ڏوڪري: مبارڪ ڳوٺ ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي اسپتال منتقل

ڏوڪري: مبارڪ ڳوٺ ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي اسپتال منتقل

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد مبارڪ ڳوٺ ۾ رات دير سان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. خبر موجب گذريل رات دير سان ڏوڪري لڳ بقاپور ٿاڻي جي حد مبارڪ ڳوٺ ۾ ميراڻي برادري جي هٿياربندن علي رضا، همٿ علي کي هٿيارن جي زور تي سخت زخمي ڪري وڌو، جن کي زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد علي، علي رضا ۽ ٻين چيو ته گذريل رات دير سان حيات ميراڻي، رياض ميربحر، امير ميربحر، اياز ميربحر ۽ ٻين اسان جي درن تي هٿيارن جي زور تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ سبب اسان جي ڌر جا ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان حد جي ٿاڻي بقاپور تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي هئي، ان باوجود بقاپور پوليس کين هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بقاپور پوليس نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته ان عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو، هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.