ملير: لانڍي انڊسٽريل ايريا ۾ مزدورن جو احتجاج، اهم شاهراهون بند، ٽريفڪ سخت متاثر

ملير: لانڍي انڊسٽريل ايريا ۾ مزدورن جو احتجاج، اهم شاهراهون بند، ٽريفڪ سخت متاثر

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي شرافـي ڳوٺ ڀرسان لانڍي انڊسٽريل ايريا ۾ نجي ڪمپني جي ملازمن پاران نوڪرين مان برطرفي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب دائود چورنگي کان مرتضيٰ چورنگي ڏانهن ويندڙ مرڪزي شاهراهه مڪمل طور بند ٿي وئي۔ٽريفڪ پوليس موجب احتجاج سبب ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ جي آمدرفت معطل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ لانڍي، ڪورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت ٽريفڪ جام پيدا ٿي ويو۔ احتجاج ڪندڙ ملازمن روڊ تي ويهي ڌرڻو هنيو ۽ پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي۔احتجاج ڪندڙ مزدورن جو چوڻ آهي ته ڪمپني انتظاميه بغير ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي ڪيترن ئي ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل سڀني ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