ڀلي ڪيڏو به بظاهر سگهارو ڇو نه هجي پر عوامي راڄ عوام جي قوت ۽ طاقت ۾ سمايل آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مقتل گاهه به ساڳئي طرح خوفزده ٿيل ڊنل ماڻهن جي هٿان ڪرائي وئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي به پنهنجي والد شهيد ڀٽو جيان سموري زندگي عوام جي وچ ۾ رهي، هو عورت هوندي سامراجي قوتن کي جهڙي طرح للڪاريندي هئي، جهڙي طرح انهن جي هٿ ٺوڪين ڳالهين کي پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي، انهيءَ جو مثال نٿو ملي سگهي، هو پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان وڏي دلير ۽ بهادر هئي،جهڙي طرح شهيد ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ۾ هڪ نمايان ۽ قابل ساراهه جوڳو ڪم ڪري پوري دنيا جي مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون، محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ان حوالي سان به انمول ۽ يادگار رهي جو هو پنهنجي پاڪستان پيپلزپارٽي جي توڙي ٻي ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪارڪن ماڻهو جو بنا جهجهڪ ڪم ڪار توڙي روزگار نوڪريون ڏيڻ ۾ نه ڪيٻائيندي هئي. هو امر ڪردار انهي ڪري ئي ته هئي جو وڏي سوچ سان وڏي حڪمت عملي تحت پراون کي پنهنجو ڪري ويندي هئي. ڪيترائي اهڙا واقعا شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي ۾ ملن ٿا ته هو پنهنجي بيروزگار نوجوانن جيڪي انهيءَ جي پيپلزپارٽي جا ٻه نه هيا بلڪ انهيءَ جي پارٽي جا سخت مخالف هوندا هيا انهن کي به پهريون ترجيح بنيادن تي اول انهن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيئي تاريخي مثال قائم ڪري ڏيکاريا پوء انهن مخالف پارٽي وارن جي ڳوٺن جا ڳوٺ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا رهيا. ڇاڪاڻ ته هو صرف پنهنجي پارٽي جي ئي ووٽن سان ٻه دفعا وزير اعظم ٿي پر ملڪ جي غريب عوام جي ووٽن جي برسات سان وزير اعظم بڻجندي رهي. جنهن به سياستدان پنهنجي سياست جو محور مرڪز عوام کي بڻايو اهو اقتدار ۽ عوام جي دعائون جا مزا ماڻيندو رهندو. جهڙي طرح لاڙڪاڻو ۾ هن وقت به پ پ پ اڳواڻ ۽ سابق صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ انهيءَ جا ننڍا ڀائر طارق انور سيال ۽ شاهه رخ سيال شهر جي مسجدين ۾ سولر پليٽون ۽ غريبن جي گهر گهر ۾ سولر پليٽون ڏيئي رهيا آهن ۽ گڏوگڏ ئي گرمين جي موسم ۾ ٿڌي پيئڻ جي پاڻي جا واٽر ڪولر مشين وارا لڳائي وڏو ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته لاڙڪاڻو شهر اندر غريبن مسڪينن جا معصوم ٻارڙا اسڪولن ۾ اهڙي سخت سردي ۾ پيرين اگهاڙا چمپل به نه هجڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن جنهن لاءِ گورنمينٽ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي به شوز بوٽ وٺي ڏيارڻ جي اشد ضرورت آهي. ڏسجي ته ڪير سماج دوست وزير، ايم اين اي / ايم پي اي / سماجي اڳواڻ سياستدان اڳتي اچي غريب مسڪين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حقيقي واهر ڪري ٿو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو سچو جانثار ورڪر ڪارڪن اڳواڻ پاڻ کي عملي طور تي ثابت ڪري ڏيکاري ٿو.جنهن ۾ انهيءَ قاديانين کي ڪافر قرار ڏيئي حڪومتي سطح تي انهن کان شديد نفرت جو اظهار ڪيو ويو، انهي ڪري جو قادياني الله جي آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم بجاءِ هڪ هٿ ٺوڪي مرتد ڪافر مرزا قاديانيءَ کي الله جو نبي چوڻ لڳا (نعوذ بالله) ۽ وڏي ۾ وڏو ڪفر ڪرڻ لڳا، انهي اسلام دشمن غدار ابن غدار مرزا غلام احمد قادياني جي مٽي پليت ڪئي وئي، اهڙي عظيم ۽ بهادري واري ڪم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان جهڙي طرح عالم اسلام جي عظيم روحاني شخصيت عالمي مذهبي اسڪالر مدبر حضرت علامه شاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله عليه وک وک تي