سنڌ هڪ قديم تهذيب ۽ تاريخي ڌرتي آهي، جتي موهن جو دڙو جهڙي عظيم ورثي موجود آهي۔هي ڌرتي صوفين، شاعرن ۽ درويشن جي سرزمين رهي آهي، جتي محبت ۽ امن جو پيغام ملي ٿو۔سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي آهي، جيڪو زراعت ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻيل آهي۔سنڌي ٻولي، اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي سڃاڻپ آهن۔سنڌ هميشه مهمان نوازي، رواداري ۽ ثقافت جي علامت رهي آهي ۽ اها سڄي دنيا کي خبرآهي. سنڌ جي سونهن ۽ سنڌرتا ۾ سوين سپوتن جي سوريائي ۽ نرمل نارين جا نازڪ نينهن نوڙيا پيا هوندا آهن پو۽ اهي نازڪ جذبا هن جهان ۾ ماڻيٺي محبت جا ماڪ ڦڙا ٿي اکين جي آسمان تان سڏڪن جي سوز تان ڇاٽون ڪري ڇڻندا آهن ۽ ڪڏهن اهي جذبا ٻرندڙ جبل جيان پنهجي جان جلائي ٻين جو جيئڻ جنجال ڪندا آهن ڪڏهن ته وري سرن و سفر ڪري آزاد فضائن ۾ فنا ٿي وڃن ٿا پر ڪڏهن ته وري اهي جذبا ڪنهن سريلي راڳي جي سريلن سرن جي صورت ۾ هزارين دڙڪندڙ دلين جي اندر جو آواز ٿي سڀني سامعين جي سينن کي سچ جي سرهاڻن سان سيراب ڪندا آهن اهڙو ئي هڪ سريلو راڳي جنهن جي سهڻائي ۽ سچائي جو سج پنهجي سموري سهائي سان سنڌ واسين لاء سچ ء سونهن جو سبق سيکاريندو رهندو خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوء ۾ 7 جولاء 1961ع ۾ هڪ ٻالڪ جو جنم ٿئي تو اها ڪنهن کي خبر هئي ته اهو ٻالڪ اڳٿي هلي سڄي سنڌ جو پرين ۽ پيارو ثابت ٿيندو ان ننڍڙي ٻالڪ جو نالو مائٽن ته عبدالرحمان رکيو عبدالرحمان پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم پريالوء مان حاصل ڪئي 1980ع ۾ خيرپور ميرس جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ کيس سول ٽيڪنالاجي ۾ داخلاء ملي عبدالرحمان کي ڳائڻ سان جنون جي حد تائين عشق هيوان ڪري هو ڪڏهن دوستن جي محفل ته ڪڏهن وري ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمرن ۾ گيت جهونگاريندو هيو عبدالرحمان جو ماکي جي مٺاس جهڙو مٺڙا آلاپ قرب وارن جي ڪنن ۾ پهتا ته ڪاليج ۾ ٿيندڙ فنڪشن هجي يا سنڌ ۾ ڪنهن جي شادي جو پروگرام هجي ته اهو عبدالرحمان جي مٺڙي ۽ سريلي آواز کان بغير ڄڻ اڌوري لڳندي هئي اهوئي وقت هيو جڏهن عبدالرحمان (سرمد سنڌي) بڻجي چڪو هيو سرمد جي هجڻ جي احساس کي محسوس ڪجي ٿو ته دل ۾ يادن،ٽهڪن ۽ خوبصورت جوان مرڪن جو آبشار وهي پئي ٿو ۽ ڪيئي ٿڪ پريشانيون ۽ تلخيون تيز وهڪرن ۾ لڙهي وڃن ٿيون ۽ بيحد تازگي محسوس ٿئي ٿي سرمد کي اهوڪريڊٽ وڃي ٿو ته جديد موسيقي کي سنڌي راڳ جي دنيا ۾ وٺي آيو
سرمد اهو پهريو ڳائڻو هيو جيڪو هر طبقي جي ماڻهن ۾ هڪ جيترو مقبول هيو کيس هڪ ئي وقت شهر جي پڙهيل لکيل نوجوانن کان وٺي ٻهراڙيء جي ٻارن توڙي پوڙهن تائين سڀ پسند ڪندا هئا
هن جو هر گيت حقيتن جي زمين مان ڦٽي نڪتو هيو جيڪو عوام جي روح ۾ لهي ويو سرمد جديد سنڌي شاعريء کي هاسٽلن جي ڪمرن مان ڪڍي سنڌ جي جهر جهنگ پڄايو سرمد سنڌيء جو ڳايل شيخ اياز جو گيت "مارو اڪيلڙا" کي لوڪ گيت ڪري ڳايو وڃي ٿو
