غربت ۽ بيروزگاري اسانجي معاشري ۽ ملڪ جا تمام وڏا مسئلا آھن، جنھن ڪري لکين زندگيون ئي نہ، پر لکين خاندان سخت تڪليف ۾ آھن. ڏٺو وڃي تہ اھي ٻئي مسئلا ھڪٻئي سان جڙيل آھن. بلڪل ايئن جيئن ھڪ جسم ۽ پاڇو- بيروزگاريءَ مان غربت جنم وٺي ٿي، ۽ غربت تعليم ۽ ترقيءَ جا سڀ دروازا بند ڪري زندگيءَ کي زھر بڻائي ٿي، ۽ پوءِ تڪليفن جو دائرو اڃا بہ وڌي وڃي ٿو. اڄڪلهه جو نظام ائين بڻجي ويو آهي ته امير وڌيڪ امير ٿيندو وڃي ٿو ۽ غريب جي رت جو آخري قطرو به نپوڙيو پيو وڃي. جڏهن مانيءَ جو سوال پيدا ٿيندو آهي، تڏهن سڀئي فلسفا، سڀئي نظريا ۽ سڀئي دليل پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا آهن. انسان جو وجود تڏهن تائين "اشرف المخلوقات" آهي، جڏهن کيس وقار سان جيئڻ جو حق حاصل هجي. پر جڏهن غربت جي دهشت ۽ بيروزگاريءَ جي تنهائي انسان جي روح ۾ گهر ڪري وڃي، ته پوءِ شريف انسان جي اندر مان به "بغاوت" جنم وٺندي آهي.
غربت: روح جي قيد ۽ خوابن جي خودڪشي مثل آهي. غربت صرف پئسي جي ڪميءَ جو نالو ناهي، پر هيءَ "روح جي قيد" آهي روح جي تذليل آهي غربت صرف پئسي جي ڪميءَ جو نالو ناهي، پر غربت انسان جي خوابن جي قتل جو نالو آهي. جڏهن هڪ پيءُ پنهنجي معصوم ٻار جي اکين ۾ بک جو ڏيئو ٻرندي ڏسندو آهي، ته سندس پوري دنيا اونداهي ٿي ويندي آهي. اڄ اسان جي سنڌ جي ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين، مهانگائيءَ جو تيز طوفان غريب جي جهوپڙيءَ کي لوڏي رهيو آهي. هڪ بکيو ماڻهو ڪائنات جي خوبصورتي نٿو ڏسي سگهي، ڇاڪاڻ ته کيس چنڊ ۾ به مانيءَ جو ٽڪر نظر ايندو آهي. اها هڪ فلسفيانه حقيقت آهي ته جڏهن پيٽ خالي هجي، ته "خدا" به رڳو هڪ رزاق جي صورت ۾ ئي ياد ايندو آهي، ان جي محبت جا ٻيا سڀ رنگ ڌنڌلجي ويندا آهن.
اسان جي سماج ۾ غربت هڪ اهڙو ڪينسر آهي جيڪو رڳو جسم کي نٿو کائي، پر انسان جي عزتِ نفس کي به ماري ڇڏي ٿو. جڏهن هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي ميت کي ڪلهو ڏئي ٿو، صرف وجه غربت آهي ته اتي پوري انسانيت جو قتل ٿئي ٿو، ۽ اڄ جي دور ۾، انسانيت جو ملهه مانيءَ جي هڪ نوالي کان به گهٽجي ويو آهي. طبقاتي فرق ايترو وڌي ويو آهي جو هڪ طبقو پنهنجي ڪتن تي هزارين رپيا خرچ ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف غريب جو ٻار اسپتال جي در تي ساهه ڏئي ٿو. اسان جو سماج هڪ اهڙي دردناڪ ورهاست جو شڪار آهي، جتي هڪ طرف مانيءَ جا ڍير ڪچري ۾ اڇلايا وڃن ٿا، ۽ ٻئي طرف هڪ ٻار مانيءَ جي خوشبوءِ تي گذارو ڪري ٿو.
امير جي ڪجهه وقت جي عياشي به غريب جي گهر جي چلهي کان وڌيڪ مهانگي آهي. غربت، انسان ۽ وحشي جانور جي وچ ۾ موجود توازن کي بگاڙي ڇڏيندي آهي. جنهن سماج ۾ رڳو بک راڄ ڪندي، اتي اخلاقيات جا گهر ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وانگر ٻڏي ويندا آهن. ۽ کين انسان نه صرف حالات مان پر پنهنجي وجود مان ئي بيزاري محسوس ڪندو آهي. اسان جا حڪمران ايوانن ۾ ويهي ڪري صرف ڳالهيون ڪن ٿا، پر اهي ڪڏهن به ان "درد" کي نٿا ماپي سگهن جيڪو هڪ بيواهه جي لڙڪن ۾ لڪيل هوندو آهي. بيواهه صرف هڪ اها عورت ناهي جنهن جو گهروارو ناهي منهنجي نگاه ۾ هر اهو انسان بيواهه آهي جنهن جو ڪوئي حال پڇڻ وارو نه آهي ۽ لاوارثن واري زندگي ٿو جيئي۔
۽ جيستائين اسان ان فلسفي کي نه سمجهنداسين ته "هڪ جو بکيو رهڻ، سڄي سماج جي ناڪامي آهي، تيستائين ڪا به تبديلي نه ايندي.
