عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد

سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن ۽ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جي تعاون سان سيمينار ٿيو

عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن عمرڪوٽ پاران ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سهڪار سان ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۽ الائيڊ هيلٿ سائنسز عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي جي مناسبت سان هڪ روزه سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، نوجوانن، سماجي ورڪرن ۽ سرڪاري ادارن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪرپشن خلاف گڏيل عزم جو اظهار ڪيو، سيمينار جي صدارت سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن عمرڪوٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀر ڪئي، جنهن خطاب ڪندي چيو ته 9 ڊسمبر عالمي سطح تي ڪرپشن جي خاتمي جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد عام شهري ۾ رشوت مخالف شعور پيدا ڪرڻ، بهتر ولياقت ۽ شفاف نظام کي هٿي ڏيڻو آهي، هن چيو ته رشوت ۽ بدعنواني سماج کي آهستي آهستي کائي وڃن ٿيون، ان لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچي معاشري ۾ ايمانداري جي فضا کي مضبوط ڪرڻو پوندو، تعليمي آفيسر جاويد جوکيو خطاب ڪندي چيو ته رشوت جي خاتمي لاءِ 2003 کان اقوام متحده جو ڪنوينشن (UNCAC) لاڳو آهي، جنهن تي 190 ملڪن صحيحون ڪيون آهن، جن جو مقصد بهتر حڪمراني، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي، هن چيو ته هن سال جو اينٽي ڪرپشن ڊي جو موضوع نوجوانن سان اتحاد ماحولياتي بقا ۽ پائيدار ترق آهي، ڇو ته ماحولياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهن، جڏهن ته امداد ۽ رليف ۾ شفافيت نه هئڻ ڪري متاثر عوام تائين حقيقي سهائتا نٿي پهچي، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر مشرف سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ 1.9 بلين نوجوان آبادي موجود آهي، جيڪا ڪرپشن خلاف گڏجي بيهي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ 64٪ آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، جيڪي وڏي قوت آهن ۽ بهتر حڪمراني ۽ ايماندار نظام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ايڊمنسٽريٽر ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رشوت هڪ عالمي موذي مرض آهي، جيڪو جمهوريت ۽ قومي ادارن کي ڪمزور ڪري اقتصاديات کي تباهه ڪري ٿو، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق پاڪستان 180 ملڪن مان 135 نمبر تي آهي، جيڪو تشويشناڪ انگ آهي، سروپچند مالهي پنهنجي خطاب ۾ رشوت جي تعريف بيان ڪندي چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال يا ذاتي مفاد لاءِ اختيارن مان فائدو وٺڻ کي ڪرپشن چيو وڃي ٿو، هن وڌيڪَ چيو ته سرڪاري نوڪريون، سفارش، گفٽ رقمون، ٽيڪس چوري، عوامي حقن جو استحصال به ڪرپشن جون عام صورتون آهن، نوجوان اڳواڻ سنڌو مري چيو ته صحت، روڊز، تعليم، روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن اندر رشوت عام آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، حنا شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سفارش ۽ پنهنجا نواز پاليسي ختم ڪري، ميرٽ کي هٿي ڏني وڃي ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري پائيدار ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سيمينار دوران نوجوانن ڪرپشن خلاف گڏيل جدوجهد جو عزم ڪيو ۽ معاشري ۾ ايمانداري، شفافيت ۽ ذميواري کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ تي زور ڏنو.