نوجوان راڳين ۾ سرمد جو اڪيلو ناء ئي آهي جنهن هن ديس جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهوء تائين نه صرف مٺڙو پر سريلو ۽ درديلو آواز پهچايو پر پنهنجي آواز زريعي پيغام پڻ پهچايو ۽ انتهائي درجي جي شهرت پڻ ماڻي. سنڌ جي هر طبقي جو ماڻهو سرمد جي ناء کان نه صرف واقف آهي پر ان جي آواز جو ديوانو پڻ آهي سرمد جو ناؤ انڪري به سدائين ڱونجي ٿو
سرمد سنڌي قوم جو اهو سرمايو آهي جنهن تي سنڌ کي صدين تائين ناز رهندو سرمد سنڌي سٺي راڳي هجڻ سان گڏ سٺو ڪمپوزر پڻ هيوهو اڪثر ڪري ڌنون پاڻ ٺاهيندو هيو جن کي مختلف موسيقارن کان ارينج ڪرائيندو هيو. سرمد سنڌي راڳ جي دنيا ۾ ڪيترائي نوان تجربا ڪيا هن پراڻن ڌنن بدران پنهجون نه وسرندڙ ڌنون تخليق ڪيون
وساريل ڌنن کي ٻيهر اجاڱر ڪيو جنهن سان هو پنهجي چاهيندڙ جي دلين تي هميشه راج ڪندو رهندو هن جي آواز ۾ ڪائنات جا رنگ ايئن سمايل هئا جهڙيء طرح انڊلٺ ۾ ست رنگ ٿين ٿا تهٍڙيء طرح راڳ جي دنيا ۾ ست سر ٿين ٿا
سرمد هڪ مقصد هيو سرمد کي هڪ معنى هئي تاريخ جو تسلسل هو سرمد کي ڪائنات جي تخليلڪار ايڏ ته پيار مان پيدا ڪيو جو هو سراپا پيار ۽ محبت جو مجسمو لڳندو هيوسرمد سنڌي صرف هڪ ڳائڻو نه، پر سنڌ جي سڃاڻپ، مزاحمت ۽ محبت جو زندهه آواز هو. هن جي ڳايل لفظن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، درياهه جي رواني ۽ ماڻهن جي درد جي ڌڙڪن شامل هئي. سرمد جڏهن ڳائيندو هو ته لڳندو هو ڄڻ سنڌ پاڻ ڳالهائي رهي هجي.
سرمد سنڌي پنهنجي فن ذريعي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ قومي شعور کي نئين زندگي ڏني هو اسٽيج تي صرف گيت نه ڳائيندو هو، پر هڪ پيغام ڏيندو هو
سرمد سنڌي جي راڳ کي اگر ڪو صحيح سمجهي سگهيو آهي ته اهو سندس ننڍو ڀاء احمد مغل آهي ڪجه ڏينهن پهريان هتي دبئي ۾ هڪ پروگرام ۾ احمد مغل سرمد کي سندس جي مقبولي جو سبب بڻيل خوبصورت گيت
تنهجي ٿاد جي وري آ وير لڳي رهي آ ٿڙي هير" سرمد کي ڀيٽا پيش ڪئي
سرمد سنڌي پنهنجي فن ذريعي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ قومي شعور کي نئين زندگي ڏني. هو اسٽيج تي صرف گيت نه ڳائيندو هو، پر هڪ پيغام ڏيندو هو ــ پيغام سچ جو، آزاديءَ جو ۽ حقن جي جدوجهد جو هن جي آواز ۾ اهڙو اثر هو جو هر عمر جو ماڻهو پاڻ کي ان سان ڳنڍيل محسوس ڪندو هو
سرمد سنڌي انهن فنڪارن مان هو، جن شهرت کي مقصد نه، پر وسيلو بڻايو. هن پنهنجي فن کي عوام جي آواز بڻايو. هو نه ڪنهن درٻار جو گيت ڳائيندڙ هو، نه طاقت آڏو جهڪندڙ هو سدائين سچ سان گڏ بيٺو رهيو، ڀلي ان جي قيمت ڪجهه به هجي
اڄ به جڏهن سرمد سنڌي جا گيت ٻڌجن ٿا ته دل ۾ هڪ نئين اُميد جا ڏيئا ٻري پون ٿا. هو جسماني طور اسان ۾ موجود نه آهي، پر هن جو آواز، سوچ ۽ پيغام هميشه زندهه رهندو. سرمد سنڌي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ۽ هو قومن جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويندا آهن.
0 تبصرے