ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڀاءُ آچر کوسو منهنجي ننهن کي زبردستي گهر ۾ ويهاري ڇڏيو آهي: محمد اسماعيل کوسو

ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي( رپورٽر ) ميهڙ جي ڳوٺ حصيب جتوئي واسي پيرسن محمد اسماعيل کوسو پنهنجي ڀاءُ آچر کوسو جي زيادتين کان تنگ اچي ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو آهي. پيرسن محمد اسماعيل کوسو پنهنجي پٽ فدا حسين سان گڏجي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيو آهي ته ڀاءُ آچر کوسو منهنجي ننهن کي زبردستي ڪارورائي گهر ويهاري ڇڏيو آهي. هن ڀاءُ آچر لالچي قسم جو ماڻهو آهي هو منهنجي ننهن کي ٻئي هنڌ کپائڻ چاهي ٿو. ڪراچي ۾ ميڊيا اڳيان محمد اسماعيل کوسي پنهنجي پٽ فدا حسين سان گڏ احتجاج ڪيو ۽ هن چيو ته آچر ڌي جي ڪورٽ مان طلاق وٺرائي آهي. ٽي چار سال کانپوءِ ڇوڪري ڏني ٽن سالن کانپوءِ وري ويهاري ڇڏيائين. هن چيو ته شادي کي پنج سال ٿيا آهن، اولاد ناهي. ڇوڪري راضي ناهي، ڇوڪري ٻئي هنڌ کپائڻ چاهي ٿو، اسماعيل کوسي جو چوڻ هو ته شازيه سندس پٽ جي نڪاح ۾ آهي جيڪڏهن ڪنهن به ان سان شادي ڪئي ته اهو پاڻ ذميوار هوندو هن چيو ته هن ڀاءُ کان پٽ لاءِ سڱ ورتو هو هاڻ ڀاءُ لالچ ۾ اچي ڌي کي ٻي هنڌ کپائڻ چاهي ٿو پر جيڪڏهن ڪو به ڇوڪري سان پرڻو ڪندو ته اسان ان خلاف عدالت وينداسين ۽ قانوني ڪارروائي ڪرائينداسين.