English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي عائشه مارڪيٽ کاٽ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي
212 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان 4ڪلو وڌيڪَ چاندي جا زيور ۽ ٽيجوڙي هٿ ڪري ورتا آهن: ايس ايڇ او سٽي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ 24 ڏينهن اڳ عائشه مارڪيٽ ۾ مدن سوناري جي دڪان تي لڳل کاٽ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي، پوليس گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن جي نشاندهي تي ڪراچي مان وڌيڪَ چار ڪلو کان وڌيڪَ چاندي جا زيورات ۽ چوري ٿيل ٽجوريءَ هٿ ڪري ورتي آهي، نوابشاه پوليس طرفان شفيق کوکر ۽ حبيب الرحمان نالي ٻن جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ لوڪيٽر ذريعي سڃاڻپ ڪري گرفتار ڪيو ويو هو، سوناري جي دڪان مان مجموعي طور 19 ڪلو چاندي جا زيورات ۽ هڪ لک رپيا نقد رقم چوري ٿي هئي، جنهن مان گرفتاري وقت 8 ڪلو چاندي اڳ ئي نوابشاه پوليس هٿ ڪئي هئي، ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ احمد بخش راهمون موجب ٻنهي جوابدارن جا اعتراف ۽ نشاندهي اهم اڳڀرائين جو سبب بڻيا، هن چيو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق لاهور سان آهي ۽ سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي انهن مٿان ڌاڙن جا 10 کان وڌيڪَ ڪيس داخل آهن، گينگ ۾ پنج کان وڌيڪَ ماڻهون شامل آهن، جن مان ڪجهه اڃان روپوش آهن ۽ سندن گرفتاري لاءِ ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون آهن، فريادي مدن سوناري جو چوڻ هو ته دڪان مان ڪوبه سونو زيور چوري نه ٿيو هو، جڏهن ته پوليس جي ڪاروائي ۽ جاچ کان هو مطمئن آهي، سندس چوڻ آهي ته پوليس ڏينهن رات محنت ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ لوڪيٽر ذريعي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، گرفتار جوابدارن جو چوڻ آهي ته هنن صبح فجر جي وقت کاٽ هنيو ۽ ٽجوريءَ سميت چاندي جا زيورات چوريءَ ڪري فرار ٿيا، هنن اعتراف ڪيو ته سندن گينگ پنج ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪو مختلف شهرن ۾ منظم طريقي سان ڌاڙا هڻندا آهن، پوليس موجب وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ باقي مفرور جوابدارن کي به جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي عائشه مارڪيٽ
0 تبصرے