ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) وزيراعلیٰ سنڌ جي بيورو سپلاءِ اينڊ پرائس ڪنٽرول کاتي جي معاون خصوصي عثمان غني يعقوب هنڱورو، گھارو، ٺٽو ۽ مڪلي جي مختلف مارڪيٽن، بازارن ۽ پيٽرول پمپن جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن خوراڪ واري شين جي معيار، اگهن ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو۔دوري دوران مقامي ماڻهن ۽ صحافين معاون خصوصي کي دڪاندارن پاران ھٿرادو مهانگائي، پاڻمرادو اگھ مقرر ڪرڻ ۽ سرڪاري ريٽ لسٽن تي عمل نه ڪرڻ بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو۔ سندن چوڻ هو ته غير اعلانيه وڌايل اگهن سبب عام ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔معاون خصوصي عثمان غني يعقوب صورتحال تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميه ٺٽو کي فوري قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا۔ هن هدايت ڪئي ته مارڪيٽن ۾ سرڪاري ريٽ لسٽون نمايان هنڌن تي آويزان نه ڪرڻ ۽ من پسند اگهه وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن عوام کي حقيقي رليف ملي سگهي۔دوري دوران ڪيترن ئي دڪاندارن کي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون، جڏهن ته ضلعي انتظاميه کي روزاني بنيادن تي رپورٽون جمع ڪرائڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا۔
0 تبصرے