English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوان صوبا نه ٺهندا، ايم ڪيو ايم هميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي، جماعت اسلامي به ساڳئي سياست پئي ڪري: تيمور ٽالپر
121 views
|
25th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايم ڪيو ايم ھميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي آھي، ھاڻ جماعت اسلامي به ساڻس گڏجي وئي آھي، ڪروڙن جي منشيات برآمد ٿي آھي ضلعي مان منشيات جي خاتمي آواز اٿاريندس. پ پ پ ايم پي اي نواب تيمور جون سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ صحافين سان ڳالھيون. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر چيو ته آئي جي سنڌ ۽ پارٽي قيادت کي شڪايت ڪرڻ تي اسان جي ضلعي مان ڪروڙن جي منشيات هٿ آئي آھي منشيات جو آزار ختم ناهي ٿيو پر گھٽ ٿيو آھي مڪمل خاتمي تائين آواز اٿاريندس. پوليس کي وڌيڪ فورس لڳائڻي پوندي منشيات تي آفيسرن خلاف به ايڪشن کڻنداسين. ھڪ سوال جي جواب ۾ تيمور ٽالپر چيو ته محترمہ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جا ڪجھ قاتل گرفتار ٿيا ۽ ڪجھ مارجي ويا پر مڪمل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي اسان کي ڏک آھي. محترمہ جي شھادت ۾ جنرل پرويز مشرف ملوث ھو ۽ شھيد راڻي پنھنجي حياتي ۾ ئي چوي وئي ته مونتي اگر اٽيڪ ٿيو تہ اهو پرويز مشرف پاران ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏھن به عوام ۽ صوبي جي راءِ کان سواءِ ڪنھن جي حمايت ناهي ڪئي صوبن کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي. ايم ڪيو ايم ھميشه لسانيت ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪري ٿي ۽ ڪافي وقت کان جماعت اسلامي جي سوچ به ايم ڪيو ايم جھڙي ٿي وئي آھي، مسلسل پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کان برداشت نه پئي ٿئي هاڻوڪي اليڪشن ۾ به پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي اسان پنھنجي ضلعي ۾ ڪنھن به صورت ۾ منشيات هلڻ نه ڏينداسين. ايم پي اي نواب تيمور جو چوڻ هو ته تازو آئي جي سنڌ ۽ پارٽي قيادت کي شڪايت بعد ڪنري سميت عمرڪوٽ ضلعي مان ڪروڙن جي منشيات برآمد ٿي آھي منشيات جو آزار گھٽ ٿيو آھي پر ختم ناهي ٿيو انڪري پوليس کي وڌيڪ فورس استعمال ڪرڻي پوندي. جيسيتائين اسان جي ضلعي مان منشيات جو آزار ختم نه ٿيندو تيسين آواز اٿارينداسين ۽ آفيسرن تي ايڪشن کڻنداسين. منھنجي والد مرحوم نواب يوسف جي خالي سيٽ تي به ٿيل اليڪشن ۾ اسان سڀني جماعتن سان اڪيلي سر مقابلو ڪري تاريخي شڪست ڏني، هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ اسان جي حڪومت ۾ تاريخي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ڪنري جي مرچ منڊي، اسپورٽس ڪامپليڪس سميت سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرايو ويندو جڏھن ته سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ 1 کان 4 گريڊ جون نوڪريون پراسسز ۾ آھن جيڪي جلد نوجوانن کي ڏنيون وينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
تيمور ٽالپر
0 تبصرے