ريجنل محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي، مصطفيٰ حسين کوسو،ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو ۽ ٻيا شريڪ
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جي 94 بيچ جي شاگردن طرفان ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ فنڪارن سنڌي گيت چئي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو. انهي موقعي تي ريجنل محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي، مصطفيٰ حسين کوسو،ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو ،سيد عامر شاھ، محمد سليم چنو سميت 94 بيچ جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ھنن چيو ته سنڌ جي ثقافت لازوال تھذيب جي بنياد تي قائم آھي، زنده قومون پنهنجا ثقافتي ڏهاڙا ملهائينديون آهن. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت پيار، محبت ۽ امن جو درس ڏيندڙ آهي، تاريخ گواھ آهي ته سنڌي ثقافت ۾ هٿيار جو وجود ئي ناهي ان جي گواهي قديم ماڳ موهن جو دڙو ڏئي رهيو آهي. ھنن چيو ته سنڌ جي تھذيب پاڪستان جي چئني صوبن تي مشتمل آهي، جنھن مان سنڌو گذرندو آھي، جنھن مٽيءَ مان محبت جي خوشبو ايندي آهي، جنهن جي هوائن ۾ سلامتي، امن، رواداري ۽ انسانيت جو درس سمايل آهي. ھنن چيو ته سنڌ جي ثقافت جي تقريب ملھائي پنهنجي انهن ابن ڏاڏن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، جن هن زمين کي علم، ادب، عشق ۽ امن سان سجايو آھي.تقريب ۾ بهرام چانڊيو، آفتاب عباسي برڪت علي سانگي، ھمت علي عباسي، سڌير تنيو،رياض خشڪ،احمد جتوئي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے