نوان صوبا نه ٺهندا، ايم ڪيو ايم هميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي، جماعت اسلامي به ساڳئي سياست پئي ڪري: تيمور ٽالپر

نوان صوبا نه ٺهندا، ايم ڪيو ايم هميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي، جماعت اسلامي به ساڳئي سياست پئي ڪري: تيمور ٽالپر

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايم ڪيو ايم ھميشه لسانيت ۽ نفرت جي سياست ڪئي آھي، ھاڻ جماعت اسلامي به ساڻس گڏجي وئي آھي، ڪروڙن جي منشيات برآمد ٿي آھي ضلعي مان منشيات جي خاتمي آواز اٿاريندس. پ پ پ ايم پي اي نواب تيمور جون سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ صحافين سان ڳالھيون. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر چيو ته آئي جي سنڌ ۽ پارٽي قيادت کي شڪايت ڪرڻ تي اسان جي ضلعي مان ڪروڙن جي منشيات هٿ آئي آھي منشيات جو آزار ختم ناهي ٿيو پر گھٽ ٿيو آھي مڪمل خاتمي تائين آواز اٿاريندس. پوليس کي وڌيڪ فورس لڳائڻي پوندي منشيات تي آفيسرن خلاف به ايڪشن کڻنداسين. ھڪ سوال جي جواب ۾ تيمور ٽالپر چيو ته محترمہ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جا ڪجھ قاتل گرفتار ٿيا ۽ ڪجھ مارجي ويا پر مڪمل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي اسان کي ڏک آھي. محترمہ جي شھادت ۾ جنرل پرويز مشرف ملوث ھو ۽ شھيد راڻي پنھنجي حياتي ۾ ئي چوي وئي ته مونتي اگر اٽيڪ ٿيو تہ اهو پرويز مشرف پاران ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏھن به عوام ۽ صوبي جي راءِ کان سواءِ ڪنھن جي حمايت ناهي ڪئي صوبن کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي. ايم ڪيو ايم ھميشه لسانيت ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪري ٿي ۽ ڪافي وقت کان جماعت اسلامي جي سوچ به ايم ڪيو ايم جھڙي ٿي وئي آھي، مسلسل پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کان برداشت نه پئي ٿئي هاڻوڪي اليڪشن ۾ به پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي اسان پنھنجي ضلعي ۾ ڪنھن به صورت ۾ منشيات هلڻ نه ڏينداسين. ايم پي اي نواب تيمور جو چوڻ هو ته تازو آئي جي سنڌ ۽ پارٽي قيادت کي شڪايت بعد ڪنري سميت عمرڪوٽ ضلعي مان ڪروڙن جي منشيات برآمد ٿي آھي منشيات جو آزار گھٽ ٿيو آھي پر ختم ناهي ٿيو انڪري پوليس کي وڌيڪ فورس استعمال ڪرڻي پوندي. جيسيتائين اسان جي ضلعي مان منشيات جو آزار ختم نه ٿيندو تيسين آواز اٿارينداسين ۽ آفيسرن تي ايڪشن کڻنداسين. منھنجي والد مرحوم نواب يوسف جي خالي سيٽ تي به ٿيل اليڪشن ۾ اسان سڀني جماعتن سان اڪيلي سر مقابلو ڪري تاريخي شڪست ڏني، هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ اسان جي حڪومت ۾ تاريخي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ڪنري جي مرچ منڊي، اسپورٽس ڪامپليڪس سميت سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرايو ويندو جڏھن ته سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ 1 کان 4 گريڊ جون نوڪريون پراسسز ۾ آھن جيڪي جلد نوجوانن کي ڏنيون وينديون.