ساٿ ڏيندي انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪرايو ته هيءُ قادياني دين اسلام جا ويري ۽ ازلي دشمن آهن اهي غير ملڪي ايجنڊا مطابق دين اسلام ۾ فرقه بازي ڪري اسلام جي اصل قوت طاقت کي ختم ڪرڻ سميت الله جي آخري نبي حضور عليه الصلوات والسلام بجاءِ هڪ بد بخت مرزا قاديانيءَ کي قادياني فرقو پنهنجو نبي چئي رهيا آهن، جيڪو الله جي حڪم خلاف فيصلو آهي ڇاڪاڻ ته الله پاڪ واضع لفظن ۾ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي جنهن جو مفهوم آهي ته ؛ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، الله جو آخري نبي آهي، انهي کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو جيڪو پاڻ کي نبي چئي اهو ڪوڙو ۽ مڪار آهي. قاديانين کي ڪافر پارليامينٽ هائوس حڪومتي سطح تي قرار ڏيڻ تي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي پوري دنيا ۾ پذيرائي ٿي ۽ سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن انهيءَ اهڙي قدم کڻڻ تي سلام پيش ڪيو، شهيد ڀٽو جي شخصيت ۾ پنهنجن وڏڙن جيان هميشه اولياءَ الله، صوفياءِ ڪرام، بزرگان دين، درويشن، ڪاملين جي محبت سمايل هئي، هو ۽ انهيءَ جي شهيد نياڻي محترم بينظير ڀٽو جڏهن به ڪنهن به شهر ۾ ويندا هيا ته اڪثر ڪري انهن شهرن جي ڪاملين، اولياءَ الله جي مزارت تي ضروري حاضري ڀريندا هيا ۽ انهي سعادت کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهندا هيا، جنهن ڪري ئي انهن جي مزارات تي به اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جا انبوهه هجوم گلن جي ورکا ڪندي پهچن ٿا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون بزرگان دين سان عقيدت ۽ محبت ڀريون ڳالهيون ڪيئن وساري سگهجن ٿيون، هو جڏهن اسلام آباد ۾ هوندي هئي ته مختلف وقتن ۾ ڪڏهن ڪامل ولي الله حضرت سخي سائين عبداللطيف المعروف امام بري سرڪار قادري رحمت الله عليه، ته ڪڏهن وري حضرت مهر علي گولڙا شريف واري بزرگ رحمت الله عليه ( ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيڏي ثنا، گستاخ اکيان، تي جالڻا) ، جيڪڏهن هو پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ ايندي هئي ته ضرور بضرور ڪامل ولي بزرگ هستي حضرت داتا علي هجويري رحمت الله عليه ( گنج بخش فيض عالم مظهر نور خدا، ناقصان را پير ڪامل ڪاملان را رهنما ) ۽ لاهور ۾ ئي سنڌ جي سيوهڻ شريف جي مشهور ڪامل ولي الله بزرگ سخي سائين حضرت ميان مير رحمت الله عليه جي مزار مبارڪن تي حاضري جي سعادت حاصل ڪندي هئي، اهڙي طرح هو پنجاب جي دوري دوران حضرت بابا بلهي شاهه رح، حضرت غلام فريد رح، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا رح ، حضرت شاهه رڪن عالم ملتاني رح سميت ٻين ۽ سنڌ ۾ ڪراچي پهچندي هئي ته حضرت سائين سخي سيد عبدالله شاهه غازي رح، سنڌ جي بادشاهه سخي حضرت سيدنا محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمت الله عليه ، خير پور ميرس درازا ۾ حضرت سائين سچل سرمست رح، حيدر آباد ڀٽ شريف پهچندي هئي ته شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ، لاڙڪاڻي پنهنجي اباڻي شهر ۾ پهچندي هئي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مختلف وقتن ۾ ڪامل ولي بزرگ هستي خواجه خواجگان حضرت سائين محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي مجددي رح جي مزار تي عقيدت ڀري انداز ۾ حاضري ڀريندي هئي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي مشهور درگاهه مشوري شريف ۾ به حضرت قبله سائين محمد قاسم مشوري رح وٽ عقيدت ڀري حاضري ڀريندي هئي ۽ درگاهه حسين آباد قمبر ۾ سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري جي درگاهه تي پهچندي دعائون وٺندي هئي، محترمه بينظير ڀٽو عالم اسلام جي عظيم مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي باني و