English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي عائشه مارڪيٽ کاٽ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي
117 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان 4ڪلو وڌيڪَ چاندي جا زيور ۽ ٽيجوڙي هٿ ڪري ورتا آهن: ايس ايڇ او سٽي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ 24 ڏينهن اڳ عائشه مارڪيٽ ۾ مدن سوناري جي دڪان تي لڳل کاٽ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي، پوليس گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن جي نشاندهي تي ڪراچي مان وڌيڪَ چار ڪلو کان وڌيڪَ چاندي جا زيورات ۽ چوري ٿيل ٽجوريءَ هٿ ڪري ورتي آهي، نوابشاه پوليس طرفان شفيق کوکر ۽ حبيب الرحمان نالي ٻن جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ لوڪيٽر ذريعي سڃاڻپ ڪري گرفتار ڪيو ويو هو، سوناري جي دڪان مان مجموعي طور 19 ڪلو چاندي جا زيورات ۽ هڪ لک رپيا نقد رقم چوري ٿي هئي، جنهن مان گرفتاري وقت 8 ڪلو چاندي اڳ ئي نوابشاه پوليس هٿ ڪئي هئي، ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ احمد بخش راهمون موجب ٻنهي جوابدارن جا اعتراف ۽ نشاندهي اهم اڳڀرائين جو سبب بڻيا، هن چيو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق لاهور سان آهي ۽ سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي انهن مٿان ڌاڙن جا 10 کان وڌيڪَ ڪيس داخل آهن، گينگ ۾ پنج کان وڌيڪَ ماڻهون شامل آهن، جن مان ڪجهه اڃان روپوش آهن ۽ سندن گرفتاري لاءِ ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون آهن، فريادي مدن سوناري جو چوڻ هو ته دڪان مان ڪوبه سونو زيور چوري نه ٿيو هو، جڏهن ته پوليس جي ڪاروائي ۽ جاچ کان هو مطمئن آهي، سندس چوڻ آهي ته پوليس ڏينهن رات محنت ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ لوڪيٽر ذريعي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، گرفتار جوابدارن جو چوڻ آهي ته هنن صبح فجر جي وقت کاٽ هنيو ۽ ٽجوريءَ سميت چاندي جا زيورات چوريءَ ڪري فرار ٿيا، هنن اعتراف ڪيو ته سندن گينگ پنج ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪو مختلف شهرن ۾ منظم طريقي سان ڌاڙا هڻندا آهن، پوليس موجب وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ باقي مفرور جوابدارن کي به جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Jan 2026
•
سندھ
کراچی: تجاوزات کے خلاف کریک ڈاؤن، صدر میں 19 ہوٹل اور 13 دکانیں سیل
02nd Jan 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات میں تعطل کی وجہ حکومت نہیں، بانی پی ٹی آئی ہیں: رانا ثناء اللّٰہ
02nd Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں لرزہ خیز واقعہ: مائی کلاچی کے قریب مین ہول سے 4 افراد کی لاشیں برآمد
02nd Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
بھارت میں انوکھا مقدمہ: چوہوں کے ’’کارنامے‘‘ نے 200 کلو چرس کیس میں ملزم کو بری کروا دیا
02nd Jan 2026
•
سندھ
کراچی: تجاوزات کے خلاف کریک ڈاؤن، صدر میں 19 ہوٹل اور 13 دکانیں سیل
02nd Jan 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات میں تعطل کی وجہ حکومت نہیں، بانی پی ٹی آئی ہیں: رانا ثناء اللّٰہ
02nd Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں لرزہ خیز واقعہ: مائی کلاچی کے قریب مین ہول سے 4 افراد کی لاشیں برآمد
02nd Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
بھارت میں انوکھا مقدمہ: چوہوں کے ’’کارنامے‘‘ نے 200 کلو چرس کیس میں ملزم کو بری کروا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ جي عائشه مارڪيٽ
0 تبصرے