بيروزگاري: بيروزگاري صرف نوڪري نه هجڻ جو نالو ناهي پر صلاحيتن جو قتلِ عام آهي
بيروزگاري هڪ اهڙو زهر آهي جڏهن هڪ پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي هٿ ۾ ڊگري کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ کيس هر طرف کان "نوڪري ناهي" جو جواب ملي ٿو، ته سندس اندر ۾ موجود اعتماد ٽٽي پوي ٿو. اڄ جو نوجوان "ميرٽ" جي جنازي تي روئي رهيو آهي. سياسي مداخلت ۽ سفارش جي ڪلچر اسان جي ذهنن کي زنگ لڳائي ڇڏيو آهي. جنهن هٿ ۾ قلم هجڻ گهرجي ها، اهو هٿ اڄ غربت کان تنگ ٿي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهي يا وري منشيات جي اونداهيءَ ۾ پناهه وٺي رهيو آهي. بيروزگاري ذهانت جو صلاحيتن جو خوابن ۽ خيالن جو قبرستان آهي
بيروزگاري صرف معاشي معطلي ناهي، پر هيءَ "صلاحيتن جو جنازو" آهي. هڪ بيروزگار نوجوان جڏهن پنهنجي ئي گهر ۾ پاڻ کي "بار" سمجهڻ لڳندو آهي، ته سندس اندر ۾ موجود تخليقي انسان مري ويندو آهي. اها تنهائي، اها بيوسي کيس يا ته ڏوهن جي دنيا ۾ وٺي ويندي آهي يا وري کيس پاڻ کان نفرت ڪرڻ سيکاريندي آهي.
بيروزگاري انسان جي وجود تي سواليه نشان لڳائي ٿي. جڏهن سماج ۾ محنت جو ملهه نه هجي ۽ سفارش جو راڄ هجي، ته اتي "اميد" هڪ گناهه بڻجي ويندي آهي. اسان جو سماج هڪ اهڙي دردناڪ ورهاست جو شڪار آهي.
اسان کي گهرجي ته تعليم کي ميرٽ سان جوڙيون ته جيئن ذهنن جي ۽ صلاحيتن جي توهين نه ٿئي.
اسان جي معاشري ۾ اهڙو نظام آڻڻو پوندو جتي ماڻهو نوڪريءَ لاءِ نه، پر پنهنجي هنر ۽ وقار لاءِ سڃاتو وڃي. غربت ۽ بيروزگاري اهي ناسور آهن جيڪي اسان جي ناڪام سياسي ۽ سماجي نظام اسان کي ڏنا آهن. جيڪڏهن اسان اڃا به خاموش رهياسين، ته تاريخ اسان کي انهن ماڻهن ۾ لکندي جيڪي زندهه ته هئا پر جن جا ضمير مري چڪا هئا. غربت ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو رڳو نعرن يا ڪاغذي ڪارروائين سان ممڪن ناهي، ان لاءِ هڪ گهري، شعوري تبديلي ۽ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
تعليم سان گڏ هنر تائين جو سفر اسان جي تعليمي نظام جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اسان ڊگريون ته ورهايون ٿا پر هنر نه ٿا سيکاريون. بيروزگاريءَ کي ختم ڪرڻ جو هڪ حل فني تعليم به ٿي سگهي ٿو ۽ آهي.
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ آئي ٽي (IT) ۽ ٻيا فني ڪورس لازمي ڪيا وڃن ته جيئن نوجوان ايندڙ نوان هنر سکي ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي۔ ضروري ناهي ته بيروزگاري صرف نوڪري سان ئي ختم ٿي پر ننڍن ڪاروبارن جي شروعات سان به ترقي حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ئي ننڍو ڪاروبار اوهان وڏي پيماني تي کڻي وڃي سگهو ٿا. غربت تڏهن ختم ٿيندي جڏهن گهر گهر ۾ روزگار هوندو. اگر حڪومت ۽ امير طبقو ماڻهن کي روزگار ۽ نوڪريون مهيا نٿي ڪري سگهي ته ماڻهن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار لڳائي ڏين. يا بغير وياج جي ننڍا قرض ڏنا وڃن. يا زڪوات ۽ صدقات جي نظام کي ادارتي شڪل ڏني وڃي ته جيئن اهو پئسو رڳو مانيءَ جي هڪ ويلي تائين محدود نه رهي، پر غريب جي روزگار جو وسيلو بڻجي. تبديلي اسان کان شروع ٿئي ٿي غربت ۽ بيروزگاري رڳو حڪومت جي نااهلي ناهي، پر اسان جي اجتماعي بي حسي پڻ آهي. اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي ۽ پوء محنت جي عظمت کي سمجهڻو پوندو اسان کي ڪنهن به ڪم کي ننڍو نه سمجهڻ گهرجي. پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو. جيڪڏھن زندگيءَ کي آسان بڻائڻو آھي تہ ھر ننڍي وڏي ڪم کي اھميت ڏيڻي پوندي- ۽ جيڪڏھن تعليم کي پنھنجو ھٿيار بڻائي اڳتي وڌنداسين تہ پوءِ اُھو عمل سڀ کان بھتر ۽ مُفيد ھوندو.
0 تبصرے