امير، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتھم العاليه جن سان به ملاقات ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري هئي ته جيڪو لکين نوجوانن کي سنت مصطفي صلي الله عليه وسلم جي راهه ڏانهن وٺي رهيو آهي ۽ جنهن جو ايڏو سارو حلقه احباب جماعت تحريڪ دعوت اسلامي آهي جيڪا هڪ ئي وقت ديني سماجي خدمات سرانجام ڏيئي رهي آهي ۽ دعوت اسلامي جي سماجي ڀلائي واري فيضان گلوبل ريليف فائونڊ يشن ايف جي آر ايف شعبي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ زلزلن ، ٻوڏن ، قدرتي آقتن جي موقعن تي سڀ کان اول بيٺي آهي . پوء سنڌ جو ٿر هجي يا بر ، ترڪي ، فلسطين ۾ عوام جي خدمت جا موقعا هجن پر پنهنجي دعوت اسلامي اڳيان اڳيان خدمت ۾ بيٺل نظر اچي ٿي، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جمعيّت علماء پاڪستان جي سربراهه حافظ مفتي علامه شاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله عليه جي مخلصانه سياست جي ساراهه واکاڻ ڪندي سندن جي سياسي بصيرت مان پرائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ، محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي امير مفتي محمد جان نعيمي چون ٿا ته سابق وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين دور ۾ ڪراچي گيسٽ هائوس ۾ ملڪي سياسي حالتن تي ملاقات ٿي تنهن وقت ڪراچي ۾ لساني فسادن جو وڏو عروج هيو . ٻيو دفعو جمعيّت علماء پاڪستان جي باني سربراهه علامه شاهه احمد نوراني صديقي ڏانهن محترمه سياسي حوالي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وزير اعلي سنڌ سيد عبدالله شاهه جي ذريعي مون ڏانهن پيغام موڪليو پوء ٻه ٽي دفعا وزير اعلي سنڌ سيد عبدالله شاهه ۽ علامه شاهه احمد نوراني صديقي صاحب جن به پنهنجي مدرسي ۾ ملاقاتون ڳالهيون ٿيون. محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ علامه شاهه احمد نوراني صاحب جي توسل سان مون کي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين ڪرڻ لاءِ منهنجو نالو تجويز ٿي آيو پر معذرت ڪئي ته مان ايڏي وڏي عهدي تي نه رهندس جنهن کان پوءِ نوراني صاحب مفتي اطهر نعيمي صاحب کي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪرايو . بهرحال مان رويت هلال ڪميٽي پاڪستان جو ٻه دفعا ميمبر ٿيس، پاڪستان پيپلزپارٽي جو هاڻوڪو صوبائي صدر نثار احمد کھڙو ، عبداللہ مراد شهيد ، مظفر شجره ۽ ڪجهه ٻيا پ پ پ جا اڳواڻ مون وٽ مدرسي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پيغام کڻي آيا ته شهيد بينظير ڀٽو صاحبه توهان کي مشائخ علماء ونگ سنڌ يا پاڪستان جو ٿيڻ لاءِ نالو تجويز ڪيو آهي، جنهن تي معذرت ڪندي چيو ته مان پنهنجي مدرسي وارو آهيان ٽائيم نه ڏيئي سگهندس. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ نوراني صديقي صاحب فوٽو ڏسي پاڻ وٽ گهرائي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي وارا توهان ڏي ڪيئن آيا هيا مون چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي مشائخ علماء ونگ جي صدارت ڏيڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جو پيغام کڻي آيا هئا جنهن تي مان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن تي نوراني صاحب مسڪرائيندي منهنجي خيالاتن تي ڄڻ ته شاباس ڏني هئي ته توهان بهتر ڪيو . اها ڳالهه آهي ته شهيد بينظير ڀٽو صاحبه اهلسنت جو قدر ڪندي هئي ۽ خاص ڪري سني علماء ڪرام سان وڏي عقيدت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي، الله پاڪ مرحومه جا درجات بلند فرمائي ۽ شهادت کي قبول فرمائي آمين ثم آمين، بينظير واقعي ئي بينظير هئي جنهن پنهنجي عقيدت جا گل پنهنجن عظيم پيشوائن بزرگان دين اولياءَ الله مٿان گهوري نڇاور ڪرڻ جون اهڙيون روايتون وڌيون جنهن کي اڄ ڏينهن تائين انهي جا سياسي پيروڪار نڀائيندا اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ڪاملين اولياء الله درويشن، صوفياءِ ڪرام جي دعائون جي صدقي مهابي هي سنڌ پاڪستان جي ڌرتي قائم دائم آهي، انهن اولياءَ الله جون دعائون انهن جو اڌي رات جو اٿي تهجد نماز ۾ رب جي دربار ۾ روئي ٻاڏائڻ ٿا ۽ اهو اسان جي بهتري جو سبب آهي ۽ هن ڌرتي مٿان جيڪي مصيبتون مشڪلاتون اچڻيون آهن اهي الله جي حڪم ۽ عطا سان معاف ٿي وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ ته صالحين ٻانها ، نيڪ پرهيزگار بندا الله پاڪ طرفان هن ڌرتيءَ مٿان هڪ تحفو هوندا آهن، محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي سموري سياسي قيادت ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي گڏ ٿيندي عالمي سطح جي شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چوندا ته اهڙيون شخصيتون ڪڏهن به مرڻيون ناهن، بلڪ ويس مٽائي ورڻيون آهن، موت جو ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي پر ڪي ڪي ماڻهو صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن، انهن شخصيتن ۾ انمول ماڻهو تاريخ جو هڪ ورق ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي غريب عوام جي خدمت ۾ گذاري پاڻ هميشه لاءِ امر بڻجي وڃن ٿا، تاريخ اهڙين شخصيتن کي ڪڏهن به نٿي وساري سگهي ۽ اهڙا ڪردار هميشه زندهه رهڻا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بين الاقوامي شخصيت پنهنجي بهادر والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت وانگر بي مثال ۽ انمول هئي، هوءَ اولياءَ الله، ڪاملين سان بي انتها محبت ڪندڙ عاشق رسول شخصيت هئي، هو جڏهن وزير اعظم هوندي هئي ته پنهنجي وزير اعظم هائوس ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي بابرڪت ۽ متبرڪ موقعي تي محفل نعت جو خوب اهتمام ڪرائيندي رهندي هئي ۽ جڏهن به ڪنهن به صوبي سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ويندي هئي ته ضروري معلومات وٺڻ بعد اولياءَ الله، بزرگان دين، ڪاملين جي مزارت تي ضرور عقيدت سان حاضري ڀريندي رهندي هئي، جنهن ڪري انهي جي حڪومت انهن مبارڪ هستين جي دعائون سان هيترا سارا سال گذرڻ باوجود به اڄ ڏينهن تائين جاري و ساري رهندي پئي اچي، هو عقيدي جي لحاظ سان هڪ سچي پڪي عاشق رسول سنڌ جي نياڻي هئي جنهن سنڌ جي نوجوانن کي ملڪي اهم ترين ادارن، ڊپارٽمينٽن نوڪريون ڏياريون ۽ انهي جي اول کان آخر تائين اها ڪوشش رهندي هئي ته ڪهڙي به طرح سنڌ جو نوجوان روزگار حاصل ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح اسلام آباد سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڄڻ ته ٻيو گهر هوندو هيو ۽ اهڙي طرح ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ جهڙي طرح شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ نڀايو شايد ڪنهن نڀايو هجي، هوءَ هڪ دلير، بهادر، بي خوف ۽ هڪ جرئتمند قيادت وارين خوبين سان مالا لال قومي ليڊر هئي، جنهن جي وڇوڙي سان ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي ، ڇاڪاڻ ته اهڙيون شخصيتون صدين بعد پيدا ٿينديون آهن، اڄ به پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻو ۾ ڳڙهي خدا بخش جي قديم قبرستان ۾ زندهه تاريخ جي ورقن ۾ هڪ وڏو نانءُ ولاريندڙ شخصيتون سياست جي عظيم باب ۾ هميشه زندهه رهندڙ ڪردار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي بهادر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جون قبرون سياسي عروج ۽ پذيرائي جا اهم اهڃاڻ طور عوامي محبت جا مرڪز آهن. هر دور جي حڪمرانن کي گهرجي ته اهي سياست ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ مدفون سياسي تاريخ جي سونهري باب شهيدن جي ڏسيل فلسفي عوام، عوام ۽ صرف عوام طاقت جو سرچشمو آهي تي عمل پيرا ٿيندي، غريب ماڻهن، مزدور، هاري ناري، پورهيت، شاگردن جي دردن جو درمان بڻجڻ سان عملي سياست جي شروعات ٿئي ٿي.
0 تبصرے